Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 7:12 - Sindhi Bible

12 تنهنڪري جيڪي بہ اوهين ڀانئيو تہ ماڻهو اسان سان ڪن، اُوئين اوهين بہ ساڻن ڪريو، ڇالاءِ جو توريت توڙي نبين جو حڪم اهو ئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

12 سو هاڻ جهڙو سلوڪ اوهين چاهيو ٿا تہ ماڻهو اوهان سان ڪن، تهڙو سلوڪ اوهين بہ ٻين سان ڪريو. اهو ئي موسيٰ جي نيم توڙي سنديش ڏيندڙ ٻين سنتن جي سکيا جو نچوڙ آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 سو هاڻ جهڙو سلوڪ اوهين چاهيو ٿا تہ ماڻهو اوهان سان ڪن، تهڙو سلوڪ اوهين بہ ٻين سان ڪريو. اهو ئي موسيٰ جي شريعت ۽ ٻين نبين جي تعليم جو نچوڙ آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

12 جھڙيءَ طرح اوھين چاھيو ٿا تہ ماڻھو اوھان سان سلوڪ ڪن تھڙيءَ طرح اوھين بہ ٻين سان اھڙو ئي سلوڪ ڪريو. اھو ئي موسيٰ جي شريعت ۽ نبين جي تعليم جو نچوڙ آھي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 7:12
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر جيڪڏهن ڪو شرير پنهنجن سڀني ڪيل گناهن کان باز ايندو، ۽ منهنجا سڀ قانون سنڀاليندو، ۽ قاعدي موجب درست ڪم ڪندو، سو ضرور جيئرو رهندو، ۽ مرندو ڪين.


تون پنهنجيءَ قوم جي ماڻهن کان وير نہ وٺج، نڪي انهن سان ڪينو رکج، پر پنهنجي پاڙيسريءَ کي پاڻ جهڙو پيار ڪج: آءٌ خداوند آهيان.


اي انسان، هن توکي ڏيکاريو آهي تہ چڱائي ڇا آهي؛ ۽ خداوند توکان ٻيو ڇا ٿو گهري، انهي کان سواءِ تہ تون انصاف ڪرين، رحم کي پيار ڪرين، ۽ پنهنجي خدا سان نماڻو ٿي هلين؟


لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ فتويٰ جي لاءِ اوهان کي ويجهو ايندس؛ ۽ جادوگرن، ۽ زناڪارن، ۽ ڪوڙن قسمن کڻندڙن جي برخلاف، ۽ انهن جي برخلاف بہ، جي پورهيت کي مزدوري نٿا ڏين، ۽ بيوهہ زالن ۽ يتيمن تي ظلم ٿا ڪن، ۽ ڌارين سان ناحق ٿا ڪن ۽ مون کان نٿا ڊڄن؛ انهن سڀني جي برخلاف آءٌ تکو شاهد ٿيندس.


ائين نہ ڀانئيو تہ آئون توريت يا نبين جي لکيت کي منسوخ ڪرڻ لاءِ آيو آهيان. آئون منسوخ ڪرڻ لاءِ نہ، پر پوري ڪرڻ لاءِ آيو آهيان.


۽ جيئن اوهين ڀانئيو تہ ماڻهو اسان سان هلن، تيئن اوهين پڻ اُنهن سان هلو.


هاڻي انهي تاڪيد جو مطلب اهو آهي، تہ پاڪ ۽ نيڪ نيت ۽ سچي ايمان سان محبت پيدا ٿئي.


انهي هوندي بہ جيڪي پاڪ ڪتاب ۾ لکيل آهي، تہ ”تون پنهنجي پاڙيسريءَ کي پاڻ جهڙو پيار ڪر“ تنهن موجب جيڪڏهن اوهين الاهي شريعت پوري ٿا ڪريو تہ چڱو ٿا ڪريو؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ