Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 2:1 - Sindhi Bible

1 هاڻي جڏهن يسوع يهوديہ واري بيت الحم ۾ هيروديس بادشاهہ جي ڏينهن ۾ پيدا ٿيو، تڏهن ڏسو، اُڀرندي کان مجوسي يروشلم ۾ آيا،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

1 يهوديہ جي راجا هيروديس جي ڏينهن ۾ يسوع يهوديہ جي بيت‌لحم ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو. تڏهن ڪي جوتشي اوڀر کان يروشلم ۾ آيا

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 يهوديہ جي بادشاهہ هيروديس جي ڏينهن ۾ عيسيٰ يهوديہ جي بيت‌لحم ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو. تڏهن ڪي نجومي اوڀر کان يروشلم ۾ آيا

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

1 يھوديہ جي بادشاھہ ھيروديس جي ڏينھن ۾ عيسيٰ يھوديہ جي بيت⁠لحم شھر ۾ پيدا ٿيو. ان کان پوءِ ستت ئي ڪي نجومي اڀرندي کان يروشلم ۾ آيا،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 2:1
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهن جي رهڻ جو هنڌ ميسا کان وٺي اُڀرندي واري سفار جبل ڏانهن هو.


پر جيڪي ابرهام جي سرتين جا پٽ هئا، تن کي بہ بخششون ڏيئي، پنهنجي جيئري پنهنجي پٽ اسحاق کان ڌار ڪري، اڀرندي واري ملڪ ڏانهن روانو ڪري ڇڏيائين.


۽ هيئن ٿيو تہ صبح جو هن جي دل بيچين ٿيڻ لڳي، سو هن مصر جا سڀيئي جادوگر، ۽ اتي جا سڀ ڏاها ماڻهو گهرايا: ۽ فرعون انهن کي پنهنجو خواب ٻڌايو، پر انهن مان ڪوبہ فرعون جي خواب جي تعبير نہ ڪري سگهيو.


جيسين شيلوہ نہ ايندو، تيسين يهوداہ کان بادشاهي نہ ويندي، نڪي حڪومت جو عصو سندس پيرن هيٺان نڪري ويندو؛ ۽ قومون هن جي فرمانبرداري ڪنديون.


۽ سليمان جي سياڻپ اُڀرندي جي سڀني ماڻهن جي سياڻپ کان، ۽ مصر جي ساري سياڻپ کان وڌيڪ هئي.


۽ سلما، جو بيت الحم جو پيءُ هو، ۽ خارف، جو بيت جدر جو پيءُ هو.


هن جو مال ملڪيت ست هزار رڍون، ۽ ٽي هزار اُٺ، ۽ پنج سؤ ڏاندن جا جوڙا، ۽ پنج سؤ گڏهيون، ۽ تمام وڏو ڪٽنب هو؛ انهي ڪري اهو ماڻهو اُڀرندي جي سڀني رهندڙن مان سڀ کان وڏو هو.


۽ انهيءَ ڏينهن هيئن ٿيندو تہ يسيءَ جي پاڙ، جا قومن ۾ نشان جي بجاءِ کڙي ٿيندي، تنهن کي قومون ڳولينديون؛ ۽ هن جي آرام جي جاءِ جلال واري ٿيندي.


پر اي بيت الحم افراتاہ، تون جو يهوداہ جي قبيلن ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ننڍڙو آهين، تہ بہ تو مان هڪڙو شخص نڪرندو، ۽ منهنجي لاءِ اسرائيل جو حاڪم ٿيندو؛ ۽ هن جو اصل قديم وقت کان بلڪ هميشہ کان آهي.


۽ جيسين هن کي پٽ نہ ڄائو، تيسين کيس هٿ نہ لاتائين، ۽ انهي ٻار جو نالو يسوع رکيائين.


پوءِ جڏهن هيروديس ڏٺو تہ مجوسين مون سان ٺڳي ڪئي آهي تڏهن ڏاڍو اچي ڪاوڙيو، ۽ انهن مجوسين کان جو وقت پڇي پڪو ڪري ڇڏيو هئائين، تنهن موجب بيت الحم ۾ ۽ ان جي آس پاس وارين حدن ۾، جيڪي ڇوڪر ٻن ورهين جا ۽ انهي کان ننڍا هئا، تن سڀني کي ماڻهو موڪلي مارائي ڇڏيائين.


پر جڏهن هيروديس مري ويو تڏهن ڏسو، خداوند جي هڪڙي ملائڪ مصر ۾ يوسف کي خواب ۾ ڏيکاري ڏيئي چيو تہ


۽ جڏهن هيروديس بادشاهہ اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن هن کي ۽ ساڻس گڏ سڄي يروشلم کي اچي فڪر ورايو.


۽ هنن چيس تہ يهوديہ واري بيت الحم ۾، ڇالاءِ جو نبيءَ جي معرفت هيئن لکيو ويو آهي تہ


تڏهن هيروديس اُنهن مجوسين کي خلاصو سڏائي، انهن کان پوريءَ طرح پڇي خاطري ڪئي، تہ ڪهڙي وقت اُهو تارو ظاهر ٿيو هو.


يهوديہ جي بادشاهہ هيروديس جي ڏينهن ۾، ابياہ جي فرقي مان، زڪرياہ نالي هڪڙو ڪاهن هو، ۽ سندس زال اليشبع هارون جي ڌيئرن مان هئي.


ڇوتہ اڄ دائود جي شهر ۾ اوهان لاءِ هڪڙو نجات ڏيڻ وارو ڄائو آهي، جو مسيح خداوند آهي.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن ملائڪ انهن وٽان آسمان ۾ هليا ويا، تڏهن ريڍار پاڻ ۾ چوڻ لڳا، تہ هلو تہ بيت الحم ۾ هلون، ۽ هيءَ ڳالهہ جا ٿي آهي ۽ جنهن جي خداوند اسان کي خبر ڏني آهي، سا هلي ڏسون.


پاڪ ڪلام ۾ ڪين چيل آهي تہ مسيح دائود جي نسل مان، ۽ بيت الحم، جو دائود جو ڳوٺ آهي، تنهن مان ايندو؟


۽ بيت لحم يهوداہ مان، يهوداہ جي قبيلي جو هڪڙو جوان ماڻهو جو لاوي هو، اُهو اچي اُتي رهيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ