Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 15:2 - Sindhi Bible

2 تنهنجا شاگرد بزرگن جي روايت ڇو ٿا ڀڃن؟ ڇالاءِ جو هو ماني کائڻ مهل هٿ نٿا ڌوئن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

2 ”تنهنجا چيلا وڏن جي ڌرمي ريتن رسمن کي ڇو ٿا ڀڃن؟ رسوئي کائڻ وقت هو پنهنجا هٿ ئي نہ ٿا ڌوئن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 ”تنهنجا شاگرد وڏن جي مذهبي ريتن رسمن کي ڇو ٿا ڀڃن؟ ماني کائڻ وقت هو پنهنجا هٿ ئي نہ ٿا ڌوئن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

2 ”تنھنجا شاگرد وڏن جي ريتن رسمن کي ڇو ٿا ڀڃن؟ ڇالاءِ⁠جو ھو ماني کائڻ وقت سندن رسم موجب ھٿ ڪونہ ٿا ڌوئن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 15:2
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ خدا چيو تہ آسمان جي خال ۾ روشنايون ٿين تہ ڏينهن کي رات کان ڌار ڪن؛ ۽ اُهي نشانين، مندن، ڏينهن ۽ ورهين جي لاءِ ٿين:


تڏهن بادشاهہ جا ملازم، جي بادشاهہ جي دروازي تي هوندا هئا، تن مردڪئيءَ کي چيو تہ ڇو تون بادشاهہ جي حڪم کان ٻاهر ٿو وڃين؟


هن ورندي ڏيئي چين تہ اوهين بہ پنهنجي روايت جي ڪري خدا جو حڪم ڇو ٿا ڀڃو؟


۽ هنن ڏٺو هو تہ سندس ڪي شاگرد پليت، يعني اڻ ڌوتلن هٿن سان ماني ٿا کائين.


سو فريسين ۽ فقيهن کانئس پڇيو تہ تنهنجا شاگرد ڇالاءِ وڏن جي روايتن موجب نٿا هلن، پر پليت هٿن سان ماني ٿا کائين؟


۽ جڏهن فريسيءَ ڏٺو تہ کائڻ کان اڳي پهريائين هٿ ڪين ڌوتائين، تڏهن ڏاڍو عجب لڳس.


۽ مون يهودين جي مذهب ۾ پنهنجي قوم جي ماڻهن مان گهڻن پاڻ جيڏن کان وڌيڪ ترقي ڪئي هئي؛ ۽ پنهنجي ابن ڏاڏن جي روايتن لاءِ تمام گهڻو سرگرم هوس.


خبردار رهجو متان ڪو ماڻهو پنهنجي فيلسوفيءَ ۽ اجائي فريب سان، ماڻهن جي روايتن ۽ دنيا جي ابتدائي تعليم موجب، ۽ نہ مسيح موجب، اوهان کي شڪار ڪري وٺي.


اوهين ڄاڻو ٿا تہ اوهان جي اجائي هلت چلت جا اوهان جي ابن ڏاڏن کان وٺي هلي آئي آهي، تنهن کان اوهان کي فاني شين، يعني سون ۽ چانديءَ جي وسيلي نجات نہ ملي؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ