Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 5:9 - Sindhi Bible

9 مبارڪ آهن اُهي جي صلح ٿا ڪرائين، ڇالاءِ جو اُهي خدا جا ٻار سڏبا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

9 سڀاڳا آهن اهي جيڪي ماڻهن ۾ صلح ڪرائين ٿا، ڇاڪاڻ تہ ايشور انهن کي پنهنجا ٻار سڏيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 سڀاڳا آهن اهي جيڪي ماڻهن ۾ صلح ڪرائين ٿا، ڇاڪاڻ تہ خدا انهن کي پنهنجا ٻار سڏيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

9 سڀاڳا آھن اھي جيڪي ماڻھن ۾ صلح ڪرائين ٿا، ڇالاءِ⁠جو خدا انھن کي پنھنجو ٻار سڏيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 5:9
31 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ دائود انهن جي استقبال لاءِ نڪري ويو، ۽ انهن کي ورنديءَ ۾ چيائين تہ جيڪڏهن اوهين خير سان مون کي مدد ڏيڻ لاءِ ٿا اچو تہ منهنجي دل اوهان سان ڳنڍجي ويندي: پر جي اوهين دغا ڪري مون کي منهنجن دشمنن جي حوالي ڪرڻ آيا آهيو، تہ جڏهن منهنجي هٿان ڪوبہ قصور نہ ٿيو آهي، تڏهن شل اسان جي ابن ڏاڏن جو خدا انهيءَ کي ڏسي، ۽ انهيءَ لاءِ ملامت ڪري.


جيڪي صلح سان دشمني ٿا رکن تن سان رهندي مون کي گهڻي مدت ٿي ويئي آهي.


اهو ڪهڙو ماڻهو آهي جو حياتيءَ جي خواهش رکي وڏي عمر ٿو چاهي، انهيءَ لاءِ تہ ڀلائي ڏسي؟


تہ اوهان جو پيءُ جو آسمان ۾ آهي تنهن جا ٻار ٿيو: ڇالاءِ جو اُهو پنهنجو سج چڱن ۽ مندن تي اُڀرائي ٿو، ۽ سچن ۽ ڪوڙن تي مينهن ٿو وسائي.


تنهنڪري جيئن اوهان جو پيءُ جو آسمان ۾ آهي سو ڪامل آهي، تيئن اوهين بہ ڪامل ٿيو.


ڇالاءِ تہ اُهي وري ڪڏهن مرڻ جا نہ آهن، بلڪ اُهي ملائڪن جهڙا آهن، ۽ قيامت جا ٻار ٿيڻ سببان خدا جا ٻار آهن.


پر اوهين پنهنجن دشمنن کي پيار ڪريو، ۽ ساڻن ڀلائي ڪريو، اُڌارو ڏيو ۽ نااُميد نہ ٿيو، تہ اوهان جو اجر وڏو ٿيندو ۽ اوهين خدا تعاليٰ جا فرزند ٿيندا: ڇوتہ هو بي شڪرن ۽ برن تي مهربان آهي.


۽ ٻئي ڏينهن وري هنن مان ٻن کي پاڻ ۾ وڙهندو ڏسي وٽن ويو، ۽ کين پاڻ ۾ پرچائڻ جي ارادي سان چيائين، اوهين ڀائر آهيو، هڪ ٻئي تي ظلم ڇو ٿا ڪريو؟


جي ٿي سگهي تہ وس پڄندي سڀني ماڻهن سان ميل ميلاپ ۾ رهو.


هن ڪري جو جيڪي خدا جي روح جي موجب هلن ٿا، سي خدا جا ٻار آهن.


تڏهن اُهو روح پاڻ اسان جي روح سان گڏ شاهدي ٿو ڀري، تہ اسين خدا جا ٻار آهيون:


تنهنڪري مخلوقات ڏاڍي شوق سان خدا جي فرزندن جي ظاهر ٿيڻ جي منتظر آهي،


پر ڀاءُ ڀاءُ تي مقدمو ٿو هلائي، سو بہ بي دينن جي اڳيان؟


آخر ۾، اي ڀائرو، شل خوش هجو. ڪامل ٿيو؛ دلجاءِ ڪريو؛ يڪ دلا ٿيو؛ اطمينان ۾ رهو؛ ۽ خدا، جو محبت ۽ اطمينان جو چشمو آهي، سو اوهان سان هجي.


تنهنڪري اسين مسيح جي طرفان ايلچي آهيون، ڄڻ تہ اسان جي وسيلي خدا اوهان کي منٿ ٿو ڪري، ۽ اسين اوهان کي مسيح جي پاران نيزاري ٿا ڪريون، تہ خدا سان ميل ميلاپ ڪريو.


پر روح جو ڦل آهي محبت، خوشي، اطمينان، صبر، مهرباني، نيڪي، ايمانداري،


تنهنڪري آئون، جو خداوند ۾ قيدي آهيان، سو اوهان کي عرض ٿو ڪريان تہ جنهن ڪوٺ سان اوهين ڪوٺيا ويا آهيو، انهي جي لائق هلو،


آئون يوئوديہ کي نصيحت ٿو ڪريان ۽ صنتخيءَ کي بہ، تہ اُهي خداوند ۾ يڪدل ٿي رهن.


جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جو ڪنهن ڏانهن رنج هجي تہ انهي جي برداشت ڪريو ۽ هڪٻئي کي معاف ڪريو؛ جهڙيءَ طرح ڪ خداوند اوهان کي معاف ڪيو، تهڙيءَ طرح اوهين بہ ڪريو؛


سڀني ماڻهن سان ميل ميلاپ رکو، ۽ پاڪيزگيءَ جا طالب ٿيو، جنهن کانسواءِ ڪوبہ ماڻهو خداوند کي نہ ڏسندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ