Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 17:4 - Sindhi Bible

4 ۽ پطرس يسوع کي ورندي ڏيئي چيو تہ اي خداوند، اسان جو هتي رهڻ چڱو آهي: جي تنهنجي مرضي هجي تہ هتي آئون ٽي تنبو کڻي کوڙيان، هڪڙو تولاءِ، ۽ ٻيو موسيٰ لاءِ، ۽ ٽيون ايلياہ لاءِ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

4 تنهن تي پطرس يسوع کي چيو تہ ”اي پرڀو! اسان جو ڀاڳ ڀلو آهي جو اسين هتي آهيون. جيڪڏهن اوهان جي مرضي هجي تہ آءٌ هتي ٽي تنبو کوڙيان، هڪ اوهان لاءِ، هڪ موسيٰ لاءِ ۽ هڪ ايلياہ لاءِ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 تنهن تي پطرس عيسيٰ کي چيو تہ ”اي خداوند! اها اسان جي خوش‌نصيبي آهي جو اسين هتي آهيون. جيڪڏهن اوهان جي مرضي هجي تہ آءٌ هتي ٽي تنبو کوڙيان، هڪ اوهان لاءِ، هڪ موسيٰ لاءِ ۽ هڪ الياس لاءِ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

4 تنھن تي پطرس عيسيٰ کي چيو تہ ”اي خداوند! اھا اسان جي خوش⁠نصيبي آھي جو اسين ھتي آھيون. جيڪڏھن اوھان جي مرضي ھجي تہ آءٌ ھتي ٽي تنبو کڻي کوڙيان، ھڪ اوھان لاءِ، ھڪ موسيٰ لاءِ ۽ ھڪ الياس لاءِ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 17:4
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تون مون کي زندگيءَ جي واٽ ڏيکاريندين، تنهنجي حضور ۾ خوشيءَ جي ڀرپوري آهي: تنهنجي ساڄي هٿ ۾ مدامي سرهائي آهي.


گهڻيئي آهن جي چون ٿا تہ ڪير اسان سان ڀلائي ڪندو؛ اي خداوند تون پنهنجي چهري جو نور اسان تي چمڪاءِ.


اوهان جون اکيون بادشاهہ کي سندس سونهن ۾ ڏسنديون: اهي پري تائين پکڙيل ملڪ ڏسنديون.


ڇالاءِ جو هن جي خوبي ۽ هن جي سونهن ڪهڙي نہ وڏي آهي! نوجوان مرد اناج سان ۽ ڪنواريون ڇوڪريون انگور جي رس سان سرهيون ٿينديون.


۽ ڏسو، هنن کي موسيٰ ۽ ايلياہ ساڻس ڳالهائيندا نظر آيا.


۽ جڏهن اُهي وٽانئس ويا ٿي، تڏهن هيئن ٿيو، جو پطرس، يسوع کي چيو، تہ اي سائين، اسان جو هتي رهڻ چڱو آهي، تنهنڪري ٽي تنبو کڻي ٿا کوڙيون، هڪڙو تو لاءِ، ٻيو موسيٰ لاءِ، ۽ ٽيون ايلياہ لاءِ: پر خبر ئي ڪانہ ٿي پيس تہ ڇا ٿو چوي.


اي بابا، منهنجي مرضي آهي تہ جيڪي تو مون کي ڏنا آهن، سي پڻ جتي آئون آهيان، اُتي مون سان هجن؛ انهي لاءِ تہ جو جلال تو مون کي پنهنجي پيار سان دنيا جي شروع کان اڳي ڏنو آهي سو هو ڏسن.


هاڻي يهودين جي تنبن جي عيد ويجهي هئي.


پر آئون ٻنهي جي وچ ۾ ڦاٿل آهيان، جو منهنجي خواهش آهي تہ هتان رحلت ڪري وڃان ۽ وڃي مسيح سان گڏجان؛ ڇالاءِ جو اهو سڀ کان بهتر آهي:


اي پيارو، هاڻي اسين خدا جا ٻار آهيون، ۽ اڃا اها ڳالهہ ظاهر ڪانہ ٿي آهي تہ اسين ڇا ٿينداسين. پر ايترو ڄاڻون ٿا تہ جڏهن هو ظاهر ٿيندو، تڏهن اسين بہ ان جهڙا ٿينداسين.


۽ انهي شهر کي روشنيءَ لاءِ سج جي گهُرج ڪانہ هئي، نڪا چنڊ جي؛ ڇالاءِ جو خدا جو جلال کيس روشن ٿو ڪري، ۽ گهيٽو سندس چراغ آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ