Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 7:23 - Sindhi Bible

23 تڏهن آئون کين صاف چوندس تہ مون اوهان کي ڪڏهن بہ نہ سڃاتو: اي بدڪارو، مون وٽان ٽري وڃو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

23 پر آءٌ کين صاف جواب ڏيئي چوندس تہ ’آءٌ اوهان کي اصل نہ ٿو سڃاڻان. اي ايشور جا نافرمانؤ! مون وٽان هليا وڃو.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

23 پر آءٌ کين صاف جواب ڏيئي چوندس تہ ’آءٌ اوهان کي اصل نہ ٿو سڃاڻان. اي خدا جا نافرمانؤ! مون وٽان هليا وڃو.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

23 پر آءٌ کين صاف جواب ڏيئي چوندس تہ ’آءٌ اوھان کي اصل نہ ٿو سڃاڻان. اي بدڪارو! مون وٽان ھليا وڃو.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 7:23
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي بدڪارو، مون کان پري ٿيو؛ تہ آءٌ پنهنجي خدا جي حڪمن کي مڃيندو رهان.


مغرور تنهنجي اڳيان بيهي ڪين سگهندا؛ توکي سڀني بدڪارن کان نفرت آهي.


اي سڀ بدڪارو مون کان پري ٿيو؛ ڇو جو خداوند منهنجي روئڻ جو آواز ٻڌو آهي.


پر هن ورندي ڏيئي چيو تہ، آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ آئون اوهان کي سڃاڻان ئي ڪين.


تڏهن وري هو کٻي پاسي وارن کي چوندو تہ اي ملعونو، مون وٽان ٽري وڃو، ۽ وڃي هميشہ جي باهہ ۾ پئو، جا شيطان ۽ سندس ملائڪن لاءِ تيار ڪئي ويئي آهي.


جڏهن هڪ دفعو گهر جو مالڪ اُٿيو ۽ در بند ڪيائين، ۽ اوهين ٻاهر بيهي در کڙڪائي چوڻ لڳندا تہ اي ڌڻي، اسان لاءِ در کول؛ ۽ هو جواب ڏيئي چوندو، تہ آئون اوهان کي نٿو سڃاڻان تہ ڪٿان جا آهيو.


۽ هو چوندو، تہ آئون اوهان کي چوان ٿو تہ آئون نٿو سڃاڻان تہ اوهين ڪٿان جا آهيو؛ اوهين مڙيئي بدڪار مون وٽان ٽري وڃو.


چڱو ريڍار آئون آهيان، ۽ آئون پنهنجين رڍن کي سڃاڻان ٿو، ۽ منهنجيون رڍون مون کي سڃاڻن ٿيون؛


تنهن هوندي بہ خدا جو مضبوط بنياد قائم آهي، ۽ انهي تي اها مهر لڳل آهي تہ ”جيڪي خداوند جا آهن، تن کي هو سڃاڻي ٿو؛“ ۽ ”جيڪو خداوند جو نالو ٿو وٺي، تنهن کي ناراستيءَ کان پاسو ڪرڻ گهرجي.“


پر ڪتا، ۽ جادوگر، ۽ زناڪار، ۽ خوني، ۽ بُت پرست ۽ اهي سڀيئي جيڪي ڪوڙ کي پسند ٿا ڪن ۽ ڪوڙ ٿا ٺاهين، سي ٻاهر هوندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ