Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 4:16 - Sindhi Bible

16 تنهن جا ماڻهو جيڪي اونداهيءَ ۾ ويٺل هئا، تن هڪڙي وڏي روشني ڏٺي، ۽ جيڪي موت جي ملڪ ۽ پاڇي ۾ ويٺا هئا، تن تي روشني اچي چمڪي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

16 اتي جا ماڻهو جيڪي اونداهيءَ ۾ ويٺل هئا، تن هڪڙي وڏي روشني ڏٺي. هائو، اهي جيڪي موت واري اونداهي ملڪ ۾ ويٺا هئا، تن تي روشني ظاهر ٿي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 اتي جا ماڻهو جيڪي اونداهيءَ ۾ ويٺل هئا، تن هڪڙي وڏي روشني ڏٺي. هائو، اهي جيڪي موت واري اونداهي ملڪ ۾ ويٺا هئا، تن تي روشني ظاهر ٿي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

16 اتي جا ماڻھو جيڪي اونداھيءَ ۾ ويٺل ھئا، تن ھڪڙي وڏي روشني ڏٺي. ھائو، اھي جيڪي موت جي اونداھي ملڪ ۾ ويٺا ھئا، تن تي روشني ظاھر ٿي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 4:16
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جنهن زمين ۾ اونداهي بلڪ گهاٽي اونداهي آهي، ۽ جنهن زمين ۾ موت جو پاڇو بي ترتيب آهي، ۽ جتي سوجهرو اونداهيءَ جهڙو آهي.


ڀلي تہ اونداهي ۽ موت جو پاڇو انهيءَ کي پنهنجو ڪن؛ ڀلي تہ انهيءَ تي ڪڪر ڇانيل رهي؛ ڀلي تہ جيڪي ڏينهن کي ڪارو ٿو ڪري سو انهيءَ کي ڊيڄاري.


اهڙي ڪابہ اونداهي يا اهڙو ڪوبہ موت جو پاڇو ڪونهي، جتي بدڪاري ڪرڻ وارا پاڻ کي لڪائي سگهن.


تڏهن بہ تو اسان کي گدڙن جي جاءِ ۾ ڀڃي ڀوري ڇڏيو آهي، ۽ موت جي پاڇي ۾ اسان کي ڍڪي ڇڏيو اٿيئي.


پر جيڪا اڳي ڏک ۾ هئي تنهن لاءِ اونداهي نہ هوندي. اڳوڻي وقت ۾ هن زبولون جي زمين کي، ۽ نفتالي جي زمين کي حقارت جهڙو ڪيو هو، پر پوئين وقت ۾ هن انهيءَ کي سمنڊ جي رستي کان، يردن جي هن ڀر، يعني قومن جي گليل کي عزت وارو ڪيو آهي.


جي ماڻهو اونداهيءَ ۾ هلندا هئا تن روشنائي ڏٺي آهي: جيڪي موت جي پاڇي واري زمين تي رهندا هئا، تن تي اها روشنائي چمڪي آهي.


خداوند پنهنجي خدا کي جلال ڏيو انهيءَ کان اڳي تہ هو اونداهي ڪري ۽ اوهان جا پير اوندهہ وارن جبلن تي آٿڙن؛ ۽ جڏهن اوهين روشنائيءَ لاءِ منتظر رهو تڏهن هو انهي کي ڦيرائي موت جو پاڇو ڪري، ۽ ڀڀ اونداهي ڪري وجهي.


انهي کي ڳوليو جو ڪتيون ۽ ٽيڙو جوڙي ٿو، ۽ گُگهہ اونداهي کي ڦيرائي صبح ڪري ٿو؛ ۽ ڏينهن کي رات وانگر اوندهہ ڪري ٿو؛ جو سمنڊ جي پاڻيءَ کي سڏي ٿو ۽ انهي کي زمين تي اُڇلائي وجهي ٿو؛ خداوند انهي جو نالو آهي.


اي منهنجا دشمن تون مون تي خوشي نہ ڪر؛ جڏهن آءٌ ڪِرندس تڏهن آءٌ اُٿندس؛ جڏهن آءٌ اونداهي ۾ ويهندس تڏهن خداوند منهنجي لاءِ روشنائي ٿيندو.


تہ هو غير قومن کي روشني ڏيڻ لاءِ نور، ۽ تنهنجي اُمت اسرائيل جي وڏائي ٿئي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ