Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 2:16 - Sindhi Bible

16 پوءِ جڏهن هيروديس ڏٺو تہ مجوسين مون سان ٺڳي ڪئي آهي تڏهن ڏاڍو اچي ڪاوڙيو، ۽ انهن مجوسين کان جو وقت پڇي پڪو ڪري ڇڏيو هئائين، تنهن موجب بيت الحم ۾ ۽ ان جي آس پاس وارين حدن ۾، جيڪي ڇوڪر ٻن ورهين جا ۽ انهي کان ننڍا هئا، تن سڀني کي ماڻهو موڪلي مارائي ڇڏيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

16 جڏهن هيروديس ڏٺو تہ جوتشين ساڻس ٺڳي ڪئي آهي، تڏهن ڏاڍو اچي ڪاوڙيو. هن حڪم ڏنو تہ ”بيت‌لحم ۽ ان جي پسگردائيءَ ۾ انهن سڀني ڇوڪرن کي ماري ڇڏيو، جن جي عمر ٻن سالن تائين هجي،“ ڇو تہ عمر بابت هن کي اهو وقت ياد هو جڏهن جوتشين کيس تاري جي ظاهر ٿيڻ بابت ٻڌايو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 جڏهن هيروديس ڏٺو تہ نجومين ساڻس ٺڳي ڪئي آهي، تڏهن ڏاڍو اچي ڪاوڙيو. هن حڪم ڏنو تہ ”بيت‌لحم ۽ ان جي پسگردائيءَ ۾ انهن سڀني ڇوڪرن کي ماري ڇڏيو، جن جي عمر ٻن سالن تائين هجي،“ ڇو تہ عمر بابت هن کي اهو وقت ياد هو جڏهن نجومين کيس تاري جي ظاهر ٿيڻ بابت ٻڌايو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

16 جڏھن ھيروديس ڏٺو تہ نجومين ساڻس ٺڳي ڪئي آھي، تڏھن ڏاڍو اچي ڪاوڙيو. ھن حڪم ڏنو تہ ”بيت⁠لحم ۽ ان جي پسگردائيءَ ۾ جيڪي⁠بہ ٻن سالن کان ننڍا يا ٻن سالن جا ٻار ھجن تن سڀني کي ماري ڇڏيو،“ ڇوتہ ھن کي اھو وقت ياد ھو جڏھن نجومين کيس تاري جي ظاھر ٿيڻ بابت ٻڌايو ھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 2:16
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن پنهنجي گهر جي ماڻهن کي سڏي چيائين تہ ڏسو، هو هڪڙي عبرانيءَ کي اسان جي بي عزتي ڪرڻ لاءِ اسان وٽ وٺي آيو آهي؛ هو مون سان گڏ سمهڻ جي ارادي سان اندر گهڙي آيو هو، پر مون وٺي رڙيون ڪيون:


۽ پوءِ اها ساري ڳالهہ هن کي ڪري ٻڌايائين، تہ جيڪو عبراني غلام تو اسان جي لاءِ خريد ڪيو آهي، سو بي عزتي ڪرڻ لاءِ مون وٽ اندر آيو هو.


لعنت سندن ڪاوڙ تي، جا ڏاڍي تکي هئي، ۽ سندن غصي تي، جو تمام سخت هو. آءٌ هنن کي يعقوب ۾ ڌار ڪندس، ۽ اسرائيل ۾ ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيندس.


تڏهن حزائيل چيو تہ منهنجو ڌڻي ڇو ٿو روئي؟ ۽ هن ورندي ڏني تہ مون کي انهيءَ خرابيءَ جي خبر آهي جا تون بني اسرائيل کي پهچائيندين: هنن جا مضبوط ڪوٽ تون باهہ ڏيئي ساڙيندين، ۽ هنن جا جوان ماڻهو تون ترار سان قتل ڪندين، ۽ هنن جا ننڍڙا ٻار اُڇلائي پرزا پرزا ڪندين، ۽ هنن جي پيٽ وارين زالن جا پيٽ ڦاڙيندين.


آءٌ انهيءَ ماڻهو جهڙو آهيان جنهن تي سندس پاڙيسري کل ٺٺولي ٿو ڪري، اهڙو ماڻهو جنهن خدا کي سڏيو پر هن ورندي نہ ڏنيس: انصاف واري ۽ ڪامل انسان تي کل ٺٺولي ٿئي ٿي.


جيئن گجندڙ شينهن ۽ گهمندڙ رڇ، تيئن اُهو شرير ماڻهو جو غريبن تي حاڪم آهي.


جنهن ماڻهو جي سر تي ٻئي جو خون آهي، سو ڀڄي وڃي کڏ ۾ پوندو: انهي کي ڪوبہ نہ روڪي.


ڇالاءِ جو، ڏس، خداوند پنهنجي مڪان مان زمين جي رهاڪن کي سندن بدڪاريءَ جي سزا ڏيڻ لاءِ اچي ٿو: زمين بہ اُنهي رت کي ظاهر ڪندي جو منجهس آهي، ۽ جيڪي مٿس قتل ٿيا آهن تن کي نہ لڪائيندي.


انهن جا پير برائيءَ ڏانهن ڊوڙن ٿا، ۽ اهي بي گناهہ جو رت وهائڻ لاءِ تڪڙا ٿا ٿين: انهن جا خيال بدڪاريءَ جا آهن؛ انهن جي واٽن ۾ ويراني ۽ بربادي آهي.


تڏهن نبوڪدنضر سخت ڪاوڙ ۽ جوش ۾، سدرڪ، ميسڪ، ۽ عبدنجو کي گهرائڻ جو حڪم ڏنو: ۽ انهن ماڻهن کي بادشاهہ جي حضور ۾ وٺي آيا.


تنهن ڪري تنهنجي قوم ۾ گڙٻڙ ٿيندي، ۽ تنهنجا سڀ قلعا لٽجي ويندا، جيئن شلمن، بيت اربيل کي جنگ جي ڏينهن ڦريو لٽيو هو: ماءُ ٻارن سميت هيٺ اُڇلائي ٽڪر ٽڪر ڪئي ويندي.


۽ بلعام گڏهہ کي چيو، تہ هن ڪري تہ تو مون سان چرچو ڪيو آهي: جي منهنجي هٿ ۾ ترار هجي ها، تہ جيڪر هتي جو هتي تو کي ماري وجهان ها.


تڏهن بلق کي بلعام تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي ۽ هو پنهنجا هٿ ملڻ لڳو: ۽ بلق بلعام کي چيو، تہ مون توکي انهي لاءِ سڏايو هو تہ منهنجن دشمنن تي لعنت ڪرين، پر تو هنن کي ٽي ڀيرا نسوري برڪت ڏني آهي.


هاڻي جڏهن يسوع يهوديہ واري بيت الحم ۾ هيروديس بادشاهہ جي ڏينهن ۾ پيدا ٿيو، تڏهن ڏسو، اُڀرندي کان مجوسي يروشلم ۾ آيا،


تڏهن يرمياہ نبيءَ جيڪي چيو هو سو اچي پورو ٿيو تہ


تڏهن هيروديس اُنهن مجوسين کي خلاصو سڏائي، انهن کان پوريءَ طرح پڇي خاطري ڪئي، تہ ڪهڙي وقت اُهو تارو ظاهر ٿيو هو.


۽ انهي جي پڇ آسمان جي تارن مان ٽيون حصو ڇڪي زمين تي ڪيرائي وڌو: ۽ جنهن زال کي ٻار ڄمڻ تي هو، تنهن جي اڳيان اهو ازدها وڃي بيهي رهيو، انهي لاءِ تہ جنهن وقت هوءَ ٻار ڄڻي، تنهن وقت سندس ٻار کي ڳڙڪائي وڃي.


۽ مون انهي زال کي پاڪ ٿيلن جي رت، ۽ يسوع جي شهيدن جي رت سان مست ڏٺو. ۽ کيس ڏسي آئون ڏاڍو حيران ٿي ويس.


۽ دليلہ سمسون کي چيو تہ ڏس تو مون سان ٺٺولي ڪئي آهي، ۽ مون سان ڪوڙ ڳالهايا اٿئي. هاڻي مهرباني ڪري مون کي ٻڌاءِ تہ ڇا سان توکي ٻڌي سگهبو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ