Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 5:30 - Sindhi Bible

30 ۽ جيڪڏهن تنهنجو ساڄو هٿ توکي ڀُلائي تہ اُهو وڍي پاڻ وٽان اُڇلائي ڇڏ، ڇالاءِ جو تنهنجي لاءِ اهو بهتر آهي تہ تنهنجن عضون مان هڪڙو هليو وڃي، پر تنهنجو سڄو بُت جهنم ۾ نہ پوي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

30 جيڪڏهن ڪنهن جو ساڄو هٿ کيس ڀَٽڪائي وجھي تہ هو ان کي وڍي اڇلائي ڇڏي، ڇاڪاڻ تہ هن لاءِ اهو بهتر آهي تہ سندس عضون مان ڀلي هڪڙو هليو وڃي پر هن جو سڄو شرير نرڳ ۾ نہ پوي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

30 جيڪڏهن ڪنهن جو ساڄو هٿ کيس گمراهہ ڪري تہ هو ان کي وڍي اڇلائي ڇڏي، ڇاڪاڻ تہ هن لاءِ اهو بهتر آهي تہ سندس عضون مان ڀلي هڪڙو هليو وڃي پر هن جو سڄو بدن دوزخ ۾ نہ پوي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

30 جيڪڏھن تنھنجو ساڄو ھٿ تو کي گمراھہ ڪري تہ ان کي وڍي اڇلائي ڇڏ، ڇالاءِ⁠جو تنھنجي لاءِ اھو بھتر آھي تہ تنھنجي عضون مان ڀلي ھڪڙو ھليو وڃي پر تنھنجو سڄو بدن جھنم ۾ نہ پوي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 5:30
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جيڪڏهن تنهنجو هٿ توکي ڀُلائي، تہ وڍي ڇڏينس: تنهنجي لاءِ ٽُنڊو ئي زندگيءَ ۾ داخل ٿيڻ، انهي کان بهتر آهي تہ ٻن هٿن سان جهنم جي اڻ وسامندڙ باهہ ۾ پوين؛


۽ جيڪڏهن تنهنجي ساڄي اک توکي ڀُلائي تہ اُها پٽي ڪڍي پاڻ وٽان اُڇلائي ڇڏ: ڇالاءِ جو تنهنجي لاءِ اهو بهتر آهي تہ تنهنجن عضون مان هڪڙو هليو وڃي، پر تنهنجو سڄو بُت جهنم ۾ نہ پوي.


۽ ”ٿاٻڙجڻ جو پهڻ ۽ ٺوڪر کائڻ جي ڇپ“: ڇالاءِ جو هو نافرمان ٿي ڪلام کان گمراهہ ٿا ٿين: ۽ انهي جي لاءِ هو مقرر بہ ڪيا ويا هئا.


تنهنڪري جي کاڌو منهنجي ڀاءُ کي گمراهہ ٿو ڪري تہ آئون ڪڏهن بہ گوشت نہ کائيندس، تہ متان آئون پنهنجي ڀاءُ کي گمراهہ ڪريان.


هنن ننڍڙن مان هڪڙي کي بہ جيڪو گمراهہ ٿو ڪري، تنهن کان هن جي لاءِ چڱو هيئن ٿيندو، تہ جنڊ جو پڙ سندس ڳچيءَ ۾ لڙڪائي هن کي سمنڊ ۾ کڻي اُڇلائجي.


تڏهن بہ هن منجهہ اڃا پاڙ نہ لڳي آهي، تنهنڪري ٿوري وقت تائين اُهو جٽاءُ ڪري ٿو؛ ۽ جڏهن اُنهي ڪلام جي سبب سختي يا ستائڻ شروع ٿو ٿئي، تڏهن يڪدم هو ڀلجيو وڃي.


پر آئون اوهان کي چتايان ٿو تہ ڊڄو انهي کان، جنهن کي مارڻ کانپوءِ جهنم ۾ وجهڻ جي قدرت آهي؛ هائو، آئون اوهان کي چوان ٿو تہ انهي کان ڊڄو.


پر اي ڀائرو، جيڪڏهن آئون اڃا تائين ختني جي منادي ٿو ڪريان تہ پوءِ ڇو ٿو ستائجان؟ پوءِ صليب ٺوڪر جو باعث نہ رهيو.


جيئن ڪ لکيل آهي، تہ ”ڏسو، آئون صيون ۾ ٿاٻي کارائڻ وارو پهڻ ۽ ٺوڪر کارائڻ واري ڇپ ٿو رکان: ۽ جيڪو مٿس ايمان آڻيندو، سو شرمندو نہ ٿيندو.“


پوءِ يسوع هنن کي چيو تہ اوهين سڀ اڄ رات منهنجي سبب ڪري ٺوڪر کائيندا: ڇالاءِ جو لکيل آهي تہ ”آئون ريڍار کي ماريندس ۽ ڌڻ جون رڍون رلي ڇلي وينديون.“


تڏهن بادشاهہ نوڪرن کي چيو تہ هن جا هٿ پير ٻَڌي ٻاهر اونداهيءَ ۾ ڪڍي ڇڏيوس، اتي روئڻ ۽ ڏند ڪرٽڻ ٿيندو.


۽ جنهن کي پنج قنطار مليا هئا، سو ٻيا پنج قنطار بہ کڻي آيو، ۽ چوڻ لڳو تہ سائين، تو مون کي پنج قنطار ڏنا هئا: اِجهي پنج قنطار ٻيا بہ مون ڪمايا آهن.


پر هن ڦري پطرس کي چيو تہ اي شيطان، منهنجي اڳيان ٽر: تون مون کي گمراهہ ٿو ڪرين: ڇالاءِ جو توکي خدا جي ڳالهين جو فڪر ڪونهي، پر فقط ماڻهن جو فڪر اٿيئي.


۽ مبارڪ آهي اُهو جيڪو منهنجي ڪري گمراهہ نٿو ٿئي.


پر آئون اوهان کي چوان ٿو تہ جيڪو پنهنجي ڀاءُ سان ڪاوڙجي ٿو، سو عدالت جي سزا جوڳو ٿيندو؛ ۽ جيڪو پنهنجي ڀاءُ کي چوندو تہ اي ديوانا، سو صدر عدالت جي سزا جوڳو ٿيندو؛ ۽ جيڪو چوندو تہ اي احمق، سو جهنم جي باهہ جوڳو ٿيندو.


پر متان اسين کين گمراهہ ڪريون، تنهنڪري تون سمنڊ ۾ وڃي ڪُنڍي وجهہ، ۽ جيڪا مڇي پهرين نڪري سا کڻ؛ ۽ جڏهن اُنهي جو وات پَٽيندين، تڏهن هڪڙو مشقال ملندءِ. سو کڻي وڃي منهنجي لاءِ ۽ پنهنجي لاءِ هنن کي ڏي.


۽ جيڪڏهن تنهنجو هٿ يا تنهنجو پير توکي گمراهہ ڪري تہ اُهو پاڻ وٽان وڍي اُڇلائي ڇڏ: ٻن هٿن ۽ ٻن پيرن سان هميشہ جي باهہ ۾ پوڻ کان تنهنجي لاءِ بهتر ائين ٿيندو تہ ٽُنڊو يا منڊو ئي زندگيءَ ۾ داخل ٿين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ