Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 2:11 - Sindhi Bible

11 ۽ هو انهي گهر ۾ آيا ۽ ننڍي ٻار کي سندس ماءُ مريم وٽ ڏٺائون، ۽ پيرين پئي کيس سجدو ڪيائون؛ ۽ پنهنجون ڳوٿريون کولي، سون ۽ لوبان ۽ مر هن جي اڳيان نذرانو رکيائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

11 هو گھر ۾ گھڙي ويا ۽ ٻار کي سندس ماتا مريم سميت ڏٺائون ۽ گوڏا کوڙي سندس اڳيان سيس نوايائون. پوءِ انهن پنهنجيون ڳوٿريون کولي کيس سوکڙيون پيش ڪيون جيڪي سون، لوبان ۽ مُرَ هيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 هو گھر ۾ گھڙي ويا ۽ ٻار کي سندس ماءُ مريم سميت ڏٺائون ۽ گوڏا کوڙي ان کي سجدو ڪيائون. پوءِ انهن پنهنجيون ڳوٿريون کولي کيس سوکڙيون پيش ڪيون جيڪي سون، لوبان ۽ مُرَ هيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

11 ھو گھر ۾ گھڙي ويا ۽ ٻارڙي کي سندس ماءُ مريم سميت ڏٺائون ۽ ان کي گوڏا کوڙي سجدو ڪيائون. پوءِ انھن پنھنجون ڳوٿريون کولي کيس سوکڙيون پيش ڪيون جيڪي سون، لوبان ۽ مُرَ ھيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 2:11
33 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن سندن پيءُ اسرائيل کين چيو، تہ جي ائين ئي آهي تہ هيئن ڪريو، هن ملڪ جي عمدن ميون مان ڪي پنهنجن ٻورن ۾ وجهو، ۽ ٿورو سرهو تيل، ٿوري ماکي، مصالحہ، مَر، پستا ۽ باداميون، اهي سڀ سوکڙيءَ طور انهيءَ ماڻهوءَ لاءِ کڻي وڃو.


پوءِ ملڪہ بادشاهہ کي سون جا هڪ سؤ ويهہ قنطار، ۽ مصالحن جو وڏو انبار، ۽ قيمتي جواهر ڏنا: اهي مصالحا، جي سبا جي ملڪہ بادشاهہ سليمان کي ڏنا، تنهن کان وڏو انداز وري ڪٿان بہ ڪونہ آيو.


۽ هوءَ هڪڙي تمام وڏي جماعت سان، ۽ مصالحن لڏيل اُٺن سان، ۽ تمام گهڻي سون، ۽ قيمتي جواهرن سان يروشلم ۾ آئي: ۽ جڏهن هوءَ سليمان وٽ آئي تڏهن جيڪي دل ۾ هوس تنهن بابت هن سان ڳالهہ ٻولهہ ڪيائين.


پٽ کي چُمو، متان هو غصي ٿئي، ۽ اوهين واٽ ۾ ئي نابود ٿي وڃو، ڇو تہ هن جي ڪاوڙ جلد ڀڙڪو کائيندي. مبارڪ آهن اهي سڀيئي، جن جو ڀروسو هن تي آهي.


تنهنجي سڀني ڪپڙن مان، مُر ۽ عود، ۽ املداس جي خوشبوءِ پيئي اچي: عاج جي محلاتن ۾ تنبورن جي وڄڻ ڪري تون خوش آهين.


ترسيس ۽ ٻيٽن جا بادشاهہ سوغاتون آڻيندا؛ ۽ صبا ۽ شيبا جا بادشاهہ نذرانا پيش ڪندا.


هو جيئندا ۽ شيبا جو سون کيس ڏنو ويندو: ماڻهو هن کي سدائين دعائون ڪندا؛ ۽ سڄو ڏينهن کيس مبارڪ پيا چوندا.


اچو تہ اسين جهڪي سجدو ڪريون؛ ۽ پنهنجي خالق خداوند جي اڳيان گوڏا کوڙيون.


تون پنهنجي لاءِ خاص خوشبودار مصالحہ کڻ، يعني پنج سؤ مشقال خالص مر، ۽ انهيءَ جي اڌ جيتري يعني اڍائي سؤ مشقال خوشبودار دال چيني، ۽ اڍائي سؤ مشقال خوشبودار اگر،


وري خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ تون پنهنجي لاءِ هي خوشبودار مصالحہ کڻ، يعني مر، ۽ مصطکي، ۽ لاون، اهي خوشبودار مصالحہ خالص لوبان سان گڏ کڻ، (اهي سڀيئي وزن ۾ هڪ جيترا هجن)،


اهو ڪير آهي جو بيابان مان دونهين جي ٿنڀن وانگر، خوشبودار ۽ مر ۽ لوبان سان، سوداگرن جي سڀني شين سان ڀريل ٿو اچي؟


اُٺن جون قطارون، ۽ مديان ۽ عيفہ جا ڪنواٺ توکي ڀري ڇڏيندا؛ اهي سڀ سبا مان ايندا ۽ اُهي سون ۽ لوبان آڻيندا، ۽ خداوند جي تعريف ظاهر ڪندا.


۽ هو انهي مان، يعني کاڌي جي قربانيءَ واري ميدي مان، ٿورو تيل سميت مٺ ڀري ڪڍن، ۽ کاڌي جي قربانيءَ تي جيڪو لوبان هجي، سو سڀ کڻي، ۽ يادگيريءَ لاءِ قربانگاهہ تي رکي، خداوند جي حضور ۾ چڱي خوشبوءِ جي لاءِ ساڙين.


ڇالاءِ جو صبح کان وٺي شام تائين قومن ۾ منهنجي نالي جي وڏائي ٿي ٿئي؛ ۽ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ سڀ ڪنهن جاءِ تي منهنجي لاءِ خوشبوءِ ٿا چاڙهين ۽ پاڪ نذرانا ٿا آڻين، ڇالاءِ جو قومن ۾ منهنجو نالو عظيم آهي.


۽ ڏهن مشقالن جو هڪڙو سونو چمچو لوبان سان ڀريل؛


ٻارهن سونا چمچا لوبان سان ڀريل هئا، ۽ هرهڪ چمچي جي تور عبادتگاهہ جي مشقال جهڙا ڏهہ مشقال هئي، سڀني چمچن جو سون هڪ سؤ ويهہ مشقال هو؛


هاڻي يسوع مسيح جو تولد هن طرح ٿيو: جو جڏهن هن جي ماءُ مريم جو مڱڻو يوسف سان ٿيو، ۽ اڃا هو پاڻ ۾ گڏ نہ ٿيا هئا، تڏهن معلوم ٿيو تہ هوءَ پاڪ روح جي قدرت سان حاملہ ٿي آهي.


اڃا هن ماڻهن جي ميڙاڪن سان پئي ڳالهايو، تہ سندس ماءُ ۽ ڀائر اچي بيٺا، ۽ مرضي هين تہ ساڻس ڳالهايون.


۽ جيڪي ٻيڙيءَ ۾ هئا، تن اچي پيرين پئي چيس تہ سچ پچ تون خدا جو فرزند آهين.


۽ جڏهن هنن اُهو تارو ڏٺو، تڏهن تمام گهڻو خوش ٿيا.


۽ چوڻ لڳا تہ يهودين جو بادشاهہ جو پيدا ٿيو آهي سو ڪٿي آهي؟ ڇالاءِ جو اسان ان جو تارو اُڀرندي ۾ ڏٺو آهي: تنهنڪري کيس سجدو ڪرڻ لاءِ آيا آهيون.


۽ هو تڪڙا تڪڙا آيا، ۽ اچي مريم ۽ يوسف ٻنهي کي، ۽ آهر ۾ پيل ٻار کي ڏٺائون.


سا بہ اوڏيءَ مهل آئي ۽ خدا جو شڪر ڪيائين، ۽ جيڪي يروشلم جي ڇوٽڪاري لاءِ اکيون پائي ويٺا هئا، تن سڀني سان هن بابت ڳالهيون ڪرڻ لڳي.


۽ نيڪديمس، جو پهريائين رات جو يسوع وٽ آيو هو، سو پڻ سوا مڻ کن مَر ۽ عود جو ملائي کڻي آيو.


۽ آئون کيس سجدي ڪرڻ لاءِ سندس پيرن تي ڪِري پيس. ۽ هن مون کي چيو تہ ڏس، متان ائين ڪرين: آئون تو سان ۽ جيڪي تنهنجا ڀائر يسوع جي شاهديءَ تي قائم آهن، تن سان گڏ خدمت ڪرڻ وارو آهيان؛ خدا کي سجدو ڪر: ڇالاءِ جو يسوع جي شاهدي نبوت جو روح آهي.


۽ جڏهن هن ڪتاب ورتو، تڏهن اهي چار جاندار ۽ چوويهہ بزرگ انهي گهيٽي کي پيرين پيا، ۽ هرهڪ وٽ هڪڙو تنبورو، ۽ لوبان سان ڀريل سونا پيالا هئا، جي پاڪ ٿيلن جون دعائون آهن.


پر ڪن شيطان زادن چيو تہ هي ماڻهو ڀلا ڪيئن اسان کي بچائي سگهندو؟ ۽ اُنهن هن کي حقير ڄاتو، ۽ وٽس ڪوبہ نذرانو نہ آندائون، پر هن ڪُڇيو ئي ڪين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ