Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 22:7 - Sindhi Bible

7 تنهن تي بادشاهہ کي ڪاوڙ لڳي، ۽ هن پنهنجا نوڪر موڪلي انهن خونين کي برباد ڪيو، ۽ انهن جو شهر ساڙائي ڇڏيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

7 تنهن تي راجا اچي ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ پنهنجا سپاهي موڪلي انهن قاتلن کي مارائي ڇڏيائين ۽ سندن شهر ساڙائي ڇڏيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 تنهن تي بادشاهہ اچي ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ پنهنجا سپاهي موڪلي انهن قاتلن کي مارائي ڇڏيائين ۽ سندن شهر ساڙائي ڇڏيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

7 تنھن تي بادشاھہ اچي ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ پنھنجا سپاھي موڪليائين تہ انھن قاتلن کي مارين ۽ سندن شھر ساڙي ڇڏين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 22:7
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ انهن ٻاهٺ هفتن کانپوءِ اهو مسح ڪيل قتل ڪيو ويندو، ۽ وٽس ڪجهہ ڪين رهندو: ۽ جيڪو بادشاهہ ايندو، تنهن جا ماڻهو اُهو شهر ۽ پاڪ مڪان ناس ڪري ڇڏيندا؛ ۽ انهي جي پڄاڻي ٻوڏ سان ٿيندي، ۽ پڇاڙيءَ تائين جنگ هلي هلندي؛ خرابيون پڪيءَ طرح ٺهرايون ويون آهن.


۽ خداوند پنهنجي لشڪر جي اڳيان پنهنجو آواز ٻڌائي ٿو؛ ڇالاءِ جو هن جي لشڪرگاهہ وڏي آهي؛ ۽ اُهو جيڪو هن جي حڪم جي تعميل ٿو ڪري سو مضبوط آهي: ڇالاءِ جو خداوند جو ڏينهن وڏو ۽ تمام خوفناڪ آهي، ۽ ڪير اُهو سهي سگهندو؟


۽ آءٌ اوهان کي اُهي سال موٽائي ڏيندس جن جا فصل مڪڙ، ۽ سرا، ۽ سوٻٽ، ۽ تڏيون کائي ويون آهن، يعني اُهو وڏو لشڪر جو مون اوهان وٽ موڪليو.


تڏهن آءٌ سڀ قومون گڏ ڪندس، ۽ سڀني کي يهوسفط جي واديءَ ۾ لاهيندس؛ ۽ اُتي آءٌ پنهنجي اُمت جي لاءِ، ۽ پنهنجي ميراث اسرائيل جي لاءِ ساڻن حجت دليل ڪندس، جو هنن انهن کي قومن ۾ پکيڙي ڇڏيو آهي ۽ منهنجي زمين ورهائي ڇڏي اٿن.


۽ ٻين وري هن جي نوڪرن کي جهلي بي عزت ڪري ماري وڌو.


تڏهن هن پنهنجن نوڪرن کي چيو تہ شاديءَ جي مجلس تيار آهي، مگر جن کي دعوت ڏني ويئي هئي، سي لائق نہ هئا،


ٻيو تہ منهنجا اُهي دشمن، جن جي مرضي نہ هئي تہ آئون مٿن بادشاهي ڪريان، تن کي هتي وٺي اچو، ۽ منهنجي سامهون انهن کي قتل ڪريو.


پوءِ جيڪي يهوديہ ۾ هجن سي جبلن ڏانهن ڀڄي وڃن، ۽ جيڪي شهر جي وچ ۾ هجن سي ٻاهر نڪري وڃن، ۽ جيڪي ٻهراڙيءَ ۾ هجن سي اندر شهر ۾ نہ گهڙن.


۽ اُهي ترار سان قتل ٿيندا، ۽ سڀني قومن منجهہ قيدي ٿي ويندا؛ ۽ يروشلم کي غير قومن وارا اچي لتاڙيندا، جيسين ڪ غير قومن جو وقت اچي پورو ٿئي.


۽ اسان کي منع ٿا ڪن تہ غير قومن کي سندن نجات جي لاءِ ڪلام نہ ٻُڌايون؛ تہ ڀلي تہ هنن جي گناهن جا گهڙا هميشہ ڀرپور ٿيندا وڃن: پر انهن تي نهايت گهڻو غضب اچي ڪڙڪيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ