Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 14:9 - Sindhi Bible

9 تنهن تي بادشاهہ کي ڏک ٿيو، پر پنهنجن قسمن جي ڪري ۽ مهمانن جي سانگي، حڪم ڪيائين تہ اُها آڻي ڏيوس؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

9 اهو ٻڌي هيروديس کي ڏاڍو ڏک ٿيو. پر جيئن تہ هن مهمانن جي اڳيان قسم کڻي وچن ڪيو هو، تنهنڪري حڪم جاري ڪيائين تہ انهيءَ ڪنيا جي مرضي پوري ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 اهو ٻڌي هيروديس کي ڏاڍو ڏک ٿيو. پر جيئن تہ هن مهمانن جي اڳيان قسم کڻي واعدو ڪيو هو، تنهنڪري حڪم جاري ڪيائين تہ انهيءَ ڇوڪريءَ جي مرضي پوري ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

9 اھو ٻڌي بادشاھہ کي ڏاڍو ڏک ٿيو پر جيئن تہ ھن مھمانن جي اڳيان قسم کڻي واعدو ڪيو ھو، تنھنڪري حڪم جاري ڪيائين تہ جيئن انھيءَ ڇوڪريءَ جي مرضي پوري ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 14:9
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پنهنجي وات سان اُٻهرائي نہ ڪر، ۽ نہ پنهنجي دل کي خدا جي اڳيان تڪڙ ڪري ڪجهہ بہ چوڻ ڏي؛ ڇالاءِ جو خدا آسمان ۾ آهي، ۽ تون زمين تي آهين؛ تنهن ڪري ٿورو ڳالهاءِ.


لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهان ۽ اوهان جن زالن پنهنجن واتن سان ڳالهايو آهي، ۽ پنهنجن هٿن سان اُهو پورو ڪيو اٿوَ، ۽ چيو اٿوَ تہ آسمان جي راڻيءَ لاءِ لوبان ساڙڻ ۽ اُن جي لاءِ پيئڻ واريون قربانيون هارڻ واسطي جيڪي اسان مڃتائون مڃيون آهن، سي ضرور پوريون ڪنداسين: تڏهن اوهين پنهنجون مڃتائون قائم ڪريو ۽ پنهنجون مڃتائون پوريون ڪريو.


اُنهي وقت ملڪ جي چوٿين حصي جي حاڪم هيروديس، يسوع جي هاڪ ٻڌي،


۽ ماڻهو موڪلي قيدخاني ۾ يوحنا جي سسي لهرايائين.


سو هيروديس جي مرضي هئي تہ مارائي وجهانس، پر ماڻهن جو ڊپ ٿيس، ڇالاءِ جو هو انهي کي نبي ڪري ڄاڻندا هئا.


تنهن تي هن جيئن ماڻس سيکاريو هوس تيئن چيو، تہ يوحنا بپتسما واري جي سسي مون کي هتي ٿالهيءَ ۾ گهُرائي ڏي.


۽ هيروديس بادشاهہ اهي ڳالهيون ٻڌيون، ڇالاءِ جو هن جو نالو مشهور ٿي ويو هو، ۽ چوڻ لڳو تہ يوحنا بپتسما ڏيڻ وارو مئلن مان جي اُٿيو آهي، تنهنڪري هن جي هٿان اِهي معجزا ٿا ٿين.


ڇالاءِ جو هيروديس کي خبر هئي تہ يوحنا پاڪ ۽ راستباز ماڻهو آهي، تنهنڪري کانئس ڊڄندو هو، ۽ کيس صحيح سلامت رکندو هو؛ ۽ جڏهن هن جون ڳالهيون ٻُڌندو هو، تڏهن ڏاڍو مُنجهي پوندو هو، پر ٻُڌندو خوشيءَ سان هوس.


تنهن تي بادشاهہ کي ڏاڍو ارمان ٿيو؛ پر پنهنجن قسمن جي ڪري، ۽ مهمانن جي خاطر، هن جو چوڻ موٽائي نہ سگهيو.


۽ هن چين تہ انهي لومڙ کي وڃي چئو تہ ڏس، آئون اڄ ۽ سڀاڻ ڀوت پيو ڪڍان، ۽ ماڻهن کي ڇُٽائي چڱو ڀلو پيو ڪريان، ۽ پرينهن ڪماليت کي رسندس.


۽ انهن ٻن مهينن جي پوري ٿيڻ کان پوءِ هيئن ٿيو جو هوءَ پنهنجي پيءُ وٽ موٽي آئي؛ ۽ انهيءَ جيڪا مڃتا مڃي هئي، اُن موجب هن سان ڪيائين: ۽ هوءَ ڪنهن مرد کي نہ ڄاڻندي هئي. ۽ بني اسرائيل ۾ اهو دستور ٿي ويو،


هاڻي اسرائيل جي ماڻهن مصفاہ ۾ قسم کڻي چيو هو تہ انهن مان ڪوبہ پنهنجي ڌيءَ بني بنيمين کي پرڻائي نہ ڏيندو.


۽ اسرائيل جا ماڻهو انهي ڏينهن ڏاڍي تڪليف ۾ هئا: پر سائول ماڻهن کي قسم ڏيئي چيو تہ لعنت هجي انهي ماڻهوءَ تي جو اڄ شام تائين کاڌو کائي، جيستائين ڪ آءٌ پنهنجن دشمنن کان وير نہ وٺان. تنهنڪري ماڻهن مان ڪنهن بہ کاڌو نہ چکيو.


تڏهن ماڻهن مان هڪڙي ورندي ڏئي چيو تہ تنهنجي پيءُ ماڻهن کي سخت قسم ڏنو هو ۽ چيو هئائين تہ جيڪو اڄ ڪجهہ بہ کائيندو تنهن تي لعنت هجي؛ ۽ ماڻهو ٿڪل هئا.


سو جيڪڏهن آءٌ صبح جي سوجهري کان اڳي جيڪي هن وٽ آهن تن مان هڪڙو ڇوڪرو ئي کڻي ڇڏيان، تہ شل خدا دائود جي دشمنن سان ائين ڪري بلڪ زيادہ.


۽ سائول خداوند جو قسم کڻي هن کي چيو تہ خداوند جيئري جو قسم آهي تہ انهي ڪم جي ڪري توکي ڪابہ سزا نہ ملندي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ