Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 20:2 - Sindhi Bible

2 ۽ جڏهن هنن سان اها ٻول ڪري چڪو تہ هڪ دينار روز ڏيندوسانوَ، تڏهن کين پنهنجي ڊاک جي باغ ۾ موڪليائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

2 هنن سان روز جي مزدوري هڪ چانديءَ جو سڪو ٻول ڪري کين پنهنجي انگورن جي باغ ۾ موڪليائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 هنن سان روز جي مزدوري هڪ چانديءَ جو سڪو ٻول ڪري کين پنهنجي انگورن جي باغ ۾ موڪليائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

2 ھنن سان روز جي مزوري ھڪ چانديءَ جو سڪو ٻول ڪري کين پنھنجي انگورن جي باغ ۾ موڪليائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 20:2
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هيئن ٿيندو تہ جنهن وقت آءٌ تو وٽان هليو ويندس، اُنهيءَ وقت خداوند جو روح توکي اُنهيءَ هنڌ کڻي ويندو جنهن جي مون کي خبر ڪانهي؛ ۽ انهيءَ طرح جڏهن آءٌ اچي اخي آب کي چوندس، ۽ هو توکي لهي نہ سگهندو تڏهن هو مون کي قتل ڪري ڇڏيندو: پر آءٌ تنهنجو نوڪر ننڍي هوندي کان خداوند کان ڊڄندو آهيان.


ڇالاءِ جو سندس بادشاهي جي اٺين سال ۾، جڏهن هو اڃا ننڍو هو، تڏهن پنهنجي پيءُ دائود جي خدا جي طلب ۾ رهڻ لڳو: ۽ ٻارهين ورهيہ ۾، يهوداہ ۽ يروشلم مان مٿانهيون جايون، ۽ يسيرتون، ۽ اُڪريل مورتيون، ۽ پلٽيل مورتيون ڪڍڻ لڳو.


پنهنجي جواني جي ڏينهن ۾ پنهنجي خالق کي ياد ڪر، نہ تہ جڏهن خراب ڏينهن ايندا، ۽ ورهيہ ويجها اچي پوندا، تڏهن تون چوندين تہ انهن مان مون کي ڪابہ خوشي حاصل نہ ٿي ٿئي؛


پر اُهو نوڪر ٻاهر نڪتو ۽ پنهنجن هم شريڪ نوڪرن مان هڪڙو ڏٺائين، جنهن کان سؤ دينار لهڻندو هو، ۽ انهيءَ کي جهلي ڳچيءَ کان وٺي چيائينس تہ جيڪي لهڻائين سو ڏي.


ڇالاءِ جو آسمان جي بادشاهت ڪنهن گهر جي مالڪ مثل آهي، جو صبح جو سوير اُنهي لاءِ ٻاهر نڪتو تہ پنهنجي ڊاک جي باغ ۾ ڪمين کي بيهاري.


پر هن انهن مان هڪڙي کي ورندي ڏيئي چيو، تہ ميان، آئون توسان ظلم ڪونہ ٿو ڪريان: تو مون سان هڪ دينار جي ٻول ڪين ڪئي هئي ڇا؟


۽ پهر کن کانپوءِ، هو ٻاهر نڪتو ۽ ٻين کي بازار ۾ نڪمو بيٺل ڏٺائين:


جڏهن اُهي آيا جن ڪلاڪ کن ڪم ڪيو هو، تڏهن انهن مان هڪڙي هڪڙي کي دينار مليو.


مون کي ڍل جو سڪو ڏيکاريو. ۽ هو وٽس هڪڙو دينار کڻي آيا.


تڏهن هن پنهنجن شاگردن کي چيو، تہ فصل تہ بيشڪ ڀلو آهي، پر پورهيت ٿورا آهن.


اسين ڏيون يا نہ ڏيون؟ پر هن انهن جي رياڪاري سهي ڪري چيو، تہ اوهين ڇو ٿا مون کي آزمايو؟ هڪڙو دينار مون وٽ کڻي اچو تہ آئون ڏسان.


ڇوتہ هو خداوند جي نظر ۾ بزرگ ٿيندو، ۽ نڪو شراب ۽ نڪا نشي جي شيءِ پيئندو؛ ۽ ماءُ جي پيٽان ئي پاڪ روح سان ڀرپور ٿيندو.


۽ ٻئي ڏينهن ٻہ دينار ڪڍي سراءِ واري کي ڏنائين، ۽ چيائينس تہ هن جي خدمت ڪج، ۽ جيڪي وڌيڪ خرچ ٿئي ئي سو آئون وري موٽندي اچي ڏيندوسانءِ.


مون کي دينار ڏيکاريو، انهي تي ڪنهن جي شڪل ۽ ڪنهن جا اکر آهن؟ هنن چيو تہ قيصر جا.


۽ تون ننڍپڻ کان انهن پاڪ لکيتن کان واقف آهين، جي توکي مسيح يسوع تي ايمان آڻڻ سان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ دانائي بخشي ٿيون سگهن.


۽ مون ڄڻ تہ هنن چئن جاندارن جي وچ مان هڪڙي آواز کي هيئن چوندو ٻُڌو، تہ هڪ دينار لاءِ ڪڻڪ جو سير ۽ هڪ دينار لاءِ جَوَن جا ٽي سير، پر تيل ۽ مئي کي نقصان نہ رساءِ.


پر سموئيل ٻار هو، ۽ سڻيءَ جي ڪپڙي جو اُفود چيلهہ سان ٻڌي خداوند جي خدمت ڪندو هو.


۽ اُهو ڇوڪر سموئيل وڌندو ويو ۽ خداوند توڙي انسان هن کي پسند ڪندا هئا.


۽ اهو ڇوڪر سموئيل عيليءَ جي اڳيان خداوند جي خدمت ڪندو هو، ۽ خداوند جو ڪلام انهن ڏينهن ۾ ڪامياب هو؛ ڪو ظاهر ظهور رويا نہ ٿيندو هو.


۽ خداوند وري بہ سيلا ۾ ظاهر ٿيو: ڇالاءِ جو خداوند پاڻ کي سموئيل تي سيلا ۾، خداوند جي ڪلام جي وسيلي ظاهر ڪيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ