Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 2:7 - Sindhi Bible

7 تڏهن هيروديس اُنهن مجوسين کي خلاصو سڏائي، انهن کان پوريءَ طرح پڇي خاطري ڪئي، تہ ڪهڙي وقت اُهو تارو ظاهر ٿيو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

7 تنهن تي هيروديس انهن جوتشين کي اڪيلائيءَ ۾ گھرائي پڇيو تہ ”تارو ٺيڪ ڪهڙي وقت نظر آيو هو؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 تنهن تي هيروديس انهن نجومين کي اڪيلائيءَ ۾ گھرائي پڇيو تہ ”تارو ٺيڪ ڪهڙي وقت نظر آيو هو؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

7 تنھن تي ھيروديس انھن نجومين کي اڪيلائيءَ ۾ گھرائي پڇيو تہ ”تارو ٺيڪ ڪھڙي وقت نظر آيو ھو؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 2:7
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن جي وات جون ڳالهيون تہ مکڻ جهڙيون ملائم هيون، پر سندس دل ۾ جنگ هئي: هن جون ڳالهيون تيل کان بہ سڻڀيون هيون، پر حقيقت ۾ اُگهاڙيون ترارون هيون.


تنهنڪري اچو تہ ساڻن هوشياريءَ سان هلون، متان اُهي اڃا بہ وڌي وڃن، ۽ پوءِ جڏهن ڪا جنگ لڳي، تڏهن اهي وڃي اسان جي دشمن سان گڏجن ۽ اسان سان وڙهن، ۽ هن ملڪ مان نڪري وڃن.


آءٌ هن کي ڏسان ٿو، پر هاڻي نہ: منهنجي هنن تي نظر پوي ٿي، پر ويجهڙائيءَ ۾ نہ: يعقوب منجهان هڪڙو تارو نڪرندو، ۽ اسرائيل منجهان هڪڙو عصو کڙو ٿيندو، جو موآب جي ڪنڊن کي ماريندو، ۽ سڀني فسادين کي ڀڃي ڇڏيندو.


هاڻي جڏهن يسوع يهوديہ واري بيت الحم ۾ هيروديس بادشاهہ جي ڏينهن ۾ پيدا ٿيو، تڏهن ڏسو، اُڀرندي کان مجوسي يروشلم ۾ آيا،


پوءِ جڏهن هيروديس ڏٺو تہ مجوسين مون سان ٺڳي ڪئي آهي تڏهن ڏاڍو اچي ڪاوڙيو، ۽ انهن مجوسين کان جو وقت پڇي پڪو ڪري ڇڏيو هئائين، تنهن موجب بيت الحم ۾ ۽ ان جي آس پاس وارين حدن ۾، جيڪي ڇوڪر ٻن ورهين جا ۽ انهي کان ننڍا هئا، تن سڀني کي ماڻهو موڪلي مارائي ڇڏيائين.


۽ انهن کي بيت الحم ڏي روانو ڪيائين، ۽ چيائين تہ وڃي انهي ننڍي ٻار جو احوال چڱيءَ طرح دريافت ڪريو؛ ۽ جڏهن اوهين انهي کي لهو، تڏهن مون کي اطلاع ڏجو، تہ آئون بہ اچي کيس سجدو ڪريان.


پر فيلڪس کي جو انهي طريقي جي وڌيڪ خبر هئي، تنهن هنن کي ترسائي ڇڏيو، ۽ چيائين تہ جڏهن پلٽڻ جو سردار لوسياس ايندو، تڏهن آئون اوهان جو معاملو فيصل ڪندس.


۽ نانگ اُنهيءَ زال پٺيان پنهنجي وات مان نديءَ وانگر پاڻي ڪڍيو، انهي لاءِ تہ کيس وهڪري ۾ وهائي ڇڏي.


۽ سائول چيو تہ آءٌ اها هن کي ڏيندس تہ ڀلي اها هن جي لاءِ هڪڙو ڦندو ٿئي، ۽ فلستين جو هٿ هن تي پوي. تنهنڪري سائول دائود کي چيو تہ تون اڄوڪي ڏينهن ٻيو ڀيرو منهنجو ناٺي ٿيندين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ