Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 27:2 - Sindhi Bible

2 ۽ هن کي ٻَڌي وٺي ويا، ۽ وڃي پلاطس حاڪم جي حوالي ڪيائونس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

2 پوءِ هنن يسوع کي ٻڌي وٺي وڃي رومي گورنر پلاطس جي حوالي ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 پوءِ هنن عيسيٰ کي ٻڌي وٺي وڃي رومي گورنر پلاطس جي حوالي ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

2 سو ھن کي ٻڌي وٺي ويا ۽ وڃي رومي گورنر پلاطس جي حوالي ڪيائونس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 27:2
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن انهيءَ هنڌ آيا جنهن جو خدا ڏس ڏنو هوس؛ تڏهن ابرهام اتي قربانگاهہ جوڙي ۽ اتي ڪاٺيون ٺاهي رکيائين، ۽ پنهنجي پٽ اسحاق کي ٻڌي ڪاٺين جي مٿان رکيائين.


۽ هو غير قومن جي حوالي ڪيو ويندو، جي ساڻس ٺٺوليون ڪندا، ۽ کيس چهبڪ هڻندا، ۽ صليب تي چاڙهيندا، ۽ ٽئين ڏينهن هو جيئرو ٿي اُٿندو.


۽ جي اها ڳالهہ حاڪم جي ڪَن تي پيئي، تہ اسين پاڻهي هن کي سمجهائينداسين، ۽ اوهان کي خطري کان بچائي وٺنداسين.


هاڻي اُنهي مهل ڪي ماڻهو اُتي هئا، تن کيس اُنهن گليلين جي ڳالهہ ٻڌائي، جن جو رت پيلاطس سندن قربانين سان ملائي ڇڏيو هو.


پوءِ هو هن کي اک ۾ رکندا آيا، ۽ جاسوس موڪليائون تہ ٻاهر سچار بنجي هن کي سندس ڳالهائڻ ۾ ڦاسائين، تہ حاڪم جي قبضي ۽ اختياريءَ ۾ ڏينس.


تڏهن سڄي جماعت اُٿي کڙي ٿي، ۽ پيلاطس وٽ وٺي آيس.


۽ انهي ئي ڏينهن هيروديس ۽ پيلاطس پاڻ ۾ ٺهي ويا، جو اڳي هو پاڻ ۾ وڙهيل هئا.


هاڻي تبريس قيصر جي حڪومت جي پندرهين ورهيہ ۾، جن ڏينهن ۾ پنطيس پيلاطس يهوديہ جو حاڪم، ۽ هيروديس گليل جو حاڪم، ۽ ڀاڻس فلپس اِتوريہ ۽ ترخونيتس ملڪ جو حاڪم، ۽ لسانياس ابلينيءَ جو حاڪم هو،


تنهن تي انهيءَ ٽوليءَ ۽ سندس عملدار، ۽ يهودين جي حوالدارن يسوع کي جهلي ٻَڌو.


تنهن تي يوحنا کيس ٻَڌل ئي قائفا سردار ڪاهن وٽ ڏياري موڪليو.


پوءِ قائفا وٽان يسوع کي محلات ۾ وٺي ويا: ۽ اڃا وڏو صبح هو ۽ هو پاڻ محلات ۾ نہ گهڙيا، انهي لاءِ تہ متان ڇپي نہ پون، پر فسح کائڻ جهڙا ٿين.


۽ جڏهن هيروديس کيس ٻاهر وٺي اچڻ تي هو، تڏهن انهيءَ رات پطرس ٻن زنجيرن سان ٻَڌل ٻن سپاهين جي وچ ۾ سمهيو پيو هو، ۽ سپاهين دروازي جي اڳيان پهرو پئي ڏنو.


پوءِ پلٽڻ جي سردار ويجهو اچي هن کي گرفتار ڪيو، ۽ حڪم ڏنائين تہ ٻن زنجيرن سان ٻَڌوس؛ ۽ پڇا ڪرڻ لڳو تہ هي ڪير آهي ۽ ڇا ڪيو اٿس؟


جڏهن چم جي وڍين سان ٻَڌي رهيس، تڏهن جو صوبيدار پاسي ۾ بيٺو هوس، تنهن کي پولس چيو تہ اهو ڪو باقاعدي ڪم ٿا ڪريو ڇا، تہ جيڪو ماڻهو رومي آهي، ۽ جنهن تي ڪو ڏوهہ ثابت ڪونہ ٿيو آهي، تنهن کي چهبڪ ٿا هڻو؟


پوءِ جيڪي هن جي زباني وٺڻ تي هئا، سي هڪدم هن کي ڇڏي هليا ويا؛ ۽ پلٽڻ جي سردار کي بہ جڏهن خبر پيئي تہ هو رومي آهي، تڏهن ڊڄي ويو جو هن کي ٻَڌايو هئائين.


پر جڏهن ٻہ ورهيہ گذري ويا، تڏهن فيلڪس جي جاءِ تي پرڪيوس فيستس آيو؛ ۽ فيلڪس جي مرضي هئي تہ يهودين ۾ سرخرو ٿيان، تنهنڪري پولس کي قيد ۾ ئي ڇڏي هليو ويو.


هاڻي انهي مطلب لاءِ مون اوهان کي گهُرايو آهي تہ آئون اوهان سان گڏجان، ۽ اوهان سان ڳالهہ ٻولهہ ڪريان: ڇالاءِ تہ جيڪا اسرائيل جي اُميد آهي، تنهن جي ڪري ئي مون کي هن زنجير ۾ ٻَڌو اٿن.


ابراهيم، ۽ اسحاق ۽ يعقوب جي خدا، اسان جي ابن ڏاڏن جي خدا، پنهنجي بندي يسوع کي جلال بخشيو، جنهن کي اوهان جهلايو، ۽ جڏهن پلاطس هن کي ڇڏي ڏيڻ جو ارادو ڪيو، تڏهن سندس اڳيان انڪاري ٿيا.


ڇالاءِ تہ سچ پچ هن شهر ۾ تنهنجو پاڪ بندو يسوع، جنهن کي تو مسح ڪيو هو، تنهن جي برخلاف هيروديس توڙي پنطس پلاطس، غير قومن ۽ اسرائيل جي اُمتن سوڌو اچي گڏ ٿيا،


۽ چيائينس تہ مون کي دمشق جي عبادتخانن لاءِ انهيءَ مضمون تي خط لکي ڏي، تہ جن مردن خواہ زالن کي انهي طريقي تي ڏسان، تن کي ٻَڌائي يروشلم ۾ وٺي اچان.


آئون خدا جي حضور ۾ توکي تاڪيد ٿو ڪريان، جو سڀني شين کي جيئرو ٿو رکي، ۽ مسيح يسوع جي حضور ۾ جنهن پنطيس پلاطس جي اڳيان چڱو اقرار ڪيو هو؛


۽ جنهن جي ڪري آئون سختي ٿو سهان، بلڪ ايتري قدر، جو هڪ بدڪار وانگر قيد ۾ پيل آهيان؛ پر خدا جو ڪلام قيد نہ آهي.


قيدين کي اهڙيءَ طرح ياد ڪريو جو ڄڻ تہ اوهين بہ انهن سان قيد ۾ آهيو؛ ۽ جن سان بدسلوڪي ڪرڻ ۾ ٿي اچي، تن کي بہ ياد ڪريو ۽ سمجهو تہ اوهان کي بہ انهن جهڙو جسم آهي.


۽ هنن چيس تہ اسين انهيءَ لاءِ آيا آهيون تہ توکي ٻڌي فلستين جي حوالي ڪريون، ۽ سمسون هنن کي چيو تہ مون سان قسم کڻو تہ اوهين پاڻ مون تي ڪاهي اچي نہ پوندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ