Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 3:7 - Sindhi Bible

7 پر جڏهن هن ڏٺو تہ گهڻا فريسي ۽ صدوقي بپتسما وٺڻ لاءِ مون وٽ پيا اچن، تڏهن انهن کي چوڻ لڳو، تہ اي نانگن جا ٻچا، اوهان کي ڪنهن خبردار ڪيو تہ جيڪو غضب اچڻ وارو آهي تنهن کان ڀڄو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

7 يوحنا جڏهن ڏٺو تہ ڪيترائي فريسي ۽ صدوقي بپتسما وٺڻ لاءِ اچي رهيا آهن، تڏهن انهن کي چيائين تہ ”اي نانگ جا ٻچؤ! اوهان کي ڪنهن ٻڌايو آهي تہ اوهين ايشور جي ايندڙ ڏمر کان بچي سگھندا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 يحيٰ جڏهن ڏٺو تہ ڪيترائي فريسي ۽ صدوقي بپتسما وٺڻ لاءِ اچي رهيا آهن، تڏهن انهن کي چيائين تہ ”اي نانگ جا ٻچؤ! اوهان کي ڪنهن ٻڌايو آهي تہ اوهين خدا جي ايندڙ غضب کان بچي سگھندا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

7 يحيٰ جڏھن ڏٺو تہ ڪيئي فريسي ۽ صدوقي بپتسما وٺڻ لاءِ اچي رھيا آھن، تڏھن انھن کي چيائين تہ ”اي نانگ جا ٻچؤ! اوھان کي ڪنھن ٻڌايو آھي تہ اوھين خدا جي ايندڙ غضب کان بچي سگھندا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 3:7
49 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ آءٌ تنهنجي ۽ زال جي وچ ۾ دشمني، ۽ تنهنجي نسل ۽ زال جي نسل جي وچ ۾ دشمني وجهندس: هو تنهنجو مٿو چٿيندو ۽ تون هن جي کڙي ڏنگيندين.


جيڪي شريعت کي ترڪ ٿا ڪن سي شريرن جي تعريف ٿا ڪن، پر جيڪي شريعت تي هلن ٿا سي انهن سان وڙهن ٿا.


اهي نانگ جي بيدن تي آرو ڪن ٿا، ۽ ڪوريئڙي جو ڄارو ٿا اُڻين: جيڪو انهن جي بيدن مان کائي ٿو سو مري ٿو، جيڪو چپجي ٿو تنهن مان نانگ ٿو نڪري.


بابل منجهان ڀڄي وڃو، ۽ هرڪو ماڻهو پنهنجي جان بچائي؛ اُن جي ڏوهہ ۾ وڍجي نہ وڃو: ڇالاءِ جو اهو خداوند جي وير وٺڻ جو وقت آهي؛ هو انهي کي بدلو ڏيندو.


آءٌ ڪهڙن سان ڳالهايان ۽ ڪنهن کي تاڪيد ڪريان تہ ٻڌن؟ ڏس، هن جو ڪن اڻ طهريل آهي، ۽ هو ٻڌي نٿا سگهن: ڏس خداوند جو ڪلام هنن جي لاءِ هڪڙو مهڻو ٿي پيو آهي؛ هنن کي انهي مان ڪابہ خوشي حاصل نہ ٿي ٿئي.


پر جڏهن فريسين اها ڳالهہ ٻُڌي، تڏهن چوڻ لڳا تہ هي ماڻهو جو ڀوت ٿو ڪڍي، سو ڀوتن جي سردار بعلزبول جي مدد ڌاران ڪونہ ٿو ڪڍي.


اي نانگ جا ٻچو، اوهين بڇڙا ٿي ڪيئن چڱيون ڳالهيون ڪري سگهندا؟ ڇالاءِ تہ جيڪي دل ۾ ڀريل هوندو، سو ئي وات مان نڪرندو.


تڏهن شاگردن اچي چيس تہ توکي ڪا خبر آهي تہ فريسين کي تنهنجي هن ڳالهہ ڪري ٺوڪر لڳي آهي؟


۽ فريسي ۽ صدوقي آيا، ۽ آزمودي وٺڻ لاءِ چيائونس تہ اسان کي ڪا آسمان مان نشاني ڏيکار.


پوءِ يسوع چين تہ خبردار ٿجو، فريسين ۽ صدوقين جي خمير کان پاڻ سنڀالجو.


تڏهن فريسي وڃي صلاح ڪرڻ لڳا تہ ڪهڙيءَ طرح هن کي ڳالهائڻ ۾ ڦاسايون.


انهي ڏينهن وٽس صدوقي آيا، جي چوندا آهن تہ قيامت آهي ئي ڪين: ۽ انهن کانئس پڇيو تہ


پر جڏهن فريسين ٻڌو تہ هن صدوقين کي لاجواب ڪري ڇڏيو، تڏهن هو پاڻ ۾ گڏ ٿيا،


اي بريون بلائون، ۽ نانگن جا ٻچا، اوهين جهنم جي سزا کان ڪيئن ڇُٽندا؟


ڇالاءِ جو آئون اوهان کي چوان ٿو تہ جيڪڏهن اوهان جي سچائي فقيهن ۽ فريسين جي سچائيءَ کان وڌيڪ نہ ٿيندي، تہ اوهين ڪنهن بہ طرح آسمان جي بادشاهت ۾ داخل نہ ٿيندا.


پوءِ هنن ڏانهنس ڪي فريسي ۽ هيرودي موڪليا تہ ڳالهائڻ ۾ هن کي ڦاسائين.


تنهن کانپوءِ صدوقي وٽس آيا، جي چوندا آهن تہ قيامت آهي ئي ڪانہ؛ انهن کانئس پڇيو تہ


۽ هن تاڪيد ڪري چين، تہ خبردار ٿجو، فريسين جي خمير ۽ هيرودين جي خمير کان سنڀالجو.


۽ فريسي جن کي پيسي جي ڏاڍي لالچ هئي، سي اُهي سڀ ڳالهيون ٻُڌي مٿس ٺٺولي ڪرڻ لڳا.


فريسي بيهي پنهنجي دل ۾ هيئن دعا گهرڻ لڳو، تہ اي خداوند، آئون تنهنجا شڪرانا ٿو ڪريان تہ آئون ٻين ماڻهن جهڙو ڦورو، يا بي انصاف، يا زناڪار ڪين آهيان، نڪي وري هن محصولي ٺيڪيدار جهڙو آهيان.


پر فريسين ۽ شريعت جي عالمن جو کانئس بپتسما نہ ورتي، تنهنڪري پنهنجي نسبت خدا جي ارادي کي رد ڪيائون.


۽ اُنهن کي فريسين موڪليو هو.


اوهين پنهنجي پيءُ شيطان جا آهيو، ۽ مرضي اٿوَ تہ پنهنجي پيءُ جي خواهشن تي هلو. هُو تہ شروع کان ئي خوني هو، ۽ سچ تي نہ بيٺو، ڇالاءِ تہ سچ منجهس آهي ئي ڪونہ. جڏهن هو ڪوڙ ٿو ڳالهائي، تہ پاڻو ٿو ڳالهائي، ڇوتہ هو ڪوڙو آهي ۽ ڪوڙ جو باني آهي.


پوءِ اُهي فريسي جي ساڻس هئا، تن اهي ڳالهيون ٻُڌي چيس، تہ اسين بہ انڌا آهيون ڇا؟


پر فريسين جي فرقي مان جن ايمان آندو هو، تن مان ڪي اُٿي بيٺا ۽ چوڻ لڳا تہ ضرور آهي تہ هنن جو ختنو ٿئي، ۽ کين حڪم ڏنو وڃي تہ موسيٰ جي شريعت تي هلن.


تنهنڪري اوهين سجاڳ رهجو، ۽ ياد رکجو، تہ ٽي ورهيہ برابر مون رات ڏينهن ڳوڙها ڳاڙي هر ڪنهن کي سمجهائڻ کان بس نہ ڪئي.


۽ مرضي هجين تہ شاهدي ڏيئي سگهندا، ڇو جو منهنجي بابت ايتري خبر اٿن تہ شروع کان ئي، آئون پنهنجي مذهب جي سڀني کان سخت پابند فرقي موجب، ڪيئن نہ فريسي ٿي گذاريندو هوس.


پر سردار ڪاهن ۽ سندس ساٿي (جي صدوقين جي فرقي جا هئا)، تن کي ڏاڍا ساڙ لڳا ۽ هو اُٿي کڙا ٿيا،


ڇالاءِ جو جيڪي ماڻهو پنهنجيءَ ناراستيءَ جي ڪري سچ کي لڪايو ڇڏين، تن جي هر طرح جي بي دينيءَ ۽ ناراستيءَ تي آسمان مان خدا جو غضب ظاهر ٿو ٿئي.


سو هاڻي اسين جي سندس رت جي سببان راستباز ٺهرايا ويا آهيون، تنهن لاءِ خاطري اٿئون تہ انهي جي ئي وسيلي خدا جي غضب کان بچي پونداسين.


۽ سندس فرزند جي آسمان مان اچڻ جي انتظار ۾ رهو، جنهن کي هن مُئلن مان جياريو، يعني يسوع کي، جو اسان کي ايندڙ غضب کان بچائي ٿو.


ايمان ئي جي ڪري جيڪي ڳالهيون اڃا ڏسڻ ۾ نہ آيون هيون، تن جي نسبت ۾ خدا نوح کي خبردار ڪيو، ۽ هن خدا جي خوف کان پنهنجي خاندان جي بچاءَ لاءِ هڪڙي ٻيڙي تيار ڪئي؛ ۽ ائين ڪرڻ سان هن جهان کي ڏوهاري ٺهرايو، ۽ پاڻ انهيءَ راستبازيءَ جو وارث ٿيو جا ايمان جي ڪري آهي.


تان تہ (واعدو ۽ قسم) ٻہ بي تبديل ڳالهيون، جن جي نسبت ۾ خدا جو ڪوڙو ٿيڻ ناممڪن آهي، تن جي وسيلي اسان کي پڪيءَ طرح خاطري ٿئي، تہ جيڪا اُميد اسان جي اڳيان رکيل آهي، تنهن کي هٿ ڪرڻ لاءِ پناهہ وٺڻ واسطي ڊوڙي آيا آهيون.


انهي ڪري خدا جا ٻار ۽ شيطان جا ٻار پڌرا ٿا ٿين: جيڪو راستبازيءَ جا ڪم نٿو ڪري، سو خدا مان ناهي، نڪي اهو جو پنهنجي ڀاءُ کي پيار نٿو ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ