Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 2:6 - Sindhi Bible

6 ”اي يهوديہ ملڪ جا بيت الحم، تون ڪنهن بہ طرح يهوديہ جي شهزادن مان سڀ کان ننڍو نہ آهين: ڇالاءِ جو تو منجهان هڪڙو حاڪم نڪرندو، جو منهنجي قوم اسرائيل جو پاسبان ٿيندو“.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

6 ’اي بيت‌لحم! يهوديہ جي ملڪ ۾، تون ڪنهن بہ طرح يهوديہ جي راجڪمارن مان ڪنهن کان بہ ننڍو نہ آهين، ڇاڪاڻ تہ تو منجھان هڪ حاڪم نڪرندو، جيڪو منهنجي قوم بني اسرائيل جي رهبري ڪندو.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 ’اي بيت‌لحم! يهوديہ جي ملڪ ۾، تون ڪنهن بہ طرح يهوديہ جي شهزادن مان ڪنهن کان بہ ننڍو نہ آهين، ڇاڪاڻ تہ تو منجھان هڪ حاڪم نڪرندو، جيڪو منهنجي قوم بني اسرائيل جي رهبري ڪندو.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

6 ’اي بيت⁠لحم! يھوديہ جي ملڪ ۾، تون ڪنھن بہ طرح يھوديہ جي شھزادن مان، ڪنھن کان بہ ننڍو نہ آھين. ڇالاءِ⁠جو تو منجھان ھڪ حاڪم نڪرندو، جو منھنجي قوم بني اسرائيل جي رھبري ڪندو.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 2:6
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيسين شيلوہ نہ ايندو، تيسين يهوداہ کان بادشاهي نہ ويندي، نڪي حڪومت جو عصو سندس پيرن هيٺان نڪري ويندو؛ ۽ قومون هن جي فرمانبرداري ڪنديون.


گذريل ڏينهن ۾ جڏهن سائول اسان جي مٿان بادشاهہ هوندو هو تڏهن تون ئي اسرائيل کي اندر ٻاهر وٺي ايندو هئين: ۽ خداوند توکي چيو تہ تون منهنجي قوم اسرائيل جي سنڀال ڪندين، ۽ اسرائيل جي مٿان بادشاهہ ٿيندين.


۽ سلما، جو بيت الحم جو پيءُ هو، ۽ خارف، جو بيت جدر جو پيءُ هو.


ڇالاءِ جو يهوداہ پنهنجن ڀائرن کان زور وٺي ويو، ۽ انهيءَ مان سردار ٿيو؛ پر ڄائي ڄم جو حق يوسف جو هو:)


بني بيت الحم، هڪ سؤ ٽيويهہ.


هو پنهنجو ڌڻ ڌنار وانگي چاريندو، ۽ هو گهيٽن کي پنهنجين ٻانهن هيٺ گڏ ڪري پنهنجي ڀاڪر ۾ کڻي هلندو، ۽ جيڪي کير پيارين ٿيون تن کي آهستي آهستي وٺي ويندو.


پر اي بيت الحم افراتاہ، تون جو يهوداہ جي قبيلن ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ننڍڙو آهين، تہ بہ تو مان هڪڙو شخص نڪرندو، ۽ منهنجي لاءِ اسرائيل جو حاڪم ٿيندو؛ ۽ هن جو اصل قديم وقت کان بلڪ هميشہ کان آهي.


يعقوب مان هڪڙو بادشاهي ڪندو، ۽ جيڪي شهر ۾ رهجي ويندا تن کي برباد ڪندو.


هاڻي جڏهن يسوع يهوديہ واري بيت الحم ۾ هيروديس بادشاهہ جي ڏينهن ۾ پيدا ٿيو، تڏهن ڏسو، اُڀرندي کان مجوسي يروشلم ۾ آيا،


۽ يسوع وٽن اچي ساڻن ڳالهايو ۽ چيائين تہ آسمان ۽ زمين تي سڀ اختياري مون کي ڏني ويئي آهي.


تڏهن وري ٻيو گهُمرو چيائينس، تہ شمعون بن يوحنا، تون مون کي پيار ڪرين ٿو؟ هن چيو تہ هائو، اي خداوند، تون ڄاڻين ٿو تہ آئون توکي چاهيان ٿو. تڏهن هن چيس تہ منهنجيون رڍون سنڀالج.


پاڪ ڪلام ۾ ڪين چيل آهي تہ مسيح دائود جي نسل مان، ۽ بيت الحم، جو دائود جو ڳوٺ آهي، تنهن مان ايندو؟


۽ سڀ ڪجهہ هن جي پيرن هيٺ ڪري ڇڏيائين، ۽ کيس ڪل ڪليسيا جو سردار مقرر ڪيائين،


۽ اهوئي بدن جو، يعني ڪليسيا جو سر آهي: اهو ئي منڍ آهي، ۽ اهو ئي پهريون شخص آهي جو مُئلن منجهان جي اُٿيو؛ انهي لاءِ تہ سڀني ڳالهين ۾ هن کي اول درجو هجي.


ڇالاءِ جو اها ڳالهہ ظاهر آهي، تہ اسان جو خداوند يهوداهہ جي قبيلي مان آهي، جنهن قبيلي بابت موسيٰ ڪاهنن جي نسبت ۾ ڪي ڪين چيو.


۽ ستين ملائڪ تري وڄائي، تہ آسمان ۾ وڏا آواز ٿيڻ لڳا، ۽ انهن چيو تہ دنيا جي بادشاهت اسان جي خداوند ۽ سندس مسيح جي ٿي ويئي آهي: ۽ اُهو هميشہ تائين بادشاهي ڪندو رهندو.


جيئن مون کي بہ پنهنجي پيءُ کان اختيار مليو آهي. ۽ هو لوهہ جي لٺ سان انهن تي حڪم هلائيندو، ۽ هنن کي ڪنڀر جي ٿانءَ وانگر ڀڃي پرزا پرزا ڪندو.


ڇالاءِ جو گهيٽو جيڪو تخت جي وچ ۾ آهي، سو هنن جو ڌنار ٿيندو، ۽ کين آبِ حيات جي چشمن تي وٺي ويندو: ۽ خدا سندن اکين مان ڳوڙها اُگهي ڇڏيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ