Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 24:3 - Sindhi Bible

3 ۽ جڏهن هو زيتونن جي ٽڪر تي ويٺو هو، تڏهن شاگردن وٽس خلاصو اچي کيس چيو، تہ اسان کي ٻڌاءِ تہ اهي ڳالهيون ڪڏهن ٿينديون؟ ۽ تنهنجي اچڻ جي، ۽ دنيا جي پڄاڻيءَ جي ڪهڙي نشاني ٿيندي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

3 يسوع جڏهن زيتون جي ٽڪر تي ويٺو هو، تڏهن سندس چيلا نويڪلائيءَ ۾ وٽس آيا ۽ کانئس پڇڻ لڳا تہ ”اسان کي ٻڌايو تہ اهي ڳالهيون ڪڏهن ٿينديون ۽ اوهان جي راڄ اچڻ جي ۽ هن انتم زماني جي پڄاڻيءَ جي ڪهڙي نشاني هوندي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 عيسيٰ جڏهن زيتون جي ٽڪر تي ويٺو هو، تڏهن سندس شاگرد نويڪلائيءَ ۾ وٽس آيا ۽ کانئس پڇڻ لڳا تہ ”اسان کي ٻڌايو تہ اهي ڳالهيون ڪڏهن ٿينديون ۽ اوهان جي بادشاهي اچڻ جي ۽ هن آخري زماني جي پڄاڻيءَ جي ڪهڙي نشاني هوندي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

3 عيسيٰ جڏھن زيتون جي ٽڪر تي ويٺو ھو تڏھن سندس شاگرد نويڪلائيءَ ۾ وٽس آيا. انھن پڇيس تہ ”اسان کي ٻڌايو تہ اھي ڳالھيون ڪڏھن ٿينديون ۽ اوھان جي بادشاھت اچڻ جي ۽ ھن دنيا جي پڄاڻيءَ جي ڪھڙي نشاني ٿيندي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 24:3
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن کانپوءِ هو ميڙاڪن کي ڇڏي گهر ويو، ۽ سندس شاگرد وٽس آيا، ۽ چيائونس تہ اسان کي ٻنيءَ جي جهنگليءَ ٻج وارو مثال سمجهاءِ.


جهان جي پڄاڻيءَ ۾ بہ ائين ئي ٿيندو: ملائڪ ايندا ۽ بڇڙن کي چڱن مان ڪڍي ڌار ڪندا،


تڏهن شاگردن اچي چيس تہ توکي ڪا خبر آهي تہ فريسين کي تنهنجي هن ڳالهہ ڪري ٺوڪر لڳي آهي؟


ڇالاءِ جو جڏهن ابن آدم پنهنجي پيءُ جي جلال ۾ پنهنجن ملائڪن سان گڏ ايندو، تڏهن هو سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي سندس ڪمن موجب اجر ڏيندو.


۽ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هتي جيڪي بيٺا آهن، تن مان ڪي اهڙا آهن جي جيسين ابن آدم کي سندس بادشاهت ۾ ايندو نہ ڏسندا، تيسين موت جو مزو نہ چکندا.


تڏهن شاگردن يسوع وٽ نويڪلائيءَ ۾ اچي چيو تہ اسين انهي کي ڇو ڪين ڪڍي سگهياسون؟


۽ جڏهن هو يروشلم جي ويجهو، ۽ بيت فگا ۾ زيتون جي ٽڪر تي آيا، تڏهن يسوع ٻن شاگردن کي موڪليو،


ڇالاءِ تہ جيئن وڄ اُڀرندي کان کنوندي الهندي تائين چمڪاٽ ڪندي آهي، تيئن ابن آدم جو بہ اچڻ ٿيندو.


۽ اُنهي وقت ابن آدم جي نشاني آسمان ۾ ظاهر ٿيندي: ۽ اُنهي مهل زمين جون سڀ قومون افسوس ڪنديون، ۽ اُهي ابن آدم کي قدرت ۽ وڏي شان ۽ شوڪت سان آسمان جي ڪڪرن ۾ ايندو ڏسنديون.


۽ جيئن نوح جي ڏينهن ۾ ٿيو، تيئن ابن آدم جو بہ اچڻ ٿيندو.


۽ جيسين ڪ ٻوڏ آئي ۽ انهن سڀني کي لوڙهي ويئي، تيسين انهن کي خبر ڪانہ هئي، تيئن ابن آدم جو بہ اچڻ ٿيندو.


پر هيترو ڄاڻجو تہ جيڪڏهن گهر جي مالڪ کي خبر هجي ها تہ ڪهڙي پهر ۾ چور ايندو تہ جيڪر هو سجاڳ رهي ها، ۽ پنهنجي گهر کي کاٽ لڳڻ نہ ڏئي ها.


۽ هنن کي تعليم ڏيو تہ جن ڳالهين جو مون اوهان کي حڪم ڏنو آهي، تن سڀني تي هلن، ۽ ڏسو، آئون هميشہ، بلڪ دنيا جي پڇاڙيءَ تائين، اوهان سان آهيان.


تڏهن هنن پڇيس تہ اي اُستاد، اهي ڳالهيون ڪڏهن ٿينديون؟ ۽ جڏهن اُهي ٿيڻ تي هونديون تڏهن انهي وقت جي ڪهڙي نشاني ٿيندي؟


تڏهن چيائين تہ وقت ۽ معيادون، جي ابي پنهنجي وس رکيون آهن، تن کي ڄاڻڻ اوهان جو ڪم ناهي.


نہ تہ جهان جي شروعات کان وٺي گهڻائي ڀيرا کيس ڏک سهڻو پوي ها: پر هاڻي زمانن جي پڇاڙيءَ ۾ هو هڪڙو ڀيرو ظاهر ٿيو، انهي لاءِ تہ پاڻ کي قربان ڪرڻ سان گناهہ مٽائي ڇڏي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ