Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 6:2 - Sindhi Bible

2 تنهنڪري جڏهن تون خيرات ڪرين، تڏهن پنهنجي اڳيان توتاري نہ وڄاءِ، جهڙيءَ طرح ڪ رياڪار ماڻهو عبادتگاهن ۽ گهٽين ۾ ڪندا آهن، انهي لاءِ تہ ماڻهو سندن تعريف ڪن. آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هنن کي پنهنجو اجر ملي چڪو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

2 تنهنڪري جڏهن اوهين ڪنهن کي دان ڏيو تہ ان جو ڏيکاءُ نہ ڪريو، جيئن پاکنڊي ڀڳتيءَ وارين جاين ۽ بازارن ۾ ڪندا آهن. اهي هي ڪم انهيءَ ڪري ڪندا آهن تہ جيئن ماڻهو انهن جي ساراهہ ڪن. پر آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ انهن کي پنهنجو لاڀ ملي چڪو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 تنهنڪري جڏهن اوهين ڪنهن کي خيرات ڏيو تہ ان جو ڏيکاءُ نہ ڪريو، جيئن رياڪار عبادت‌خانن ۽ بازارن ۾ ڪندا آهن. اهي هي ڪم انهيءَ ڪري ڪندا آهن تہ جيئن ماڻهو انهن جي ساراهہ ڪن. پر آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ انهن کي پنهنجو اجر ملي چڪو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

2 تنھنڪري جڏھن اوھين ڪنھن کي خيرات ڏيو تہ ان جو ڏيکاءُ نہ ڪريو، جيئن رياڪار عبادت⁠خانن ۽ بازارن ۾ ڪندا آھن. اھي ھي ڪم انھيءَ ڪري ڪندا آھن تہ جيئن ماڻھو انھن جي ساراھہ ڪن. پر آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ انھن کي پنھنجو اجر ملي چڪو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 6:2
56 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن سخاوت سان محتاجن کي ڏنو آهي؛ سندس راستبازي هميشہ تائين قائم رهندي: هن جو سڱ عزت سان مٿي ڪيو ويندو.


بدڪار اُڌارو وٺي وري موٽائي نٿو ڏئي، پر راستباز رحمدل ٿي ڏئي ٿو.


جنهن کي مسڪين تي رحم ٿو اچي سو خداوند کي اُڌارو ٿو ڏئي، ۽ انهيءَ جي چڱي ڪم جو بدلو هو کيس پاڻيهي وري ڏيندو.


گهڻو ڪري هرڪو ماڻهو پنهنجي مهربانيءَ جي خبر ڏيندو: پر وفادار ماڻهو ڪير لهي سگهندو؟


حصو ستن کي بلڪ اٺن کي ڏي؛ ڇالاءِ جو توکي خبر ڪانهي تہ زمين تي ڪهڙي خرابي ٿيندي.


آءٌ انهي کي بي دين قوم تي موڪليندس، ۽ پنهنجي ڪاوڙ واري قوم تي انهي کي حڪم ڏيندس، تہ وڃي ڦري لٽي ۽ شڪار ڪري، ۽ انهن کي وڃي گهٽين جي گپ وانگي لتاڙي.


اهو روزو ناهي ڇا تہ تون پنهنجي ماني بکين کي ڏين، ۽ جيڪي غريب دربدر آهن تن کي پنهنجي گهر وٺي اچين؟ ۽ جڏهن ڪو اُگهاڙو ڏسين تہ انهي کي ڪپڙا ڍڪائين؛ ۽ پنهنجي هم جنس کان منهن نہ لڪائين؟


تنهن ڪري خداوند انهن جي جوان ماڻهن تي خوش نہ ٿيندو، نڪي هو انهن جي يتيمن ۽ بيوہ زالن تي رحم ڪندو: ڇالاءِ سڀڪو بي دين ۽ بدڪار آهي، ۽ سڀڪو وات بيوقوفيءَ جي ڳالهہ ٿو ڪري. ايتري هوندي بہ هن جي ڪاوڙ لهي نہ وئي آهي، پر هن جو هٿ اڃا ڊگهيريل آهي.


قرناءِ پنهنجي وات تي رک. هو عقاب وانگر خداوند جي گهر تي ڪاهي ٿو اچي: ڇالاءِ جو هنن منهنجي عهد اقرار جي برخلاف، ۽ منهنجي شريعت جي برخلاف هلت ڪئي آهي.


اي رياڪارو، اوهان بابت يسعياہ ڪهڙي نہ پوري پيشنگوئي ڪئي آهي تہ


۽ جڏهن صبح جو ٿو ٿئي تہ چئو ٿا تہ اڄ مينهن پوندو: اوهان کي خبر پوي ٿي تہ آسمان جون نشانيون ڪيئن سهي ڪجن؛ پر زماني جون نشانيون سهي ڪري نٿا سگهو.


پر يسوع هنن جي بدنيتي سهي ڪري چيو تہ اي رياڪارو، اوهين ڇو ٿا مون کي آزمايو؟


پر هو پنهنجا سڀ ڪم ماڻهن کي ڏيکارڻ لاءِ ٿا ڪن: ڇالاءِ جو هو پنهنجا تعويذ وڏا ٿا ڪن، ۽ پنهنجن قبائن جون دامنيون ڪشاديون ٿا ڪن،


۽ مجلس ۾ خاص جڳهون، ۽ عبادتگاهن ۾ اعليٰ درجي جون جايون پسند ٿا ڪن.


۽ انهي کي سخت عذاب ڏيئي، کيس رياڪارن سان شامل ڪندو: ۽ اتي روئڻ ۽ ڏند ڪرٽڻ ٿيندو.


ڇالاءِ جو آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيسين آسمان ۽ زمين ٽري نہ وڃن، تيسين توريت جي سڀني ڳالهين پورين ٿيڻ کان سواءِ، انهن مان ڪنهن بہ طرح هڪڙي زبر يا هڪڙو نقطو بہ ٽري نہ ويندو.


۽ جڏهن اوهين روزو رکو، تڏهن رياڪارن وانگر منهن لٿل نہ ٿيو، ڇالاءِ جو اُهي پنهنجا منهن بدشڪل ڪيو وجهن، انهي لاءِ تہ ماڻهو ڏسن تہ هنن روزو رکيو آهي. آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هنن کي پنهنجو اجر ملي چڪو.


پر جڏهن تون خيرات ڪرين، تڏهن هيئن ڪر جو جيڪي تنهنجو ساڄو هٿ ڪري، تنهن جي کاٻي کي خبر بہ نہ پوي:


۽ جڏهن اوهين دعا گهرو، تڏهن رياڪارن جهڙا نہ ٿيو، ڇالاءِ جو اُهي عبادتگاهن ۾ ۽ گهٽين جي ڪنڊن تي بيهي دعا گهرڻ پسند ٿا ڪن، انهي لاءِ تہ ڀلي ماڻهو کين ڏسن، آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ هنن کي پنهنجو اجر ملي چڪو.


اي رياڪار پهرين تون پنهنجي اک مان شهتير ڪڍ، تہ پوءِ صاف ڏسي پنهنجي ڀاءُ جي اک مان ڪٽر ڪڍي سگهندين.


۽ عبادتگاهن ۾ اعليٰ درجي جون جايون ۽ مجلس ۾ خاص جڳهون ملن:


هن چيو تہ اوهان رياڪارن بابت يسعياہ نبيءَ ڪهڙي نہ پوري پيشنگوئي ڪري ويو آهي، جو لکيل آهي تہ ”هيءَ اُمت پنهنجن چپن سان مون کي مانُ ٿي ڏئي، پر هنن جي دل مون کان پري آهي.


پر جيڪي اندر جو آهي سو خيرات ڪري ڇڏيو؛ تہ ڏسو، سڀ ڪجهہ اوهان لاءِ پاڪ ٿيندو.


اي فريسيو، افسوس اوهان تي! ڇالاءِ جو اوهين عبادتخانن ۾ اعليٰ درجي جون جايون پسند ٿا ڪريو، ۽ اوهان کي وڻي ٿو تہ بازارن ۾ ماڻهو اسان کي سلام ڪن.


جيڪي اٿوَ سو وڪڻي خيرات ڪريو؛ پنهنجي لاءِ اهڙيون ڳوٿريون ٺاهيو جي پراڻيون نہ ٿين؛ يعني اهڙو مال آسمان ۾ ڪَٺو ڪري رکو جو کُٽي ئي نہ، جتي نہ چور ويجهو اچي، نہ ڪينئون خراب ڪري.


اي رياڪارو، اوهان کي زمين ۽ آسمان جي صورت سڃاڻڻ اچي ٿي، پر زماني کي سهي ڪري نٿا سگهو؟


پر خداوند کيس جواب ڏيئي چيو، تہ اي رياڪارو، سبت جي ڏينهن اوهان مان هرڪو پنهنجو ڏاند يا گڏهہ وٿاڻ مان ڇوڙي پاڻي پيارڻ ڪين وٺي ويندو آهي ڇا؟


فقيهن کان سنڀالجو جن کي ڊگها چوغا پائي گهمڻ وڻي ٿو، ۽ جي ڀانئين ٿا تہ بازارن ۾ اسان کي سلام، ۽ عبادتخانن ۾ اعليٰ درجي جون جايون، ۽ مجلسن ۾ خاص جڳهون ملن.


پر افسوس اوهان تي، جي دولتمند آهيو! ڇالاءِ جو اوهان کي پنهنجي تسلي ملي چڪي آهي.


يا ڪيئن تون پنهنجي ڀاءُ کي چوندين، تہ ادا، مون کي تنهنجي اک مان ڪٽر ڪڍڻ ڏي، جڏهن تنهنجي اک ۾ جو شهتير پيو آهي سو نٿو ڏسين؟ اي رياڪار، پهريائين تون پنهنجي اک مان شهتير ڪڍ، تہ پوءِ پنهنجي ڀاءُ جي اک جو ڪٽر صاف ڏسي ڪڍي سگهندين.


ڇالاءِ جو ڪن ڀانئيو ٿي تہ يهوداهہ وٽ ڳوٿري رهندي آهي، تنهنڪري يسوع چويس ٿو تہ عيد لاءِ جيڪي شيون اسان کي کپن سي ڳنهہ؛ يا تہ ڪجهہ غريبن کي ڏي.


مون کي ماڻهن کان وڏائي ڪانہ گهرجي.


اوهين جي هڪ ٻئي کان وڏائي ٿا گهُرو، پر اها وڏائي جا هڪڙي ئي خدا کان ٿي ملي تنهن جي ڳولا نٿا ڪريو، سي ڀلا ڪيئن ايمان آڻي سگهندا؟


جو پاڻو ٿو چوي، سو پنهنجي وڏائي ٿو ڳولي: پر جيڪو انهيءَ جي وڏائي ٿو ڳولي، جنهن کيس موڪليو آهي، سو ئي سچو آهي ۽ منجهس کوٽ ڪونهي.


هو ديندار ماڻهو هو، ۽ پاڻ توڙي سندس گهراڻو سڀ خدا جو ڊپ رکندا هئا؛ ۽ هو اُمت کي گهڻي خيرات ڏيندو هو، ۽ هميشہ خدا کان دعا گهُرندو هو.


۽ چوڻ لڳو، تہ اي ڪرنيليس، تنهنجي دعا قبول پيئي آهي، ۽ تنهنجي خيرات خدا جي حضور ۾ ياد آهي.


۽ هن ڏانهنس چتائي نهاريو، ۽ ڊڄي ڊڄي چيائين، تہ اي خداوند ڇا آهي؟ هن چيس تہ تنهنجون دعائون ۽ تنهنجون خيراتون خدا جي حضور ۾ قبول پيون آهن.


سو شاگردن مان هرهڪ ارادو ڪيو تہ جيڪي ڀائر يهوديہ ۾ رهندا آهن، تن ڏانهن پنهنجي وسعت آهر ڪجهہ مدد طور موڪليون.


هاڻي آئون گهڻن ورهين کان پوءِ آيس تہ پنهنجي قوم کي خيرات ڏيان ۽ نذر چاڙهيان.


هاڻي يافا ۾ هڪڙي شاگردياڻي هئي، جنهن جو نالو طبيتا هو، جنهن جي معنيٰ آهي ”هرڻي“؛ اُها زال گهڻا ئي نيڪ ڪم ڪندي ۽ خيراتون ڏيندي هئي.


يا جيڪو نصيحت ڪندڙ هجي سو نصيحت ڪرڻ ۾ رڌل رهي: جيڪو خيرات ڏئي سو سخاوت سان ڏئي؛ جيڪو حاڪم هجي، سو لياقت سان حڪم هلائي؛ جيڪو رحم ڏيکاري سو خوشيءَ سان ڏيکاري.


۽ جي آئون پنهنجو سڀوئي مال ملڪيت غريبن کي کارائي ڇڏيان، ۽ پنهنجو بدن سڙڻ لاءِ ڏيئي ڇڏيان، پر محبت نہ هجيم، تہ انهي مان مون کي ڪو فائدو ڪونهي.


رڳو هنن اها خواهش ڏيکاري تہ اسان کي غريبن جي يادگيري رکڻ گهرجي. پر انهي ساڳئي ڪم ڪرڻ ۾ آئون اڳيئي سرگرم هوس.


جنهن هيستائين چوري ٿي ڪئي، سو اڳتي چوري نہ ڪري؛ بلڪ گهُرجيس تہ پورهيو ڪري پنهنجن هٿن سان چڱا ڪم ڪري، تہ وٽس ايترو موجود ٿئي، جنهن مان گهُرج واري کي ڪجهہ ڏيئي سگهي.


جيتوڻيڪ اسين مسيح جا رسول ٿي اوهان تي بار وجهي ٿي سگهياسين، پر تڏهن بہ اسان ماڻهن کان عزت ڪانہ گهُري.


۽ هو نيڪي ڪن، ۽ چڱن ڪمن ۾ توانگر ٿين، سخاوت ڪرڻ لاءِ تيار رهن ۽ ٻين جي واهر ڪرڻ لاءِ راضي رهن؛


ڇالاءِ جو مون کي تنهنجي محبت جي ڪري گهڻي خوشي ۽ تسلي ٿي آهي: اي ادا، تنهنجي ڪري ئي پاڪ ٿيلن جون دليون تازيون ٿيون آهن.


پر نيڪي ڪرڻ ۽ خيرات ڏيڻ متان وساريو: ڇالاءِ جو اهڙين قربانين ڪري خدا خوش ٿو ٿئي.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو منادي ڪري تہ اهو خدا جي ڪلام موجب ڪري؛ جيڪڏهن ڪو خدمت ڪري تہ اهڙي ڪري جهڙي خدا طاقت ڏني هجيس، انهي لاءِ تہ سڀني ڳالهين ۾ يسوع مسيح جي وسيلي خدا جو جلال ظاهر ٿئي، جنهن جي وڏائي ۽ بادشاهي هميشہ تائين قائم آهي. آمين.


تڏهن هن چيو تہ مون گناهہ ڪيو آهي: انهي هوندي بہ آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ منهنجي قوم جي بزرگن جي اڳيان، ۽ اسرائيل جي اڳيان، منهنجي آبرو رک؛ ۽ مون سان گڏجي موٽي هل تہ آءٌ خداوند، تنهنجي خدا کي سجدو ڪريان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ