Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 4:18 - Sindhi Bible

18 ۽ گليل جي سمنڊ جي ڪناري تان لنگهندي هن ٻہ ڀائر ڏٺا، هڪڙو شمعون، جنهن کي پطرس ٿا سڏين، ۽ ٻيو سندس ڀاءُ اندرياس؛ جن سمنڊ ۾ ڄار پئي وڌو؛ ڇالاءِ جو اُهي مهاڻا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

18 جيئن يسوع گليل ڍنڍ جي ڪناري تان لنگھيو پئي تہ هن ٻہ ڀائر ڏٺا، هڪڙو شمعون جنهن کي پطرس بہ سڏيو وڃي ٿو ۽ ٻيو سندس ڀاءُ اندرياس. اهي ٻيئي مهاڻا هئا ۽ ڍنڍ ۾ ڄار پئي وڌائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 جيئن عيسيٰ گليل ڍنڍ جي ڪناري تان لنگھيو پئي تہ هن ٻہ ڀائر ڏٺا، هڪڙو شمعون جنهن کي پطرس بہ سڏيو وڃي ٿو ۽ ٻيو سندس ڀاءُ اندرياس. اهي ٻيئي مهاڻا هئا ۽ ڍنڍ ۾ ڄار پئي وڌائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

18 جيئن عيسيٰ گليل ڍنڍ جي ڪناري تان لنگھيو پئي تہ ھن ٻہ ڀائر ڏٺا، ھڪڙو شمعون جنھن کي پطرس سڏين ٿا ۽ ٻيو سندس ڀاءُ اندرياس. ھنن ڍنڍ ۾ ڄار پئي وڌو ڇالاءِ⁠جو ھو مھاڻا ھئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 4:18
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻي موسيٰ پنهنجي سهري يترو جا ڌڻ چاريندو هو، جو مديان جو ڪاهن هو؛ ۽ هو ڌڻ کي بيابان جي پرئين پاسي وٺي ويو، ۽ خدا جي جبل حورب وٽ آيو.


تنهنڪري هاڻي اچ تہ آءٌ توکي فرعون ڏانهن موڪليان تہ تون منهنجي اُمت بني اسرائيل کي مصر مان ڪڍي اچين.


۽ هيئن ٿيندو تہ مڇي مارڻ وارا انهي جي ڀرسان بيهندا: عين جديءَ کان وٺي عين عجليم تائين ڄارن پکيڙڻ جي جاءِ ٿيندي؛ انهن جي مڇي بہ انهن ئي جي قسمن جي ٿيندي، ۽ وڏي سمنڊ جي مڇيءَ وانگر تمام گهڻي ٿيندي.


۽ سرحد سفام کان لهي ربلہ تائين، عين جي اُڀرندي پاسي ويندي؛ وري اتان لهي اڀرندي ڏانهن ڪنرت جي سمنڊ تائين ويندي:


هاڻي اُنهن ٻارهن رسولن جا نالا هي آهن: پهريون شمعون، جنهن کي پطرس ڪري سڏيندا آهن، ۽ سندس ڀاءُ اندرياس؛ زبديءَ جو پٽ يعقوب، ۽ سندس ڀاءُ يوحنا؛


پوءِ يسوع اُتان روانو ٿيو، ۽ گليل جي سمنڊ جي ويجهو آيو، ۽ جبل تي چڙهي وڃي اُتي ويهي رهيو.


۽ آئون بہ توکي ٿو چوان تہ تون پطرس آهين، ۽ هن ٽڪر تي آئون پنهنجي ڪليسيا اڏيندس؛ ۽ اُها دوزخ جي دروازن تي غالب پوندي.


۽ هن انهن کي چيو تہ اوهين منهنجي پٺيان اچو ۽ آئون اوهان کي ماڻهن جو مهاڻو بنائيندس.


۽ وري هو صور جي حد مان نڪري، صيدا مان لنگهي، دڪاپلس جي حدن جو وچ ڏيئي، گليل جي سمنڊ ڏانهن آيو.


يعني شمعون جنهن جو نالو پطرس بہ رکيائين، ۽ سندس ڀاءُ اندرياس، ۽ يعقوب ۽ يوحنا، فلپس ۽ برتلمئي،


هنن ڳالهين کانپوءِ يسوع وري شاگردن کي تبرياس سمنڊ جي ڪناري تي پاڻ ڏيکاريو؛ ۽ ڏيکاري هن طرح ڏنائين.


هنن ڳالهين کانپوءِ يسوع گليل جي سمنڊ، يعني تبرياس جي ڍنڍ جي پرئين ڀر هليو ويو.


تڏهن سندس شاگردن مان هڪڙي شمعون پطرس جي ڀاءُ اندرياس چيس تہ


۽ آرباہ، ۽ يردن ۽ انهيءَ جي سرحد؛ ڪنرت کان وٺي آرباہ جي سمنڊ، يعني کاري سمنڊ تائين، جو اُڀرندي ۾ پسگاهہ جي سلامين تائين پکڙيل آهي، سو سڀ مون انهن کي ڏنو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ