Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 15:4 - Sindhi Bible

4 ڇالاءِ جو خدا چيو آهي تہ پنهنجي پيءُ ۽ پنهنجي ماءُ جي عزت ڪريو: ۽ جيڪو پيءُ يا ماءُ جي گلا ڪري سو ڀلي تہ اُڦٽ ماريو وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

4 جيئن تہ ايشور فرمايو آهي تہ ’پنهنجي ماتا پتا جو مان ڪريو‘ ۽ ’جيڪو بہ پنهنجي پتا يا ماتا جي گلا ڪري تہ ان کي اڦٽ ماريو وڃي،‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 جيئن تہ خدا فرمايو آهي تہ ’پنهنجي ماءُ پيءُ جي عزت ڪريو‘ ۽ ’جيڪو بہ پنهنجي پيءُ يا ماءُ جي گلا ڪري تہ ان کي اڦٽ ماريو وڃي،‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

4 ڇالاءِ⁠جو خدا فرمايو آھي تہ ’پنھنجي پيءُ ۽ ماءُ جي عزت ڪريو‘ ۽ ’جيڪوبہ پنھنجي پيءُ يا ماءُ جي گلا ڪري تہ ان کي اڦٽ ماريو وڃي.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 15:4
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تون پنهنجي ماءُ پيءُ جي عزت ڪر، تہ جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو، تنهن ۾ تنهنجي عمر وڏي ٿئي.


جيڪو پنهنجي پيءُ تي يا پنهنجيءَ ماءُ تي لعنت ڪري، سو ضرور ماريو وڃي.


جيڪو پنهنجي پيءُ يا ماءُ کي لعنت ڪري ٿو تنهنجو ڏيئو سخت اونداهيءَ ۾ وسايو ويندو.


جنهن پيءُ مان تون ڄائو آهين تنهنجي ڳالهہ ڌيان ڏيئي ٻڌ، ۽ جڏهن تنهنجي ماءُ ڪراڙي ٿئي تڏهن انهيءَ کي ڌڪار نہ.


جا اک پنهنجي پيءُ تي ٺٺولي ڪري ٿي، ۽ پنهنجي ماءُ جي فرمانبرداري ڪرڻ کي پسند نٿي ڪري، تنهن کي واديءَ جا ڪانگ ٺونگا هڻي پٽي ويندا، ۽ ڳجهہ جا ٻچا کائي ويندا.


شريعت ڏي ۽ شاهديءَ ڏانهن نظر ڪريو! جيڪڏهن اُهي هن ڪلام موافق نہ ڳالهائين، تہ يقيناً هنن جي لاءِ صبح ڪونہ ٿيندو.


اوهان مان هرڪو ماڻهو پنهنجي ماءُ ۽ پنهنجي پيءُ کان ڊڄندو رهي، ۽ اوهين منهنجي سبت جا ڏينهن ياد رکجو: آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.


۽ جيڪو پنهنجي پيءُ تي يا پنهنجيءَ ماءُ تي لعنت ڪندو، سو ضرور ماريو ويندو: هن پنهنجي پيءُ يا پنهنجيءَ ماءُ تي لعنت ڪئي آهي؛ ۽ انهي جو خون سندس گردن تي آهي.


هن ورندي ڏيئي چين تہ اوهين بہ پنهنجي روايت جي ڪري خدا جو حڪم ڇو ٿا ڀڃو؟


پر اوهين ٿا چئو، تہ جيڪو پنهنجي پيءُ يا پنهنجي ماءُ کي چوندو، تہ جنهن شيءِ مان توکي منهنجي هٿان فائدو رسي ها سا خدا جي نذر ٿي چڪي؛ سو ڀلي پنهنجي پيءُ کي عزت نہ ڏئي.


پنهنجي ماءُ پيءُ جي عزت ڪر، ۽ پنهنجي پاڙيسريءَ کي پاڻ جهڙو پيار ڪر.


تڏهن يسوع چيس، تہ اي شيطان، هتان ٽري وڃ، ڇالاءِ جو لکيل آهي تہ ”تون خداوند پنهنجي خدا کي سجدو ڪر، ۽ رڳو انهي جي ئي عبادت ڪر.“


تڏهن اسين شريعت کي ايمان جي ڪري رد ٿا ڪريون ڇا؟ اصل ئي نہ، بلڪ اسين شريعت کي قائم ٿا ڪريون.


اي ٻارو، خداوند ۾ پنهنجي ماءُ پيءُ جي فرمانبرداري ڪريو: ڇالاءِ جو اهو واجب آهي.


جيڪو ماڻهو ماءُ پيءُ جي بيعزتي ڪري سو ملعون آهي، ۽ سڀ ماڻهو چون، آمين.


تون پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ جي عزت ڪر، جيئن ڪ خداوند تنهنجي خدا توکي حڪم ڏنو آهي: تہ تنهنجي عمر وڏي ٿئي، ۽ جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو، تنهن ۾ تنهنجو ڀلو ٿئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ