Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 2:22 - Sindhi Bible

22 پر جڏهن ٻڌائين تہ ارڪيلائوس پنهنجي پيءُ هيروديس جي جاءِ تي يهوديہ ۾ بادشاهي ٿو ڪري، تڏهن اوڏانهن وڃڻ کان ڊنو، ۽ خواب ۾ جا هدايت ٿيس، تنهن موجب هو گليل جي پرڳڻي ۾ آيو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

22 جڏهن هن کي خبر پيئي تہ اتي ارخلائوس پنهنجي پتا هيروديس جي گاديءَ تي يهوديہ صوبي جو حڪمران ٿيو آهي تہ هو اوڏانهن وڃڻ کان ڊڄڻ لڳو. تڏهن هن کي خواب ۾ وڌيڪ هدايتون مليون، سو هو گليل صوبي ۾ آيو

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 جڏهن هن کي خبر پيئي تہ اتي ارخلائوس پنهنجي پيءُ هيروديس جي گاديءَ تي يهوديہ علائقي جو حڪمران ٿيو آهي تہ هو اوڏانهن وڃڻ کان ڊڄڻ لڳو. تڏهن هن کي خواب ۾ وڌيڪ هدايتون مليون، سو هو گليل صوبي ۾ آيو

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

22 جڏھن ھن کي خبر پيئي تہ ارڪيلائوس پنھنجي پيءُ ھيروديس جي گاديءَ تي يھوديہ جو بادشاھہ ٿيو آھي تہ ھو اوڏانھن وڃڻ کان ڊڄڻ لڳو. پر ھن کي خواب ۾ وڌيڪ ھدايتون مليون ۽ ھو گليل جي علائقي ۾ آيو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 2:22
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جڏهن هو خداوند جي شريعت موجب سڀ ڪجهہ پورو ڪري رهيا، تڏهن گليل ملڪ ۾ پنهنجي شهر ناصرت ڏانهن موٽي ويا.


هنن جواب ڏيئي چيس، تہ تون بہ گليل جو آهين ڇا؟ جاچ ڪري ڏس تہ گليل مان ڪوبہ نبي پيدا ٿيڻ وارو نہ آهي.


تنهن کان پوءِ يسوع بپتسما وٺڻ لاءِ گليل مان نڪري يردن ڏانهن يوحنا وٽ آيو.


پر جڏهن هيروديس مري ويو تڏهن ڏسو، خداوند جي هڪڙي ملائڪ مصر ۾ يوسف کي خواب ۾ ڏيکاري ڏيئي چيو تہ


پر جڏهن هو انهن ڳالهين بابت فڪر ۾ هو، تہ ڏسو تہ هن کي خواب ۾ خدا جو هڪڙو ملائڪ ڏسڻ ۾ آيو، جنهن چيس تہ اي دائود جا پٽ يوسف، تون مريم پنهنجي زال کي پاڻ وٽ آڻڻ کان نہ ڊڄ، ڇالاءِ جو جيڪو حمل ٿيو اٿس سو پاڪ روح جي قدرت سان آهي.


جڏهن اوهين ساڄي يا کاٻي پاسي ڦرندا تڏهن تنهنجا ڪن تنهنجي پٺيان هڪڙو آواز ٻڌندا تہ رستو هي آهي، اوهين انهي تي هلو.


خداوند توکي ايندي ۽ ويندي، هن مهل کان وٺي هميشہ تائين تنهنجي سنڀال ڪندو.


تون پنهنجيءَ صلاح سان منهنجي هدايت ڪندين، ۽ نيٺ مون کي جلال ۾ قبول ڪندين.


ڇو تہ هي خدا هميشہ تائين اسان جو خدا آهي: هو موت تائين اسان جو سونهون ٿيندو.


۽ سموئيل چيو تہ آءٌ ڪيئن وڃي سگهندس؟ جڏهن سائول اها ڳالهہ ٻڌندو تہ مون کي ماري ڇڏيندو. ۽ خداوند چيو تہ هڪڙي گابي پاڻ سان کڻ، ۽ چئُہ تہ آءٌ خداوند جي لاءِ قرباني ڪرڻ آيو آهيان.


هاڻي جڏهن يسوع يهوديہ واري بيت الحم ۾ هيروديس بادشاهہ جي ڏينهن ۾ پيدا ٿيو، تڏهن ڏسو، اُڀرندي کان مجوسي يروشلم ۾ آيا،


تنهن تي هو اُٿيو ۽ انهي ننڍي ٻار ۽ سندس ماءُ کي وٺي اسرائيل جي ملڪ ۾ آيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ