Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 17:3 - Sindhi Bible

3 ۽ ڏسو، هنن کي موسيٰ ۽ ايلياہ ساڻس ڳالهائيندا نظر آيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

3 تڏهن ڇا ڏسن تہ يسوع سان موسيٰ ۽ ايلياہ سنت ڳالهيون ڪري رهيا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 تڏهن ڇا ڏسن تہ عيسيٰ سان موسيٰ ۽ الياس نبي ڳالهيون ڪري رهيا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

3 پوءِ انھن موسيٰ ۽ الياس نبيءَ کي ڏٺو جيڪي عيسيٰ سان ڳالھيون ڪري رھيا ھئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 17:3
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ايلياہ تشبي، جو جلعاد جي رهاڪن مان هو، تنهن اخي آب کي چيو تہ خداوند اسرائيل جي جيئري خدا جو قسم آهي، جنهن جي اڳيان آءٌ بيٺو آهيان، تہ منهنجي چئي بنا هنن ورهين ۾ ماڪ يا مينهن نہ پوندو.


ڏسو، خداوند جي عظيم ۽ خوفناڪ ڏينهن جي اچڻ کان اڳي آءٌ ايلياہ نبيءَ کي اوهان وٽ موڪليندس.


۽ هنن جي روبرو سندس شڪل بدلجي ويئي، ۽ سندس منهن سج وانگر چمڪڻ لڳو، ۽ سندس پوشاڪ روشنيءَ جهڙي نوراني ٿي پيئي.


۽ پطرس يسوع کي ورندي ڏيئي چيو تہ اي خداوند، اسان جو هتي رهڻ چڱو آهي: جي تنهنجي مرضي هجي تہ هتي آئون ٽي تنبو کڻي کوڙيان، هڪڙو تولاءِ، ۽ ٻيو موسيٰ لاءِ، ۽ ٽيون ايلياہ لاءِ.


۽ ايلياہ، موسيٰ سان گڏ هنن کي ڏسڻ ۾ آيو، ۽ اُنهن يسوع سان پئي ڳالهيون ڪيون.


۽ سندس اڳيان ايلياہ جي روح ۽ طاقت سان هلندو، تہ پيئرن جي دلين کي اولاد ڏانهن ڦيري، ۽ نافرمانن کي نيڪن جي سياڻپ ۾ هلائي، ۽ خداوند لاءِ هڪڙي اُمت ٺاهي تيار ڪري.


شريعت ۽ نبي، يوحنا تائين هئا، تنهن وقت کان وٺي خدا جي بادشاهت جي خوشخبريءَ جي منادي پيئي ٿئي، ۽ هرڪو زور ڪيو اچيو اندر گهڙي.


پوءِ موسيٰ ۽ ٻين نبين کان وٺي سندس بابت جيڪي ڳالهيون مڙني پاڪ لکيتن ۾ هيون، سي انهن کي کولي ٻُڌائڻ لڳو.


پوءِ چيائين تہ جڏهن اڃا آئون اوهان سان هوس، تڏهن اهي ڳالهيون مون اوهان سان ڪيون هيون، تہ منهنجي بابت جيڪي موسيٰ جي توريت، ۽ نبين جي ڪتابن، ۽ زبور ۾ لکيل آهي، سو سڀ ضرور پورو ٿيندو.


۽ جڏهن اُهي وٽانئس ويا ٿي، تڏهن هيئن ٿيو، جو پطرس، يسوع کي چيو، تہ اي سائين، اسان جو هتي رهڻ چڱو آهي، تنهنڪري ٽي تنبو کڻي ٿا کوڙيون، هڪڙو تو لاءِ، ٻيو موسيٰ لاءِ، ۽ ٽيون ايلياہ لاءِ: پر خبر ئي ڪانہ ٿي پيس تہ ڇا ٿو چوي.


ڇالاءِ تہ شريعت موسيٰ جي معرفت ملي؛ پر فضل ۽ سچائي يسوع مسيح جي معرفت آيا.


آءٌ هنن جي لاءِ سندن ڀائرن منجهان تو جهڙو هڪڙو نبي اُٿاريندس؛ ۽ آءٌ پنهنجو ڪلام انهي جي وات ۾ وجهندس، جيڪي آءٌ هن کي فرمائيندس، سو هو هنن کي ٻڌائيندو.


انهي وقت کان وٺي اسرائيل ۾ موسيٰ جهڙو نبي پيدا ڪونہ ٿيو، جنهن سان خداوند روبرو ملاقات ڪئي؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ