Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 18:9 - Sindhi Bible

9 ۽ جي تنهنجي اک توکي گمراهہ ڪري تہ اُها پاڻ وٽان ڪڍي اُڇلائي ڇڏ: ٻن اکين سان جهنم جي باهہ ۾ پوڻ کان تنهنجي لاءِ بهتر ائين ٿيندو تہ ڪاڻو ئي زندگيءَ ۾ داخل ٿين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

9 جيڪڏهن تنهنجي اک تو کي ڀَٽڪائي تہ اُها ڪڍي پري اڇلائي ڇڏ، ڇاڪاڻ تہ ٻن اکين سان نرڳ جي باهہ ۾ پوڻ کان اهو بهتر آهي تہ تون ڪاڻو ئي امر جيون ۾ ‏داخل ٿئين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 جيڪڏهن تنهنجي اک تو کي گمراهہ ڪري تہ اُها ڪڍي پري اڇلائي ڇڏ، ڇاڪاڻ تہ ٻن اکين سان دوزخ جي باهہ ۾ پوڻ کان اهو بهتر آهي تہ تون ڪاڻو ئي دائمي زندگيءَ ۾ داخل ٿئين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

9 جيڪڏھن تنھنجي اک تو کي گمراھہ ڪري تہ اُھا ڪڍي پري اڇلائي ڇڏ، ڇالاءِ⁠جو ٻن اکين سان جھنم جي باھہ ۾ پوڻ کان اھو بھتر آھي تہ تون ڪاڻو ئي جنت ۾ داخل ٿئين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 18:9
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇو تہ ماڻهوءَ کي انهيءَ مان ڇا حاصل ٿيندو جو هو سڄي دنيا هٿ ڪري ۽ پنهنجي جان وڃائي؟ يا ماڻهو پنهنجي جان جي عيوض ڇا ڏيندو؟


۽ جيڪڏهن تنهنجو هٿ يا تنهنجو پير توکي گمراهہ ڪري تہ اُهو پاڻ وٽان وڍي اُڇلائي ڇڏ: ٻن هٿن ۽ ٻن پيرن سان هميشہ جي باهہ ۾ پوڻ کان تنهنجي لاءِ بهتر ائين ٿيندو تہ ٽُنڊو يا منڊو ئي زندگيءَ ۾ داخل ٿين.


۽ هن چيس تہ تون مون کان نيڪيءَ بابت ڇو ٿو پڇين؟ هڪڙو آهي جو نيڪ آهي: پر جي تون ڀانئين تہ زندگيءَ ۾ داخل ٿيان تہ حڪمن تي عمل ڪر.


پر آئون اوهان کي چوان ٿو تہ جيڪو پنهنجي ڀاءُ سان ڪاوڙجي ٿو، سو عدالت جي سزا جوڳو ٿيندو؛ ۽ جيڪو پنهنجي ڀاءُ کي چوندو تہ اي ديوانا، سو صدر عدالت جي سزا جوڳو ٿيندو؛ ۽ جيڪو چوندو تہ اي احمق، سو جهنم جي باهہ جوڳو ٿيندو.


۽ جيڪڏهن تنهنجي ساڄي اک توکي ڀُلائي تہ اُها پٽي ڪڍي پاڻ وٽان اُڇلائي ڇڏ: ڇالاءِ جو تنهنجي لاءِ اهو بهتر آهي تہ تنهنجن عضون مان هڪڙو هليو وڃي، پر تنهنجو سڄو بُت جهنم ۾ نہ پوي.


۽ جيڪڏهن تنهنجي اک توکي گمراهہ ڪري تہ ڪڍي ڇڏينس: بهتر آهي تہ تون ڪاڻو ئي خدا جي بادشاهت ۾ گهڙين؛ انهي کان تہ ٻن اکين سان جهنم ۾ وڃي پوين؛


۽ شاگردن جي دلين کي مضبوط ڪندا رهيا، ۽ ايمان تي قائم رهڻ لاءِ سمجهائيندا رهيا، ۽ چوندا هئا تہ ضرور آهي تہ اسين گهڻيون مصيبتون سهي خدا جي بادشاهت ۾ داخل ٿيون.


تنهنڪري اچو تہ اسين انهي آرام ۾ داخل ٿيڻ جو سعيو ڪريون تہ ڪوبہ ماڻهو انهن وانگر نافرماني ڪري گمراهہ نہ ٿئي.


۽ انهي ۾ ڪابہ ناپاڪ شيءِ يا ڪوبہ نفرت ۽ ڪوڙ جهڙو ڪم ڪندڙ هرگز داخل نہ ٿيندو؛ پر رڳو اُهي داخل ٿيندا، جن جا نالا گهيٽي جي ڪتابِ حيات ۾ لکيل آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ