Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 5:1 - Sindhi Bible

1 ۽ هو ميڙاڪا ڏسي جبل تي چڙهي ويو: ۽ جڏهن هو ويهي رهيو، تڏهن سندس شاگرد وٽس آيا:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

1 يسوع وڏو ميڙ ڏسي ٽڪر تي چڙهي ويو ۽ جڏهن اتي ويهي رهيو تہ چيلا سندس چوڌاري مڙي آيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 عيسيٰ وڏو ميڙ ڏسي ٽڪر تي چڙهي ويو ۽ جڏهن اتي ويهي رهيو تہ شاگرد سندس چوڌاري مڙي آيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

1 جڏھن عيسيٰ ميڙ ڏٺا تہ ھو ٽڪر تي چڙھي ويو ۽ شاگرد سندس چوڌاري مڙي آيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 5:1
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ايترا ماڻهو وٽس اچي مڙيا جو پاڻ وڃي هڪڙيءَ ٻيڙيءَ ۾ ويٺو، ۽ ٻي ساري خلق ڪناري تي بيٺي رهي.


پوءِ يسوع اُتان روانو ٿيو، ۽ گليل جي سمنڊ جي ويجهو آيو، ۽ جبل تي چڙهي وڃي اُتي ويهي رهيو.


۽ گليل، ۽ دڪاپلس، ۽ يروشلم ۽ يهوديہ مان، ۽ يردن جي پرينءَ ڀر کان، ماڻهن جا وڏا ميڙاڪا اچي پٺيانئس هلڻ لڳا.


۽ هو پنهنجو وات کولي هنن کي تعليم ڏيڻ لڳو تہ:


پوءِ هو جبل تي چڙهي ويو، ۽ جن کي وڻيس، تن کي پاڻ ڏانهن سڏيائين، ۽ اُهي وٽس آيا.


۽ وري اُتي ايڏي خلق اچي مڙي جو هنن کي ماني کائڻ جي بہ فرصت نہ ٿي ملي.


۽ وري هو سمنڊ جي ڪنڌيءَ تي تعليم ڏيڻ لڳو، ۽ وٽس ايترا ماڻهو اچي مڙيا جو پاڻ سمنڊ تي هڪڙيءَ ٻيڙيءَ تي چڙهي ويٺو، ۽ ٻي ساري خلق ڪناري تي بيٺي رهي.


۽ اُنهن ڏينهن ۾ هيئن ٿيو تہ هو جبل تي دعا گهُرڻ لاءِ ويو، ۽ ساري رات خدا کان دعا پئي گهُريائين.


۽ اُنهن سان گڏ هيٺ لهي هڪڙي ميدان ۾ اچي بيٺو، ۽ سندس شاگردن جي وڏي جماعت، ۽ سڄي يهوديہ ۽ يروشلم، ۽ صور ۽ صيدا جي سمنڊ جي ڀر مان ماڻهن جي وڏي خلق آئي، تہ سندس ڳالهيون ٻُڌن، ۽ پنهنجين بيمارين کان شفا پائين.


پوءِ پنهنجن شاگردن ڏانهن نهاري چيائين، تہ مبارڪ آهيو اوهين غريب: ڇالاءِ جو خدا جي بادشاهت اوهان جي آهي.


۽ انهن ڳالهين کانپوءِ اٽڪل اٺ ڏينهن گذريا، تہ هيئن ٿيو جو پطرس ۽ يوحنا ۽ يعقوب کي پاڻ سان گڏ وٺي هڪڙي ٽڪر تي دعا گهرڻ لاءِ ويو.


پوءِ يسوع ڏٺو تہ هنن جو مطلب آهي تہ زور سان جهلي بادشاهہ ڪريونس، تنهنڪري هو موٽي جبل ڏانهن اڪيلو نڪري ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ