Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 14:3 - Sindhi Bible

3 ڇالاءِ جو هيروديس پنهنجي ڀاءُ فلپس جي زال هيرودياس جي خاطر يوحنا کي پڪڙي ٻَڌي قيد ۾ وڌو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

3 ڪجھہ وقت اڳ هيروديس پنهنجي ڀاءُ فلپس جي پتني هيرودياس جي چوڻ تي يوحنا جي گرفتاريءَ جو حڪم ڏنو هو ۽ کيس ٻڌرائي جيل ۾ وڌو هئائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 ڪجھہ وقت اڳ هيروديس پنهنجي ڀاءُ فلپس جي زال هيرودياس جي چوڻ تي يحيٰ جي گرفتاريءَ جو حڪم ڏنو هو ۽ کيس ٻڌرائي جيل ۾ وڌو هئائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

3 ھيروديس پنھنجي ڀاءُ فلپس جي زال ھيرودياس جي چوڻ تي يحيٰ جي گرفتاريءَ جو حڪم ڏنو ھو ۽ کيس ٻڌرائي جيل ۾ وڌو ھئائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 14:3
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻي جڏهن يوحنا قيدخاني ۾ ٻڌو تہ مسيح ڪهڙا ڪم پيو ڪري، تڏهن پنهنجن شاگردن جي معرفت کيس چوائي موڪليائين،


پر جڏهن هيروديس جي جنم جو ڏينهن آيو، تڏهن هيرودياس جي ڌيءَ وچ ۾ بيهي ناچ ڪري هيروديس کي خوش ڪيو.


هاڻي جڏهن هن ٻڌو تہ يوحنا کي جهلايو اٿن، تڏهن پاڻ نڪري گليل ڏانهن ويو؛


۽ هيروديس بادشاهہ اهي ڳالهيون ٻڌيون، ڇالاءِ جو هن جو نالو مشهور ٿي ويو هو، ۽ چوڻ لڳو تہ يوحنا بپتسما ڏيڻ وارو مئلن مان جي اُٿيو آهي، تنهنڪري هن جي هٿان اِهي معجزا ٿا ٿين.


ڇالاءِ تہ هيروديس پاڻ ماڻهو موڪلي يوحنا کي جهلايو هو، ۽ پنهنجي ڀاءُ فلپس جي زال هيرودياس جي خاطر قيدخاني ۾ وڌو هئائينس، جو هن سان پرڻجي ويٺو هو.


۽ هيرودياس جي ساڻس دشمني هئي، ۽ کيس مارائي ڇڏڻ جي مرضي هيس، مگر وس نٿي پڳس؛


تڏهن خود هيرودياس جي ڌيءَ اندر آئي، ۽ ناچ ڪري هيروديس ۽ سندس مهمانن کي خوش ڪيائين؛ ۽ بادشاهہ اُنهيءَ ڇوڪريءَ کي چيو، تہ گهُر جيڪي گهُرڻو هجيئي تہ ڏيانءِ.


۽ هن تاڪيد ڪري چين، تہ خبردار ٿجو، فريسين جي خمير ۽ هيرودين جي خمير کان سنڀالجو.


هاڻي اُنهي مهل ڪي ماڻهو اُتي هئا، تن کيس اُنهن گليلين جي ڳالهہ ٻڌائي، جن جو رت پيلاطس سندن قربانين سان ملائي ڇڏيو هو.


اوڏيءَ مهل ڪي فريسي اچي کيس چوڻ لڳا، تہ هتان نڪري هليو وڃ؛ ڇالاءِ جو هيروديس جي ڏاڍي مرضي آهي تہ توکي ماري ڇڏي.


۽ هيروديس پنهنجن سپاهين سان گڏجي کيس بي آبرو ڪيو، ۽ ساڻس ٺٺوليون ڪري، شاندار ويس پهرائي موٽائي پيلاطس ڏانهن موڪليائينس.


۽ جڏهن هن کي خبر پيئي تہ هو هيروديس جي حد جو آهي، تڏهن هن کي هيروديس ڏانهن موڪليائين جو هو بہ تن ڏينهن ۾ يروشلم ۾ هو.


هاڻي تبريس قيصر جي حڪومت جي پندرهين ورهيہ ۾، جن ڏينهن ۾ پنطيس پيلاطس يهوديہ جو حاڪم، ۽ هيروديس گليل جو حاڪم، ۽ ڀاڻس فلپس اِتوريہ ۽ ترخونيتس ملڪ جو حاڪم، ۽ لسانياس ابلينيءَ جو حاڪم هو،


۽ هيروديس جي ديوان، خوزيءَ جي زال يونانہ، ۽ سوسنا، ۽ ٻيون بہ ڪيتريون هيون، جن پنهنجي مال سان سندس خدمت پئي ڪئي.


هاڻي انهن ڏينهن ۾ هيروديس بادشاهہ ڪليسيا مان ڪن کي ستائڻ جي لاءِ پنهنجو هٿ کنيو؛


ڇالاءِ تہ سچ پچ هن شهر ۾ تنهنجو پاڪ بندو يسوع، جنهن کي تو مسح ڪيو هو، تنهن جي برخلاف هيروديس توڙي پنطس پلاطس، غير قومن ۽ اسرائيل جي اُمتن سوڌو اچي گڏ ٿيا،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ