Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 7:2 - Sindhi Bible

2 ڇالاءِ جو جهڙيءَ طرح اوهين عيب جوئي ڪندا، تهڙيءَ طرح اوهان جي بہ عيب جوئي ٿيندي. ۽ جنهن ماپ سان اوهين مئي ڏيندا، تنهن سان اوهان کي بہ مئي ملندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

2 ڇاڪاڻ تہ جهڙيءَ طرح اوهين ٻين جا عيب اُگھاڙيندا، تهڙيءَ طرح ايشور بہ اوهان جا عيب اُگھاڙيندو. هائو، جهڙي ماپي سان اوهين ٻين کي ماپي ڏيندا، ساڳي ئي ماپي سان اوهان کي بہ ماپجي ملندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 ڇاڪاڻ تہ جهڙيءَ طرح اوهين ٻين جا عيب اُگھاڙيندا، تهڙيءَ طرح خدا بہ اوهان جا عيب اُگھاڙيندو. هائو، جهڙي ماپي سان اوهين ٻين کي ماپي ڏيندا، ساڳي ئي ماپي سان اوهان کي بہ ماپجي ملندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

2 ڇالاءِ⁠جو جيئن اوھين ٻين کي ڏوھي ٺھرائيندا، تيئن اھي بہ اوھان کي ڏوھي ٺھرائيندا ۽ جيئن ٻين کي اوھين ماپي ڏيندا، تيئن ساڳئي ماپي سان اوھان کي بہ ماپجي ملندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 7:2
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هنن بادشاهہ کي چيو تہ جنهن ماڻهوءَ اسان کي چٽ ڪيو ۽ اسان جي برخلاف اها رٿ ڪيائين تہ اسين اسرائيل جي ڪنهن بہ سرحد ۾ رهڻ کان نيست نابود ٿي وڃون،


هائو، هو ٻئي کي لعنت ڪرڻ ۾ خوش هو، سو مٿس لعنت آئي؛ ۽ ٻئي کي برڪت ڏيڻ ۾ خوش ڪونہ هو، سو کيس برڪت ڪانہ ملي.


اک جي عيوض اک، ڏند جي عيوض ڏند، هٿ جي عيوض هٿ، پير جي عيوض پير،


افسوس آهي توتي جو لٽين ٿو، ۽ پاڻ لٽيو نہ وئين؛ ۽ ٺڳي ٿو ڪرين، پر هنن تو سان ٺڳي نہ ڪئي! جڏهن تون ڦرلٽ ڪري بس ڪندين تڏهن تون لٽبين؛ جڏهن تون ٺڳي ڪري بس ڪندين، تڏهن اهي تو سان ٺڳي ڪندا.


تنهن ڪري خداوند، هيئن ٿو فرمائي، تہ ڇالاءِ جو اوهان منهنجو حڪم نہ ٻڌو آهي، ۽ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ پنهنجي ڀاءُ کي، ۽ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ پنهنجي پاڙيسريءَ کي پڌري طرح آزاد ڪري نہ ڇڏيو آهي: ڏسو، خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ اوهان کي ترار جي، ۽ مرض جي، ۽ ڏڪار جي آزاديءَ جي خبر ٿو ڏيان؛ ۽ آءٌ اوهان کي زمين جي سڀني بادشاهتن ۾ هيڏي هوڏي رلائيندس:


خداوند ٿو فرمائي تہ آءٌ بابل کي ۽ ڪسديہ جي سڀني رهاڪن کي اُهي سڀ خرابيون پهچائيندس جي هنن اوهان جي ڏسندي صيون ۾ ڪيون آهن.


ڇالاءِ جو خداوند جو ڏينهن سڀني قومن تي ويجهو آيو آهي: جيئن تو پاڻ ڪيو آهي، تيئن توسان بہ ڪيو ويندو؛ تنهنجو ڪيو خود تنهنجي مٿي تي موٽي ايندو.


ڇالاءِ جو جيڪڏهن اوهين ماڻهن جا ڏوهہ معاف ڪندا، تہ اوهان جو پيءُ جو آسمان ۾ آهي سو بہ اوهان کي معاف ڪندو.


۽ چيائين، تہ جيڪي ٻڌو ٿا سو سنڀالي ٻڌو: جنهن ماپ سان اوهين مئي ڏيندا تنهن سان اوهان کي مئجي ملندو: ۽ اوهان کي پاڻ وڌيڪ ڏنو ويندو.


ڏيندا رهو تہ اوهان کي بہ ٽمٽار ملندو، چڱو ماڻ دٻي دٻي، لوڏي لوڏي، وهندڙ ڪري اوهان جي جهول ۾ ڏيندا. ڇوتہ جنهن ماڻ سان اوهين مئي ڏيندا، تنهن ئي ماڻ سان موٽي اوهان کي مئجي ملندو.


پر آئون هيترو چوان ٿو تہ جيڪو ٿورو ٿو پوکي سو ٿورو لُڻندو، ۽ جيڪو سخاوت سان پوکي ٿو، سو سخاوت سان لُڻندو.


ڇالاءِ جو جنهن پاڻ رحم نہ ڪيو آهي، تنهن جو انصاف بہ رحم کانسواءِ ٿيندو: رحم انصاف تي غالب ٿو پوي.


جيئن هن ڪيو، تيئن اوهين بہ ساڻس ڪيو. ۽ سندس ڪمن جو ٻيڻو بدلو ڏيوس. جيڪو پيالو هن ڀريو، تنهن ۾ سندس لاءِ ٻيڻو ڀريو.


تڏهن ادوني بزق چيو تہ ستر بادشاهہ هٿن پيرن جي آڱوٺن وڍيل، منهنجي دسترخاني هيٺ مانيءَ جا ڀور گڏ ڪري کائيندا هئا. جيئن مون ڪيو، تيئن خدا بہ مون کي بدلو ڏنو. پوءِ کيس يروشلم ۾ وٺي ويا، ۽ هو اُتي مري ويو.


هن جي پيرن تي هن سر جهڪايو، ۽ ڪريو، ۽ ليٽي پيو: هن جي پيرن تي هو اونڌو ٿي ڪري پيو: جتي سر جهڪايائين، اُتي ئي ڪريو ۽ مري ويو.


۽ سموئيل چيو تہ جيئن تنهنجي ترار زالن کي بي اولاد ڪري ڇڏيو آهي تيئن تنهنجي ماءُ بہ زالن ۾ بي اولاد ٿيندي. ۽ سموئيل اجاج کي جلجال ۾، خداوند جي اڳيان وڍي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ