Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 17:6 - Sindhi Bible

6 ۽ جڏهن شاگردن اهو ٻڌو، تڏهن منهن ڀر ڪِري پيا، ۽ ڏاڍو ڊپ اچي ٿين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

6 اهو آواز ٻڌي چيلا ايترو تہ ڊڄي ويا جو پاڻ کي منهن ڀر زمين تي ڪيرائي ڇڏيائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 اهو آواز ٻڌي شاگرد ايترو تہ ڊڄي ويا جو پاڻ کي منهن ڀر زمين تي ڪيرائي ڇڏيائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

6 جڏھن شاگردن ھي آواز ٻڌو تہ اُھي ايترا تہ ڊڄي ويا جو پاڻ کي منھن ڀر زمين تي ڪيرائي ڇڏيائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 17:6
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جڏهن اسين ساڻس گڏ پاڪ جبل تي هئاسين، تڏهن اسان پاڻ اهو آواز آسمان مان ايندو ٻُڌو.


۽ جڏهن اسين سڀ زمين تي ڪِري پياسين، تڏهن مون هڪڙو آواز ٻُڌو، جنهن عبراني ٻوليءَ ۾ مون کي چيو تہ اي شائول، اي شائول، تون مون کي ڇو ٿو ستائين؟ پڻياٺيءَ تي لت هڻڻ تنهنجي لاءِ ڏکيو آهي.


۽ آئون زمين تي ڪِري پيس، ۽ هڪڙو آواز ٻُڌڻ ۾ آيم، تہ اي شائول، اي شائول، تون مون کي ڇو ٿو ستائين؟


تنهن تي هو انهيءَ هنڌ کي ويجهو آيو جتي آءٌ بيٺو هوس؛ ۽ جڏهن هو آيو، تڏهن آءٌ ڊڄي ويس، ۽ منهن ڀر ڪِري پيس: پر هن مون کي چيو تہ، اي آدمزاد، سمجهہ؛ ڇالاءِ جو اُهو رويا پوئين زماني جو آهي.


۽ اُهو مون انهي رويا موافق ٿي ڏٺو، هائو، انهي رويا وانگر ٿي ڏٺم جڏهن آءٌ اهو شهر ناس ڪرڻ آيو هوس؛ ۽ اُهي رويا بہ اُنهي رويا جهڙا هئا، جي مون ڪبار نديءَ جي ڪناري تي ڏٺا هئا: ۽ آءٌ منهن ڀر ڪِري پيس.


تڏهن آءٌ اُٿيس ۽ نڪري ميدان ۾ ويس: تہ ڏسان تہ خداوند جو اهڙو جلال اُتي بيٺو آهي جهڙو جلال ڪبار نديءَ جي ڪناري تي ڏٺو هوم: ۽ آءٌ منهن ڀر ڪِري پيس.


۽ دائود مٿي نهاريو ۽ ڏٺائين تہ خداوند جو ملائڪ آسمان ۽ زمين جي وچ ۾ اُگهاڙي ترار جهليو بيٺو آهي، ۽ سندس هٿ يروشلم تي ڊگهيريل آهي، تڏهن دائود ۽ سڀني بزرگن کٿا ڍڪيا ۽ منهن ڀر ڪِري پيا.


پوءِ منوحہ پنهنجي زال کي چيو تہ اسين ضرور مري وينداسين، ڇالاءِ جو اسان خدا کي ڏٺو آهي.


ڇالاءِ جو هيئن ٿيو تہ جڏهن قربانگاهہ مان شعلو آسمان ڏانهن چڙهيو، تڏهن خداوند جو فرشتو بہ قربانگاهہ جي باهہ واري شعلي ۾ چڙهي ويو: ۽ منوحہ ۽ سندس زال ويٺي نهاريو؛ ۽ هو زمين تي منهن ڀر ڪري پيا.


۽ خداوند جي حضور مان باهہ نڪتي ۽ قربانگاهہ تي جيڪا سوختني قرباني ۽ چرٻي رکيل هئي، تنهن کي ساڙي ڀسم ڪري ڇڏيائين: ۽ جڏهن سڀني ماڻهن اهو حال ڏٺو، تڏهن نعرا هڻي سجدو ڪيائون.


هن اڃا ڳالهايو ئي پئي، تہ ڏسو، هڪڙي چمڪندڙ ڪڪر اچي مٿن ڇانوَ ڪئي: ۽ انهي ڪڪر مان آواز آيو، تہ هي منهنجو پيارو پٽ آهي، جنهن مان آئون گهڻو خوش آهيان، اوهين هن جي ٻڌو.


پوءِ يسوع اچي کين هٿ لائي چيو تہ اُٿو، ۽ ڊپ نہ ڪريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ