Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 4:13 - Sindhi Bible

13 ۽ ناصرت ڇڏي اچي ڪفرناحوم ۾ رهڻ لڳو، جو سمنڊ جي ڪناري تي زبولون ۽ نفتاليءَ جي حدن اندر آهي:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

13 هو ناصرت ۾ نہ رهيو پر وڃي ڪفرناحوم شهر ۾ رهيو، جيڪو گليل ڍنڍ تي بني اسرائيل جي زبولون ۽ نفتالي قبيلن جي حدن اندر آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 هو ناصرت ۾ نہ رهيو پر وڃي ڪفرناحوم شهر ۾ رهيو، جيڪو گليل ڍنڍ تي بني اسرائيل جي زبولون ۽ نفتالي قبيلن جي حدن اندر آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

13 ھو ناصرت ۾ نہ رھيو پر وڃي ڪفرناحوم ۾ رھيو، جيڪو گليل ڍنڍ تي زبولون ۽ نفتاليءَ جي حدن اندر آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 4:13
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي ڪفرناحوم، تون آسمان تائين چاڙهيو ويندين ڇا؟ تون هيٺ مئلن جي عالم ۾ لهي اچي پوندين، ڇالاءِ جو جيڪي معجزا تو ۾ ڪيا ويا آهن، سي جيڪڏهن سدوم ۾ ڪيا وڃن ها تہ جيڪر اڄ تائين اُهو قائم رهي ها.


۽ جڏهن هو ڪفرناحوم ۾ آيا، تڏهن جيڪي اڌ مشقال محصول اُڳاڙيندا هئا، سي پطرس وٽ آيا، ۽ چيائونس تہ اوهان جو اُستاد اڌ مشقال جو محصول ڀريندو آهي يا نہ؟


انهي لاءِ تہ جيڪي يسعياهہ نبيءَ چيو هو سو پورو ٿئي تہ


”زبولون جو علائقو ۽ نفتاليءَ جو علائقو، جو يردن جي پار سمنڊ واري پاسي، غير قومن وارو گليل آهي،


۽ هو هڪڙي ٻيڙيءَ ۾ چڙهي هن ڀر لنگهي پنهنجي شهر ۾ آيو.


پوءِ اُهي ڪفرناحوم ۾ ويا، ۽ هو يڪدم سبت جي ڏينهن عبادتگاهہ ۾ وڃي تعليم ڏيڻ لڳو.


۽ ڪن ڏينهن کانپوءِ جڏهن وري هو ڪفرناحوم ۾ آيو، تڏهن هل پئجي ويو تہ هو گهر آيو آهي.


۽ اي ڪفرناحوم، ڇا تون ڀانئين ٿو تہ توکي آسمان تائين چاڙهيندا؟ نہ، اُٽلندو توکي لاهي هيٺ عالم ارواح ۾ وجهندا.


تڏهن چيائينس تہ اوهين ضرور مون کي هيءُ مثال ڏيندا تہ اي طبيب، پاڻ کي تہ ڇُٽاءِ: جيڪي اسان ٻڌو آهي تہ تو ڪفرناحوم ۾ ڪيو آهي، سو هت پنهنجي وطن ۾ بہ ڪري ڏيکار.


تنهن کانپوءِ هو ڪفرناحوم ۾ ويو، پاڻ ۽ سندس ماءُ، ۽ ڀائر، ۽ سندس شاگرد: ۽ هو اُتي گهڻا ڏهاڙا نہ رهيا.


پوءِ هو وري گليل جي قانا شهر ۾ آيو، جتي هن پاڻيءَ مان مئي ٺاهي هئي، ۽ اُتي هڪڙو امير هو، جنهن جو پٽ ڪفرناحوم ۾ بيمار هو.


۽ ٻيڙيءَ ۾ چڙهي سمنڊ جي پار ڪفرناحوم ڏانهن روانا ٿيا، ۽ مٿان اچي اونداهي ٿي، ۽ يسوع اڃا وٽن ڪونہ آيو هو.


سو جڏهن ميڙاڪي ڏٺو تہ نڪو يسوع آهي ۽ نڪي سندس شاگرد، تڏهن هو پاڻ انهن مڇئن ۾ چڙهي يسوع کي ڳولڻ لاءِ ڪفرناحوم ۾ آيا.


اهي ڳالهيون هن ڪفرناحوم ۾ هڪ عبادتخاني ۾ تعليم ڏيڻ وقت چيون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ