Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 16:4 - Sindhi Bible

4 هن زماني جا خراب ۽ زناڪار ماڻهو نشاني ٿا گهرن، پر اُنهن کي يوناہ واري نشانيءَ کانسواءِ ٻي ڪابہ نشاني ڏيڻ ۾ نہ ايندي. ائين چئي هو کين ڇڏي هليو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

4 هن زماني جا ماڻهو ڪيڏا نہ بڇڙا ۽ ڀَٽڪيل آهن جو مون کان ايشور طرفان نشاني ٿا گھرن. پر انهن کي ايشور جو سنديش ڏيندڙ سنت يوناہ جي نشانيءَ کان سواءِ ٻي ڪابہ نشاني نہ ڏيکاري ويندي.“ پوءِ هو انهن کي ڇڏي روانو ٿي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 هن زماني جا ماڻهو ڪيڏا نہ بڇڙا ۽ گمراهہ آهن جو مون کان خدائي نشاني ٿا گھرن. پر انهن کي يونس نبيءَ جي نشانيءَ کان سواءِ ٻي ڪابہ نشاني نہ ڏيکاري ويندي.“ پوءِ هو انهن کي ڇڏي روانو ٿي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

4 ھن زماني جا ماڻھو ڪيترا نہ بڇڙا ۽ بي⁠ايمان آھن جو مون کان معجزو ٿا گھرن. پر انھن کي يونس جي معجزي کان سواءِ ٻيو ڪوبہ معجزو نہ ڏيکاريو ويندو.“ پوءِ ھو انھن کي ڇڏي روانو ٿي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 16:4
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن خداوند چيو تہ منهنجو روح انسان ۾ هميشہ ڪين رهندو، ڇو تہ هو بشر آهي؛ تڏهن بہ هن جي عمر هڪ سؤ ويهہ ورهيہ ٿيندي.


پر اوهين جي جادوگرن جا پٽ، ۽ زناڪار مرد، ۽ ڪسبياڻيءَ جو اولاد آهيو، سي ويجها اچو.


افرائيم وڃي بتن سان گڏيو آهي، انهي کي ڇڏي ڏيو.


جيتوڻيڪ هو پنهنجا ٻار پالي وڏا ڪندا، تہ بہ آءٌ اُهي ماري ڇڏيندس، تہ ڪوبہ ماڻهو نہ بچي: جڏهن آءٌ هنن وٽان ويندس تڏهن بہ هنن جي لاءِ ويل ٿيندو.


خداوند جو ڪلام يوناہ بن امتيءَ تي نازل ٿيو، تہ


۽ خداوند هڪڙي وڏي مڇي تيار ڪئي جا يوناہ کي ڳهي ويئي، ۽ يوناہ انهي مڇيءَ جي پيٽ ۾ ٽي ڏينهن ۽ ٽي راتيون پيو هو.


هنن کي ڇڏي ڏيو؛ هو انڌا سونهان آهن. جيڪڏهن انڌو انڌي جو سونهون ٿيندو تہ ٻئي کڏ ۾ ڪِرندا.


۽ شاگرد هن پار ويا، پر ماني کڻڻ وسري وين.


هن پنهنجي اندر ۾ ٿڌو ساهہ کڻي چيو، تہ هن زماني جا ماڻهو ڇو ٿا نشاني گهرن؟ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هن زماني جي ماڻهن کي ڪابہ نشاني ڏيڻ ۾ نہ ايندي.


ڇالاءِ تہ هن زناڪار ۽ گنهگار زماني ۾، جيڪو مون کان ۽ منهنجي ڪلام کان شرمائيندو، تنهن کان ابن آدم بہ، جڏهن هو پاڪ ملائڪن سان گڏ پنهنجي پيءُ جي جلال سان ايندو، تڏهن شرمائيندو.


۽ جڏهن اُهي سندس سامهون ٿيڻ ۽ ڪفر بڪڻ لڳا، تڏهن هن پنهنجا ڪپڙا ڇنڊي کين چيو، تہ اوهان جو خون اوهان ئي جي سر تي هجي؛ آئون ڇُٽل آهيان. اڄ کانپوءِ آئون غير قومن ڏانهن ويندس.


۽ ٻيون بہ گهڻيون ڳالهيون ڪري، هنن جي دل تي ڄمائي کين سمجهايائين، تہ اوهين پاڻ کي هن ڏنگيءَ قوم کان بچايو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ