Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 6:7 - Sindhi Bible

7 ۽ دعا گهرڻ مهل اجايا لفظ وري وري نہ چئو، جيئن غير قومن وارا ڪندا آهن؛ ڇالاءِ جو هو ڀائين ٿا تہ گهڻي چوڻ ڪري اسان جي ٻُڌڻ ۾ ايندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

7 اوهين پنهنجي پرارٿنا ۾ اجايا گھڻا لفظ ڪم نہ آڻيو، جيئن غير وشواسي ڪندا آهن، ڇو تہ هو سمجھن ٿا تہ انهن جون ڊگھيون پرارٿنائون ڪرڻ ڪري ايشور سندن ٻڌندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 اوهين پنهنجي دعا ۾ اجايا گھڻا لفظ ڪم نہ آڻيو، جيئن غير ايمان وارا ڪندا آهن، ڇو تہ هو سمجھن ٿا تہ انهن جون ڊگھيون دعائون گھرڻ ڪري خدا سندن ٻڌندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

7 اوھين پنھنجي دعا ۾ اجايا گھڻا لفظ ڪم نہ آڻيو، جيئن غير قومن وارا ڪندا آھن، ڇوتہ ھو سمجھن ٿا تہ انھن جون ڊگھيون دعائون گھرڻ ڪري خدا سندن ٻڌندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 6:7
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو خوابن ۽ اجاين ڳالهين جي گهڻائيءَ مان، ۽ گهڻي ڳالهائڻ جي ڪري ائين ئي ٿي پوي ٿو: پر تون خدا کان ڊڄ.


۽ جي هو انهن جي بہ نہ مڃي، تہ ڪليسيا کي چئو، ۽ جي هو ڪليسيا جي بہ نہ مڃي، تہ پوءِ هن کي غير قوم ۽ محصولي ٺيڪيدار ڪري ڄاڻ.


۽ هو ٿورو اڳڀرو هليو، ۽ منهن ڀر ڪِري ۽ دعا گهُري چوڻ لڳو، تہ اي منهنجا ابا، جي ٿي سگهي تہ هيءُ پيالو مون تان ٽري وڃي: انهي هوندي بہ منهنجي مرضي نہ پر تنهنجي مرضي پوري ٿئي.


وري ٻيو ڀيرو هو هليو ويو، ۽ دعا گهري چوڻ لڳو، تہ اي منهنجا ابا، جي هي منهنجي پيئڻ ڌاران ٽري نٿو سگهي، تہ جيئن تنهنجي مرضي آهي تيئن ٿئي.


۽ وري بہ اُنهن کي ڇڏي هليو ويو، ۽ ٽيون ڀيرو بہ دعا گهري اُهي ساڳيا لفظ چيائين.


ڇالاءِ جو غير قومن وارا انهن سڀني جا ڳولائو آهن؛ ۽ اوهان جو پيءُ، جو آسمان ۾ آهي، تنهن کي خبر آهي تہ اوهان کي انهن سڀني شين جي گهرج آهي.


پر جڏهن ڏٺائون تہ هي يهودي آهي، تڏهن سڀني گڏجي ٻن ڪلاڪن تائين وڏي سڏ پڪاري پئي چيو، تہ ”افسين جي ديوي ارتمس جي جئي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ