Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 22:8 - Sindhi Bible

8 تڏهن هن پنهنجن نوڪرن کي چيو تہ شاديءَ جي مجلس تيار آهي، مگر جن کي دعوت ڏني ويئي هئي، سي لائق نہ هئا،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

8 پوءِ هن پنهنجي نوڪرن کي سڏي چيو تہ ’شاديءَ جي رسوئي تيار آهي، پر جن کي دعوت ڏني ويئي هئي سي ان جي لائق نہ هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 پوءِ هن پنهنجي نوڪرن کي سڏي چيو تہ ’شاديءَ جي ماني تيار آهي، پر جن کي دعوت ڏني ويئي هئي سي ان جي لائق نہ هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

8 پوءِ ھن پنھنجن نوڪرن کي سڏي چيو تہ ’شاديءَ جي ماني تيار آھي پر جن کي دعوت ڏني ويئي ھئي سي ان جا لائق نہ ھئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 22:8
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن تي بادشاهہ کي ڪاوڙ لڳي، ۽ هن پنهنجا نوڪر موڪلي انهن خونين کي برباد ڪيو، ۽ انهن جو شهر ساڙائي ڇڏيائين.


تنهنڪري اوهين چوواٽن تي وڃو، ۽ جيڪي بہ ماڻهو ڏسو، تن کي شاديءَ جي مجلس جي دعوت ڏيو.


يسوع چين تہ جيسين گهوٽ ڄاڃين سان آهي، تيسين هو ماتم ڪري سگهن ٿا ڇا؟ پر اُهي ڏينهن ايندا، جڏهن گهوٽ کانئن جدا ڪيو ويندو، پوءِ هو روزا رکندا.


پر جيڪي انهي لائق آهن تہ ايندڙ جهان ملين، ۽ قيامت ۾ جي اُٿن، سي نڪي پرڻبا نڪي پرڻايا ويندا آهن،


پر اوهين هر وقت سجاڳ رهو ۽ دعا گهُرو تہ اهي جيڪي ڳالهيون ٿيڻيون آهن، تن کان بچڻ جي طاقت مليوَ، ۽ ابن آدم جي حضوريءَ ۾ بيهي سگهو.


سو پولس ۽ برناباس همت جهلي ڳالهائڻ لڳا ۽ چيائون تہ ضرور هو تہ خدا جو ڪلام پهريائين اوهان کي ٻُڌائجي: پر جيئن تہ اوهان اهو ريٽي ڇڏيو آهي، ۽ هميشہ جي زندگيءَ جو پاڻ کي لائق ئي نٿا سمجهو، تنهنڪري ڏسو، اسين ڦري غير قومن ڏانهن ٿا وڃون.


اهو خدا جي سچيءَ عدالت جو صاف نشان آهي؛ انهي لاءِ تہ اوهين خدا جي بادشاهت جا لائق ليکجڻ ۾ اچو، جنهن جي لاءِ اوهين ڏک پيا سهو؛


مبارڪ آهن اُهي، جي پنهنجا ڪپڙا ڌوئي صاف ٿا ڪن، اُهي زندگيءَ جي وڻ جا حقدار ٿيندا ۽ انهي شهر ۾ درن مان گهڙندا.


پر سرديس ۾ تو وٽ ڪي اهڙا آهن جن پنهنجا ڪپڙا پليت نہ ڪيا؛ ۽ اُهي سفيد پوشاڪ پائي مون سان گڏ گهُمندا، جو اُهي انهي جا لائق آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ