Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 12:4 - Sindhi Bible

4 ڪيئن نہ هن خدا جي گهر ۾ گهڙي نذر جون مانيون وڃي کاڌيون، جي کيس توڙي سندس ساٿين کي کائڻ روا نہ هيون، پر رڳو ڪاهنن کي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

4 هو ايشور جي گھر ۾ گھڙي ويو هو ۽ پوءِ هن ۽ سندس ساٿين ڀيٽا وارا اهي روٽ کاڌا هئا جيڪي هنن کي نہ، بلڪ رڳو ڪاهنن کي کائڻ جائز هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 هو خدا جي گھر ۾ گھڙي ويو هو ۽ پوءِ هن ۽ سندس ساٿين نذراني وارا اهي روٽ کاڌا هئا جيڪي هنن کي نہ، بلڪ رڳو ڪاهنن کي کائڻ جائز هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

4 ھو خدا جي گھر ۾ گھڙي ويو ۽ پوءِ ھن ۽ سندس ساٿين نذر جون اھي مانيون کاڌيون جيڪي رڳو ڪاھنن کي کائڻ جائز ھيون، پر کين نہ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 12:4
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ تون انهيءَ ميز تي هميشہ منهنجي حضور ۾ نذراني جي ماني رکندو رهج.


۽ موسيٰ هارون ۽ سندس پٽن کي چيو تہ هي گوشت جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ رڌيو: ۽ اهو مخصوصيت واريءَ ٽوڪريءَ ۾ پيل مانين سان گڏ، انهي ساڳئي هنڌ ويهي کائو: جيئن ڪ مون کي حڪم مليو هو، تہ هارون ۽ سندس پٽ اهو کائين.


پر هن چين تہ اوهان نہ پڙهيو آهي ڇا تہ جڏهن دائود ۽ سندس ساٿين کي بک لڳي هئي، تڏهن ڇا ڪيائين؛


اوهان توريت ۾ نہ پڙهيو آهي ڇا، تہ ڪيئن نہ سبت جي ڏينهن ڪاهن هيڪل ۾ سبت نٿا وارين، تہ بہ ڏوهي نٿا ليکجن؟


ڪيئن نہ هو سردار ڪاهن ابياتر جي ڏينهن ۾ خدا جي گهر ۾ گهڙي ويو، ۽ نذر جون مانيون، جنهن جو کائڻ ڪاهنن کانسواءِ ٻئي ڪنهن کي روا نہ آهي، سي کڻي کاڌائين، ۽ پنهنجن ساٿين کي بہ ڏنائين؟


جو خدا جي گهر ۾ وڃي، نذر جون مانيون، جن جو کائڻ ڪاهنن کانسواءِ ٻئي ڪنهن کي روا نہ آهي، سي کڻي کاڌائين، ۽ ٻيا جيڪي هئا، تن کي بہ ڏنائين؟


يعني هڪڙو تنبو تيار ڪيو ويو هو، جنهن جي پهرئين حصي ۾ شمعدان ۽ ميز ۽ نذر جون مانيون هيون؛ جنهن کي پاڪ جاءِ چوندا آهن.


تڏهن ڪاهن دائود کي ورندي ڏيئي چيو تہ ٻي رواجي ماني مون وٽ ڪانهي، رڳو پاڪ ماني حاضر آهي؛ بشرطيڪ انهن جوان ماڻهن پاڻ کي زالن کان پري رکيو هجي.


تنهنڪري ڪاهن هن کي اُها پاڪ ماني ڏني: ڇالاءِ جو اُنهي نذر جي مانيءَ کان سواءِ ٻي ڪابہ ماني ڪانہ هئي، ۽ اُها خداوند جي حضور مان کنئي ويئي هئي، انهي لاءِ تہ گرم ماني رکي وڃي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ