Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 13:57 - Sindhi Bible

57 سو هنن کيس قبول نہ ڪيو، پر يسوع چين تہ ڪنهن بہ نبيءَ جي پنهنجي وطن ۽ پنهنجي گهر کانسواءِ ٻئي هنڌ بي عزتي ڪانہ ٿي ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

57 سو انهن يسوع کي قبول نہ ڪيو. يسوع کين چيو تہ ”هر سنت پنهنجي ديس ۽ پنهنجي خاندان کان سواءِ جتي ڪٿي مان پائيندو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

57 سو انهن عيسيٰ کي قبول نہ ڪيو. عيسيٰ کين چيو تہ ”هر نبي پنهنجي ديس ۽ پنهنجي خاندان کان سواءِ جتي ڪٿي مان پائيندو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

57 تنھنڪري انھن عيسيٰ کي قبول نہ ڪيو. عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”ھر نبي پنھنجي وطن ۽ پنھنجي خاندان کان سواءِ جتي ڪٿي مان پائيندو آھي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 13:57
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جنهن کي ماڻهو حقير ٿا ڄاڻن؛ جنهن کان قوم کي ڪراهت ٿي اچي، جو حاڪمن جو نوڪر آهي، تنهن کي خداوند اسرائيل جو ڪفارو ڏيندڙ، ۽ هن جو قدوس هيئن ٿو فرمائي تہ بادشاهہ ڏسندا ۽ اُٿي بيهندا؛ سردار سجدو ڪندا؛ ڇالاءِ جو خداوند، اسرائيل جو پاڪ خدا، جنهن توکي پسند ڪيو آهي سو وفادار آهي.


هو ماڻهن ۾ حقير، ۽ رد ٿيل هو؛ هو ڏکن ڀريو ماڻهو، ۽ غم جو واقف، اهڙو ڌڪاريل ماڻهو هو جنهن کان هو پنهنجو منهن ڦيرائين، اسان هن جو قدر نہ ڪيو.


۽ اهو پاڪ مڪان جي بجاءِ ٿيندو؛ مگر اسرائيل جي ٻنهي گهراڻن لاءِ آٿڙڻ جي پٿر، ۽ ٿاٻي کائڻ جي ٽڪر جي بجاءِ ٿيندو، ۽ يروشلم جي رهاڪن لاءِ ڦندي ۽ دام جي بجاءِ ٿيندو.


۽ مبارڪ آهي اُهو جيڪو منهنجي ڪري گمراهہ نٿو ٿئي.


۽ هنن جي بي اعتقاديءَ ڪري هن اُتي گهڻا معجزا نہ ڪيا.


پوءِ هو اُتان نڪري پنهنجي وطن آيو، ۽ سندس شاگرد پٺيانئس آيا.


۽ هيروديس بادشاهہ اهي ڳالهيون ٻڌيون، ڇالاءِ جو هن جو نالو مشهور ٿي ويو هو، ۽ چوڻ لڳو تہ يوحنا بپتسما ڏيڻ وارو مئلن مان جي اُٿيو آهي، تنهنڪري هن جي هٿان اِهي معجزا ٿا ٿين.


هي اُهو واڍو نہ آهي ڇا، جو مريم جو پٽ، ۽ يعقوب، ۽ يوسيس، ۽ يهوداہ، ۽ شمعون جو ڀاءُ آهي؟ ۽ هن جون ڀينرون هتي اسان وٽ ڪينهن ڇا؟ سو هنن کيس قبول نہ ڪيو.


۽ يسوع هنن کي چيو تہ ڪنهن بہ نبيءَ جي پنهنجي وطن، ۽ پنهنجن مٽن مائٽن، ۽ پنهنجي گهر کانسواءِ ٻئي هنڌ بي عزتي ڪانہ ٿي ٿئي.


۽ چيائين تہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ ڪنهن بہ نبيءَ جو پنهنجي وطن ۾ قدر نٿو ٿئي.


۽ مبارڪ اهو آهي جو منهنجي ڪري گمراهہ نٿو ٿئي.


ڇالاءِ تہ يسوع پاڻ شاهدي ڀري تہ ڪنهن بہ نبيءَ کي پنهنجي وطن ۾ عزت نٿي ملي.


۽ هو چوڻ لڳا تہ اهو يسوع يوسف جو پٽ آهي نہ، جنهن جي ماءُ پيءُ کي اسين سڃاڻون؟ تڏهن هينئر ڪيئن ٿو چوي تہ آئون آسمان مان لٿو آهيان؟


پر يسوع پنهنجي اندر ۾ ڄاتو تہ منهنجا شاگرد انهيءَ ڳالهہ تي سُر پُر ٿا ڪن، تڏهن چيائين تہ هيءَ ڳالهہ اوهان کي گمراهہ ٿي ڪري ڇا؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ