Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 17:7 - Sindhi Bible

7 پوءِ يسوع اچي کين هٿ لائي چيو تہ اُٿو، ۽ ڊپ نہ ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

7 تڏهن يسوع وٽن اچي کين هٿ لائي چيو تہ ”اُٿو، ڊڄو نہ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 تڏهن عيسيٰ وٽن اچي کين هٿ لائي چيو تہ ”اُٿو، ڊڄو نہ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

7 عيسيٰ انھن وٽ اچي کين ھٿ لائي چيو تہ ”اٿو ۽ ڊڄو نہ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 17:7
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ڏس، هڪڙي هٿ مون کي ڇهيو، جنهن مون کي منهنجن گوڏن ۽ هٿن جي ترين تي ويهاريو:


تڏهن انهي آدمزاد جهڙي شخص وري بہ مون کي ڇهيو، ۽ مون کي طاقت بخشيائين.


هاڻي جيئن هن مون سان پئي ڳالهايو، تيئن مون کي زمين تي پيئي گهاٽي ننڊ اچي وئي: پر هن مون کي ڇُهي اُٿاريو.


هائو، اڃا مون دعا پئي گهري تہ اُهو شخص جبرائيل، جنهن کي شروعات ۾ مون رويا ۾ ڏٺو هو، سو تکو اُڏامندو، اٽڪل شام جي نذراني ڏيڻ وقت، آيو ۽ اچي مون کي هٿ لاتائين.


پر يسوع انهي دم کين چيو، تہ دلجاءِ ڪريو، آئون آهيان؛ ڊڄو نہ.


۽ جڏهن شاگردن اهو ٻڌو، تڏهن منهن ڀر ڪِري پيا، ۽ ڏاڍو ڊپ اچي ٿين.


جڏهن هنن اکيون مٿي کڻي نهاريو تڏهن يسوع کانسواءِ ٻيو ڪنهن کي بہ ڪونہ ڏٺائون.


تنهن تي هو ڊڄي ويون، ۽ جهٽ کڻي زمين تي سر جهڪايائون، تڏهن هنن چين تہ اوهين جيئري کي مُئلن ۾ ڇو ٿيون ڳوليو؟


پر اُٿي بيهہ ۽ شهر ۾ وڃ، ۽ جيڪي ڪرڻو اٿيئي سو توکي ٻُڌائبو.


۽ جڏهن مون هن کي ڏٺو، تڏهن مردي وانگر سندس پيرن وٽ ڪِري پيس، ۽ هن پنهنجو ساڄو هٿ مون تي رکي چيو تہ ڊڄ نہ؛ آئون اول ۽ آخر آهيان،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ