Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 3:1 - Sindhi Bible

1 انهن ڏينهن ۾ يوحنا بپتسما ڏيڻ وارو يهوديہ جي رڻ پٽ ۾ منادي ڪندو آيو، ۽ چوڻ لڳو تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

1 ڪجھہ سالن کان پوءِ يوحنا بپتسما ڏيڻ وارو يهوديہ جي رڻ‌پٽ ۾ پرچار ڪندو پئي وتيو تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 ڪجھہ سالن کان پوءِ يحيٰ بپتسما ڏيڻ وارو يهوديہ جي رڻ‌پٽ ۾ منادي ڪندو پئي وتيو تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

1 انھن ڏينھن ۾ يحيٰ بپتسما ڏيڻ وارو يھوديہ جي رڻ⁠پٽ ۾ تبليغ ڪندو پئي آيو تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 3:1
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن بناياہ بن يهويدع ڪاهي هن تي وڃي پيو ۽ هن کي قتل ڪيائين؛ ۽ هو بيابان ۾ پنهنجي گهر ۾ دفن ڪيو ويو.


آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ جيڪي زال ذات مان ڄاوا آهن، تن منجهان ڪوبہ يوحنا بپتسما ڏيڻ واري کان وڏو پيدا نہ ٿيو آهي: انهي هوندي بہ آسمان جي بادشاهت ۾ جيڪو ننڍو آهي سو اُنهي کان وڏو آهي.


۽ جڏهن اُهي هليا ويا، تڏهن يسوع خلق کي يوحنا بابت چوڻ لڳو تہ اوهين رڻ پٽ ۾ ڇا ڏسڻ ويا هئا؟ ڇا هڪڙو ڪانو جو هوا ۾ پئي لُڏيو؟


هنن چيو تہ ڪي چون ٿا تہ يوحنا بپتسما ڏيڻ وارو آهي، ڪي ايلياهہ، ۽ ٻيا ٿا چون تہ يرمياهہ، يا نبين مان ڪو هڪڙو.


ڇالاءِ تہ يوحنا اوهان وٽ سچائيءَ جي رستي آيو، ۽ اوهان هن کي نہ مڃيو، پر ٺيڪيدارن ۽ ڪسبياڻين کيس مڃيو: ۽ اوهان جيتوڻيڪ اهو ڏٺو، تڏهن بہ ايمان آڻڻ لاءِ توبهہ نہ ڪئي.


تنهن ڪري اهڙا ڦل پيدا ڪريو جي توبهہ جي لائق هجن:


تہ وقت ڀرجي آيو آهي ۽ خدا جي بادشاهت ويجهي آئي آهي: توبهہ ڪريو ۽ انجيل تي ايمان آڻيو.


جيئن يسعياہ نبيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل آهي تہ ”ڏس، آئون پنهنجو پيغمبر توکان اڳ ۾ ٿو موڪليان، جو تنهنجو رستو تيار ڪندو؛


۽ اي ٻچا، تون خدا تعاليٰ جو نبي ڪري ڪوٺبين، ڇوتہ تون خداوند جا رستا تيار ڪرڻ لاءِ سندس اڳيان ٿي هلندين،


۽ جڏهن يوحنا جا قاصد هليا ويا، تڏهن هو ميڙاڪن کي يوحنا بابت چوڻ لڳو، تہ اوهين رڻ پٽ ۾ ڇا ڏسڻ ويا هئا؟ ڇا واءُ سان لڏندڙ ڪاني کي؟


يعني يوحنا جي بپتسما کان وٺي، انهي ڏينهن تائين جڏهن ڪ هو اسان وٽان مٿي چڙهي ويو، تن مان هڪڙو ضرور يسوع جي وري جي اُٿڻ جو شاهد رهي.


هاڻي ڏس جيئن خداوند فرمايو هو تيئن ٿيو، يعني جنهن وقت خداوند هيءَ ڳالهہ موسيٰ سان ڪئي، ۽ اڃا بني اسرائيل بيابان ۾ رلندا ٿي وتيا، تنهن وقت کان وٺي اڄ تائين جي پنجيتاليهہ ورهيہ گذريا آهن، سي هو مون کي جيئرو رکندو آيو آهي؛ ۽ هاڻي ڏس، آءٌ اڄ پنجاسي ورهين جي عمر جو آهيان.


۽ موسيٰ جي سالي قينيءَ جا پٽ، کجورين واري شهر مان، بني يهوداہ سان گڏجي، يهوداہ جي بيابان ۾ ويا، جو عراد جي ڏکڻ ۾ آهي؛ ۽ هو وڃي انهن ماڻهن سان گڏ رهڻ لڳا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ