Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 5:6 - Sindhi Bible

6 مبارڪ آهن اُهي جي سچائيءَ جا بکايل ۽ اُڃايل آهن، ڇالاءِ جو اُهي ڍائبا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

6 سڀاڳا آهن اهي جيڪي سچائيءَ جا بکايل ۽ اڃايل آهن، ڇاڪاڻ تہ ايشور انهن کي چڱيءَ طرح ڍءُ ڪرائيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 سڀاڳا آهن اهي جيڪي سچائيءَ جا بکايل ۽ اڃايل آهن، ڇاڪاڻ تہ خدا انهن کي چڱيءَ طرح ڍءُ ڪرائيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

6 سڀاڳا آھن اھي جيڪي سچائيءَ جا بکايل ۽ اڃايل آھن، ڇالاءِ⁠جو خدا انھن کي چڱيءَ طرح ڍءُ ڪرائيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 5:6
29 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇو جو هو منتظر جان کي ڍءُ ٿو ڪرائي، ۽ بکي جان کي چڱين شين سان ڀريو ڇڏي.


جيڪي کانئس ڊڄن ٿا هو انهن جي مراد پوري ڪندو؛ ۽ انهن جي دعا ٻڌي کين بچائيندو.


باقي آءٌ، سو سچائيءَ سان تنهنجو منهن ڏسندس: جڏهن آءٌ جاڳندس تڏهن تنهنجي صورت ڏسي ڍءُ ڪندس.


منهنجي جان ڄڻ تہ گودي ۽ چرٻي کائي ڍءُ ڪندي؛ ۽ منهنجو وات مشڪندڙ چپن سان تنهنجي تعريف ڪندو؛


مبارڪ آهي اُهو ماڻهو جنهن کي تون چونڊي پاڻ وٽ اچڻ ٿو ڏين، تہ اهو تنهنجيءَ درگاهہ ۾ رهي: اسين تنهنجي گهر، يعني تنهنجيءَ پاڪ هيڪل جي چڱين شين سان آسودا ٿينداسين.


منهنجي جان خداوند جي درگاهہ لاءِ ڏاڍي پيئي سڪي، هائو، هن لاءِ بيحال آهي؛ منهنجي دل ۽ منهنجو جسم ٻئي زندہ خدا کي پيا پڪارين.


شرير جو ڊپ سندس سر تي ايندو: ۽ سچي جي مراد پوري ڪئي ويندي.


جيڪو سچائي ۽ رحم جي پٺيان هلي ٿو، سو حياتي، سچائي ۽ عزت لهي ٿو.


اي منهنجي ڀيڻ، منهنجي ڪنوار، آءٌ پنهنجي باغ ۾ آيو آهيان: مون پنهنجي مر پنهنجي مصالحہ سميت گڏ ڪئي آهي؛ مون پنهنجو مانارو پنهنجي ماکيءَ سميت کاڌو آهي؛ مون پنهنجو شراب پنهنجي کير سان پيتو آهي. اي دوستو کائو؛ هائو، اي محبوب پيءُ، بي انداز پيءُ.


۽ هن جبل تي لشڪرن جو خداوند سڀني قومن جي لاءِ ٿلهين شين جي مهماني ڪندو، شرابن جي ڀريل مٽن سان؛ مک سان ڀريل ٿلهين شين سان، ۽ چڱيءَ طرح صاف ٿيل شراب جي مٽن سان.


غريب ۽ محتاج پاڻي ڳولين ٿا پر اهو نٿو ملين، انهن جي زبان اُڃ جي ڪري خشڪ ٿي وئي آهي؛ آءٌ خداوند انهن کي ورندي ڏيندس، آءٌ اسرائيل جو خدا انهن کي ڇڏي نہ ڏيندس.


ڇالاءِ جو آءٌ اُڃايل تي پاڻي هاريندس، ۽ سڪيءَ زمين تي نهرون وهائيندس: آءٌ تنهنجي نسل تي پنهنجو روح، ۽ تنهنجي اولاد تي پنهنجي برڪت نازل ڪندس.


تنهن ڪري خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو، منهنجا بندا کائيندا، پر اوهين بکيا رهندا؛ ڏسو، منهنجا بندا پيئندا، پر اوهين اُڃيا رهندا: ڏسو، منهنجا بندا خوشيون ڪندا، پر اوهين شرمندا ٿيندا:


تہ اوهين هن جي دلاسن جو چڳڙ ڌائي ڍءُ ڪريو؛ ۽ هن جي شان جي گهڻائيءَ ڪري سرها ٿيو.


ڇالاءِ جو ٿڪل جان کي مون ڍاول ڪيو آهي، ۽ سڀ ڪنهن غمگين روح کي مون راضي ڪيو آهي.


هن بکين کي چڱين شين سان ڍائي ڇڏيو آهي ۽ ڍاولن کي سکڻي هٿ موٽايو اٿس.


مبارڪ آهيو اوهين، جي هاڻي بکون ٿا ڪڍو: ڇالاءِ جو اوهين ڍائبا. مبارڪ آهيو اوهين، جي هاڻي روئو ٿا، ڇالاءِ جو اوهين کِلندا.


افسوس اوهان تي، جي هينئر ڍاول آهيو! ڇالاءِ جو اوهين بکون ڪڍندا. افسوس اوهان تي، جي هاڻي کِلو ٿا! ڇالاءِ جو اوهين ماتم ڪندا ۽ روئندا.


پر جو پاڻي آئون ڏيندوسانس، سو جيڪو پيئندو، تنهن کي وري اُڃ ڪانہ لڳندي؛ بلڪ پاڻي جو آئون ڏيندوسانس، سو ان ۾ پاڻيءَ جو هڪ چشمو ٿي پوندو، جو هميشہ جي زندگي تائين پيو وهندو.


جيڪو کاڄ فاني آهي، تنهن لاءِ محنت نہ ڪريو، پر اُنهي کاڄ لاءِ، جو هميشہ جي زندگيءَ تائين هلي ٿو، جو ابن آدم اوهان کي ڏيندو: ڇالاءِ تہ پيءُ يعني خدا، هن تي ئي مهر هنئي آهي.


تڏهن عيد جي پوئين ڏينهن، جو خاص ڏينهن هو، يسوع بيهي وڏي آواز سان چوڻ لڳو تہ جيڪڏهن ڪو اُڃايل هجي تہ اُهو مون وٽ اچي پيئي.


هنن کي وري نڪا بُک لڳندي، نڪا اُڃ؛ نڪا کين اُس لڳندي، نڪا گرمي:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ