Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 5:18 - Sindhi Bible

18 ڇالاءِ جو آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيسين آسمان ۽ زمين ٽري نہ وڃن، تيسين توريت جي سڀني ڳالهين پورين ٿيڻ کان سواءِ، انهن مان ڪنهن بہ طرح هڪڙي زبر يا هڪڙو نقطو بہ ٽري نہ ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

18 آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيستائين ڌرتي ۽ آڪاش باقي آهن، تيستائين ايشور جي نيم جو هڪڙو اکر يا ان جو ڪو نقطو بہ رد نہ ٿيندو، تان جو سڀيئي ڳالهيون پوريون ٿي نہ وڃن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيستائين زمين ۽ آسمان باقي آهن، تيستائين شريعت جو هڪڙو اکر يا ان جو ڪو نقطو بہ منسوخ نہ ٿيندو، تان جو سڀيئي ڳالهيون پوريون ٿي نہ وڃن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

18 آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيستائين آسمان ۽ زمين باقي آھن تيستائين شريعت جو ھڪڙو اکر يا ان جو ڪو نقطو بہ منسوخ نہ ٿيندو، تان جو سڀني ڳالھين جي پڄاڻي ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 5:18
82 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهي نابود ٿي ويندا پر تون قائم رهندين: اهي سڀيئي پوشاڪ وانگي پراڻا ٿي ويندا؛ تون انهن کي ڪپڙن وانگي مٽائيندين ۽ اهي بدلجي ويندا:


اهي هميشہ تائين قائم ٿا رهن، اهي سچائيءَ ۽ حق تي ٻڌل آهن.


مون گهڻي وقت کان تنهنجين شاهدين جي وسيلي سمجهيو آهي، تہ تو انهن کي هميشہ جي لاءِ قائم ڪيو آهي.


گاهہ سڪي وڃي ٿو، گل ڪومائجي ٿو: پر اسان جي خدا جو ڪلام هميشہ تائين رهندو.


جو پنهنجي بندي جو ڪلام ثابت ٿو ڪري، ۽ پنهنجي قاصدن جي مصلحت پوري ٿو ڪري؛ جو يروشلم بابت چوي ٿو تہ اهو آباد ٿيندو؛ ۽ يهوداہ جي شهرن بابت تہ اهي اڏبا، آءٌ هن جا ويران هنڌ آباد ڪندس:


اوهين پنهنجون اکيون مٿي آسمان ڏانهن کڻو، ۽ هيٺ زمين ڏانهن نهاريو: ڇالاءِ جو آسمان دونهين وانگي گم ٿي ويندا، ۽ زمين ڪپڙي وانگي پراڻي ٿي ويندي، ۽ جيڪي انهي تي رهن ٿا سي بہ ساڳيءَ طرح مري ويندا: پر منهنجي نجات سدائين رهندي، ۽ منهنجي راستبازي بند نہ ٿيندي.


آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ عدالت جي ڏينهن اُنهي شهر کان سدوم ۽ عموراہ جي ملڪ لاءِ اُها گهڙي وڌيڪ سوکي ٿيندي.


پر جڏهن اوهان کي هڪڙي شهر ۾ ستائين تڏهن ڀڄي ٻئي ۾ وڃجو. ڇالاءِ جو آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ اوهين اڃا اسرائيل جي شهرن مان گهمي بس نہ ڪندا تہ ابن آدم ايندو.


آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو هنن ننڍڙن منجهان هڪڙي کي منهنجو شاگرد ڄاڻي رڳو ٿڌي پاڻيءَ جو پيالو پياريندو، سو ڪنهن بہ طرح پنهنجو اجر نہ وڃائيندو.


آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ جيڪي زال ذات مان ڄاوا آهن، تن منجهان ڪوبہ يوحنا بپتسما ڏيڻ واري کان وڏو پيدا نہ ٿيو آهي: انهي هوندي بہ آسمان جي بادشاهت ۾ جيڪو ننڍو آهي سو اُنهي کان وڏو آهي.


ڇوتہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ جيڪي شيون اوهين ڏسو ٿا، سي گهڻن ئي نبين ۽ راستبازن ڏسڻ گهريون، پر نہ ڏٺائون؛ ۽ جيڪي ڳالهيون اوهين ٻُڌو ٿا، سي ٻُڌڻ گهريائون، پر نہ ٻڌائون.


۽ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هتي جيڪي بيٺا آهن، تن مان ڪي اهڙا آهن جي جيسين ابن آدم کي سندس بادشاهت ۾ ايندو نہ ڏسندا، تيسين موت جو مزو نہ چکندا.


۽ هن چين تہ اوهان جي ٿوري ايمان ڪري: ڇالاءِ جو آئون سچ ٿو چوان تہ جيڪڏهن اوهان کي اهر جي داڻي جيترو ايمان هوندو تہ جي اوهين هن جبل کي چوندا تہ هتان هٽي وڃ، تہ هو هٽي ويندو، ۽ ڪابہ ڳالهہ اوهان لاءِ اڻ ٿيڻي نہ هوندي.


آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪي اوهين زمين تي ٻڌندا، سو آسمان ۾ ٻڌبو: ۽ جيڪي اوهين زمين تي ڇوڙيندا سو آسمان ۾ ڇوڙبو.


۽ چيائين تہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيسين اوهين ڦري ننڍڙن ٻارن جهڙا نہ ٿيندا، تيسين ڪنهن بہ طرح آسمان جي بادشاهت ۾ داخل ڪين ٿيندا.


۽ يسوع پنهنجن شاگردن کي چيو تہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ دولتمند ماڻهوءَ جي لاءِ آسمان جي بادشاهت ۾ داخل ٿيڻ مشڪل آهي.


۽ يسوع هنن کي چيو تہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ نئين پيدائش ۾ جڏهن ابن آدم پنهنجي جلال جي تخت تي ويهندو، تڏهن اوهين جي منهنجي پٺيان آيا آهيو، سي بہ ٻارهن تختن تي ويهي اسرائيل جي ٻارهن قبيلن جي عدالت ڪندا.


۽ يسوع ورندي ڏيئي چين، تہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ جي اوهين ايمان آڻيندا ۽ شڪ نہ ڪندا، تہ نہ رڳو جيئن هن انجير جي وڻ سان ڪيو ويو تيئن ڪري سگهندا، پر جي کڻي هن جبل کي چوندا تہ هتان کڄي وڃي سمنڊ ۾ پئُہ، تہ ائين بہ ٿي پوندو.


انهن ٻنهي مان پنهنجي پيءُ جي مرضيءَ تي ڪير هليو؟ هنن چيس تہ پهريون. يسوع چين تہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ محصولي ٺيڪيدار ۽ ڪسبياڻيون اوهان کان اڳي خدا جي بادشاهت ۾ وينديون.


آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ اهي سڀ ڳالهيون هن پيڙهيءَ تي اينديون.


پر هن ورندي ڏيئي چين تہ هي سڀ شيون اوهين ڏسو ٿا؟ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ هتي پهڻ پهڻ تي نہ رهندو جو ڊاٺو نہ ويندو.


آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هو هن کي پنهنجي ساريءَ ملڪيت جو مختيار ڪندو.


پر هن ورندي ڏيئي چيو تہ، آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ آئون اوهان کي سڃاڻان ئي ڪين.


۽ بادشاهہ ورندي ڏيئي چوندن تہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ جڏهن اوهان منهنجن هنن ڀائرن مان سڀ کان ننڍي سان ائين ڪيو، تہ مون سان ائين ڪيو.


تڏهن هو وراڻي ڏيئي چوندن، تہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ جڏهن اوهان هنن مان سڀ کان ننڍي سان ائين نہ ڪيو، تہ اوهان مون سان بہ ائين نہ ڪيو.


آئون توکي سچ ٿو چوان تہ جيسين تون پائي پائيءَ تي چاڙهي نہ ڏيندين، تيسين ڪنهن بہ پر اُتان نڪرندين ئي ڪين.


۽ جڏهن اوهين روزو رکو، تڏهن رياڪارن وانگر منهن لٿل نہ ٿيو، ڇالاءِ جو اُهي پنهنجا منهن بدشڪل ڪيو وجهن، انهي لاءِ تہ ماڻهو ڏسن تہ هنن روزو رکيو آهي. آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هنن کي پنهنجو اجر ملي چڪو.


تنهنڪري جڏهن تون خيرات ڪرين، تڏهن پنهنجي اڳيان توتاري نہ وڄاءِ، جهڙيءَ طرح ڪ رياڪار ماڻهو عبادتگاهن ۽ گهٽين ۾ ڪندا آهن، انهي لاءِ تہ ماڻهو سندن تعريف ڪن. آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هنن کي پنهنجو اجر ملي چڪو.


جڏهن يسوع هي ٻڌو تڏهن عجب لڳس، ۽ جيڪي پٺيان ٿي آيس تن کي چيائين تہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ هيڏو ايمان مون ڪونہ ڏٺو آهي، بلڪ اسرائيل ۾ بہ نہ.


آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو خدا جي بادشاهي ننڍڙن ٻارن وانگر قبول نہ ڪندو، سو ڪنهن بہ طرح انهيءَ ۾ داخل نہ ٿيندو.


يسوع چيو تہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ ڪوبہ ماڻهو اهڙو ڪونهي جنهن منهنجي لاءِ، ۽ انجيل لاءِ، گهر، يا ڀائر، يا ڀينر، يا ماءُ، يا پيءُ، يا ٻار، يا ٻنيون ڇڏيون هجن،


آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو هن جبل کي چوندو تہ اتان کڄي وڃي سمنڊ ۾ پئُہ، ۽ پنهنجي دل ۾ شڪ نہ آڻيندو، ۽ پڪ ڪري ڄاڻيندو تہ جيڪي چوان ٿو سو ٿيندو، تہ جيئن چوندو تيئن ئي ٿي پوندو.


تڏهن هن پنهنجن شاگردن کي پاڻ وٽ سڏي چيو، تہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ هي سڀ جيڪي خزاني ۾ پيا وجهن، تن کان هن غريب بيوهہ وڌيڪ وڌو آهي.


آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ جيسين هي سڀ ڳالهيون پوريون نہ ٿينديون، تيسين هيءَ پيڙهي گذري نہ ويندي.


۽ جڏهن کاڌائون ويٺي تڏهن يسوع چيو تہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ اوهان مان هڪڙو جو مون سان گڏ ويٺو کائي، سو مون کي جهلائيندو.


آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ آئون وري انهي ڏينهن تائين ڪڏهن ڊاک جي رس نہ پيئندس، جيستائين ڪ خدا جي بادشاهت ۾ اها نئين سر نہ پيئان.


يسوع هن کي چيو تہ آئون توکي سچ ٿو چوان تہ اڄ، بلڪ اڄوڪي رات، ڪڪڙ جي ٻن ڀيرن ٻانگ ڏيڻ کان اڳي تون ٽي ڀيرا منهنجو انڪار ڪندين.


آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ جتي بہ ساريءَ دنيا ۾ انجيل جي منادي ڪئي ويندي، اُتي هن زال جيڪي ڪيو آهي، تنهن جو ذڪر سندس يادگيريءَ لاءِ ڪيو ويندو.


آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪي بہ گناهہ بني آدم ڪيا هوندا، ۽ جيڪي بہ ڪفر جون ڳالهيون هنن چيون هونديون، سي سڀ هنن کي معاف ڪيون وينديون:


۽ جنهن هنڌ جا ماڻهو اوهان کي قبول نہ ڪن، ۽ اوهان جي نہ ٻُڌن، تن وٽان رواني ٿيڻ مهل اوهين پنهنجن پيرن جي مٽي اُتي ڇنڊي ڇڏجو، تہ ڀلي مٿن شاهدي ٿئي.


هن پنهنجي اندر ۾ ٿڌو ساهہ کڻي چيو، تہ هن زماني جا ماڻهو ڇو ٿا نشاني گهرن؟ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هن زماني جي ماڻهن کي ڪابہ نشاني ڏيڻ ۾ نہ ايندي.


۽ هن کين چيو تہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هتي جيڪي بيٺا آهن تن مان ڪي اهڙا آهن جي جيسين خدا جي بادشاهت کي قدرت سان آيل نہ ڏسندا، تيسين ڪنهن بہ طرح موت جو مزو نہ چکندا.


ڇالاءِ تہ جيڪو بہ ماڻهو اوهان کي پاڻيءَ جو پيالو پياريندو، انهي لاءِ تہ اوهين مسيح جا آهيو، آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ اُهو پنهنجو اجر ڪڏهن ڪين وڃائيندو.


يعني هابيل جي خون کان وٺي زڪرياہ جو خون توڻي، جو قربانگاهہ ۽ پاڪ جاءِ جي وچ ۾ مارجي ويو: هائو، آئون اوهان کي چوان ٿو تہ هن زماني جي ماڻهن کان انهي جو حساب وٺبو.


مبارڪ آهن اُهي نوڪر، جن کي سندن مالڪ اچڻ سان سجاڳ ٿو ڏسي: آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هو ڪمر ٻڌي کين کارائڻ لاءِ ويهاريندو، ۽ پاڻ اچي سندن خدمت ڪندو.


ڏسو، اوهان جو گهر ويران ٿيو پيو آهي، ۽ آئون اوهان کي چوان ٿو، تہ اوهين مون کي تيسين ڪين ڏسندا جيسين ڪ چوندا تہ مبارڪ آهي اُهو جو خداوند جي نالي ٿو اچي.


شريعت جو هڪڙو نقطو ٽري وڃي، تنهن کان آسمان ۽ زمين جو ٽري وڃڻ سولو آهي.


آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ جيڪو بہ خدا جي بادشاهت ننڍڙي ٻار وانگر قبول نہ ڪندو، سو ڪنهن بہ طرح اُنهيءَ ۾ داخل نہ ٿيندو.


هن چين تہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ ڪوبہ اهڙو ماڻهو ڪونهي جنهن خدا جي بادشاهت جي لاءِ گهر، يا زال، يا ڀائر، يا ماءُ پيءُ، يا ٻار ڇڏيا هجن،


۽ هن چيس، تہ تو کي سچ ٿو چوان، تہ تون اڄ ئي مون سان گڏ بهشت ۾ هوندين.


۽ چيائين تہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ ڪنهن بہ نبيءَ جو پنهنجي وطن ۾ قدر نٿو ٿئي.


وري هن کي چيائين تہ آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان تہ اوهين آسمان کي کُليل ۽ خدا جي ملائڪن کي ابن آدم تي مٿي چڙهندو ۽ لهندو ڏسندا.


آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان تہ جيڪو رڍن جي واڙي ۾ دروازي کان نٿو گهڙي، پر ٻئي ڪنهن رستي کان ٽپي ٿو اچي، سو چور ۽ ڌاڙيل آهي.


تڏهن يسوع وري چين، تہ آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان، تہ رڍن جو دروازو آئون آهيان.


آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان، تہ جيسين ڪڻڪ جو داڻو زمين ۾ ڪِري نہ مري، تيسين ڇڙي جو ڇڙو ٿو رهي، پر جي مري، تہ ججهو ڦل ٿو آڻي.


آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان تہ نوڪر پنهنجي ڌڻيءَ کان وڏو نہ آهي؛ نڪي وري موڪليل پنهنجي موڪلڻ واري کان.


يسوع جواب ڏنس تہ تون منهنجي لاءِ پنهنجي جان ڏيندين؟ آئون توکي سچ سچ ٿو چوان تہ ڪڪڙ ٻانگ ئي ڪين ڏيندو، تنهن کان اڳي تون ٽي ڀيرا منهنجو انڪار ڪندين.


آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان تہ جيڪو مون تي ايمان ٿو آڻي، سو بہ اُهي ئي ڪم ڪندو، جي آئون ٿو ڪريان، ۽ انهن کان بہ وڏا ڪم ڪندو؛ ڇالاءِ تہ آئون پيءُ وٽ ٿو وڃان.


آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان تہ اوهين روئندا ۽ پِٽيندا، پر دنيا خوشي ڪندي: اوهان کي ڏک ٿيندو، پر اوهان جو ڏک ڦري خوشي ٿي پوندو.


۽ اُنهي ڏينهن اوهين مون کان ڪي ڪين پڇندا. آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان، تہ اوهين پيءُ کان جيڪي گهُرندا، سو هو اوهان کي منهنجي نالي ڏيندو.


آئون توکي سچ سچ ٿو چوان تہ جڏهن تون جوان هُئين، تڏهن تون پنهنجو سندرو پاڻ هي ٻَڌندو هُئين، ۽ جيڏانهن توکي وڻندو هو اوڏانهن گهُمندو ڦرندو هُئين: پر جڏهن پوڙهو ٿيندين، تڏهن پنهنجا هٿ ڊگهيريندين، ۽ ٻيو توکي چيلهہ سان ٻَڌي اوڏانهن وٺي ويندو، جيڏانهن تنهنجي دل نہ چوندي.


آئون توکي سچ سچ ٿو چوان تہ اسين جيڪي ڄاڻون ٿا، تنهن جي ڳالهہ ٿا ڪريون، ۽ جيڪي ڏٺو اٿئون، تنهن جي شاهدي ٿا ڀريون؛ ۽ اوهين اسان جي شاهدي قبول نٿا ڪريو.


يسوع جواب ڏيئي چيس تہ آئون توکي سچ سچ ٿو چوان، تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو نئين سر پيدا نہ ٿيندو تہ خدا جي بادشاهت ڏسي ڪين سگهندو.


يسوع جواب ڏنس تہ آئون توکي سچ سچ ٿو چوان تہ جيڪڏهن ڪوبہ ماڻهو پاڻيءَ ۽ روح مان پيدا نہ ٿيندو، تہ خدا جي بادشاهت ۾ داخل ٿي ڪين سگهندو.


تڏهن يسوع جواب ڏيئي چين، تہ آئون سچ سچ ٿو چوان تہ پٽ پنهنجي سر ڪي بہ ڪري نٿو سگهي، پر جيڪي پيءُ کي ڪندو ٿو ڏسي، سو ئي ٿو ڪري: ڇالاءِ جو جيڪي بہ ڪم هو ڪري ٿو، سي ئي پٽ بہ ساڳيءَ طرح ٿو ڪري.


يسوع جواب ڏيئي چين، تہ آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان، تہ اوهين جو مون کي ڳوليو ٿا، سو انهي لاءِ نہ تہ معجزا ڏٺا اٿوَ، پر انهي لاءِ جو مانيون کائي ڍءُ ڪيو اٿوَ.


تڏهن يسوع چين، تہ آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان تہ اُهو موسيٰ ڪين هو جنهن اوهان کي آسمان مان ماني ڏني، پر منهنجو پيءُ اوهان کي آسمان مان سچي ماني ٿو ڏئي.


آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان، تہ جيڪو مون تي ايمان ٿو آڻي، هميشہ جي زندگي انهيءَ جي آهي.


تڏهن يسوع چين، تہ آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان تہ جيسين اوهين ابن آدم جو گوشت نہ کائيندا، ۽ رت نہ پيئندا، تيسين اوهان ۾ زندگي هوندي ئي ڪانہ.


يسوع کين جواب ڏنو تہ آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان تہ جيڪو گناهہ ٿو ڪري، سو گناهہ جو غلام آهي.


آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان تہ جيڪڏهن ڪو منهنجي ڪلام تي هلندو، تہ اُهو موت اصل ئي ڪين ڏسندو.


يسوع چين تہ اوهان کي سچ سچ ٿو چوان، تہ ابراهيم پيدا ٿيو، تنهن کان اڳي آئون آهيان.


پر خدا جو ڪلام هميشہ تائين قائم رهندو.“ ۽ اهوئي خوشخبريءَ جو ڪلام آهي جو اوهان کي ٻُڌايو ويو.


۽ مون هڪڙو وڏو اڇو تخت ڏٺو، ۽ انهي کي بہ، جو مٿس ويٺو هو، جنهن جي منهن تان زمين ۽ آسمان ٽري ويا؛ ۽ کين ڪابہ جاءِ ڪانہ ملي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ