Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 3:4 - Sindhi Bible

4 هاڻي انهي يوحنا کي ملس جا ڪپڙا پيل هئا، ۽ چم جو ڪمربند چيلهہ ۾ ٻَڌل هوس؛ ۽ سندس کاڌو مڪڙ ۽ جهنگ جي ماکي هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

4 يوحنا کي اُٺ جي وارن مان ٺهيل ڪپڙا پهريل هوندا هئا، کيس چيلهہ سان چمڙي جو پٽو ٻڌل هوندو هو ۽ سندس خوراڪ ماڪڙ ۽ جھنگلي ماکي هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 يحيٰ کي اُٺ جي وارن مان ٺهيل ڪپڙا پهريل هوندا هئا، کيس چيلهہ سان چمڙي جو پٽو ٻڌل هوندو هو ۽ سندس خوراڪ ماڪڙ ۽ جھنگلي ماکي هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

4 يحيٰ کي ملس جا ڪپڙا پھريل ھوندا ھئا، کيس چيلھہ ۾ چمڙي جو پٽو ٻڌل ھوندو ھو ۽ سندس خوراڪ ماڪڙ ۽ جھنگلي ماکي ھئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 3:4
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هنن ورندي ڏني تہ هو گهڻن وارن وارو ماڻهو هو، ۽ چيلهہ سان هڪڙو چم جو پٽو ٻڌل هوس. ۽ هن چيو تہ اهو ايلياہ تشبي آهي.


تنهن وقت خداوند يسعياہ بن آموص جي معرفت هيئن فرمايو تہ وڃي پنهنجي چيلهہ تان کٿو لاهہ، ۽ پنهنجن پيرن مان جتي لاهہ، ۽ هن ائين ڪيو، ۽ اگهاڙو ٿي پيرين اگهاڙو هليو.


يعني مڪڙن جا سڀ قسم، ۽ ننڍڙين تڏين جا سڀ قسم، ۽ وڏن تڏن جا سڀ قسم.


۽ انهيءَ ڏينهن هيئن ٿيندو، تہ جيڪو نبين مان نبوت ڪندو، سو پنهنجي رويا کان شرمندو ٿيندو؛ ۽ نڪي هو ٺڳڻ لاءِ، وارن جي چادر ڍڪيندا.


ڏسو، خداوند جي عظيم ۽ خوفناڪ ڏينهن جي اچڻ کان اڳي آءٌ ايلياہ نبيءَ کي اوهان وٽ موڪليندس.


ڇالاءِ جو يوحنا نڪي کائيندو آيو نڪي پيئندو آيو، ۽ ماڻهو چون ٿا تہ هن ۾ ڀوت آهي.


پر اوهين ڇا ڏسڻ لاءِ ويا هئا؟ ڇا اُنهيءَ ماڻهوءَ کي جنهن کي اُچا ڪپڙا پيل آهن؟ ڏسو، جيڪي اُچا ڪپڙا ٿا پهرين، سي بادشاهن جي گهرن ۾ ٿا رهن.


۽ يوحنا کي ملس جا ڪپڙا پيل هئا، ۽ چم جو ڪمربند چيلهہ تي ٻَڌل هوس، ۽ هو مڪڙ ۽ جهنگ جي ماکي کائيندو هو.


۽ سندس اڳيان ايلياہ جي روح ۽ طاقت سان هلندو، تہ پيئرن جي دلين کي اولاد ڏانهن ڦيري، ۽ نافرمانن کي نيڪن جي سياڻپ ۾ هلائي، ۽ خداوند لاءِ هڪڙي اُمت ٺاهي تيار ڪري.


هن انهي کي زمين جي مٿانهين جاين تي سوار ڪيو، ۽ هن انهيءَ زمين جي پيداوار کاڌي، ۽ هن انهي کي ٽڪريءَ مان ماکي، ۽ چقمق جي جبل مان تيل چوسايو؛


۽ آئون پنهنجن ٻن شاهدن کي اختياري ڏيندس، ۽ هو کٿو ڍڪي هڪ هزار ٻہ سؤ سٺ ڏينهن نبوت ڪندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ