Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 11:6 - Sindhi Bible

6 ۽ مبارڪ آهي اُهو جيڪو منهنجي ڪري گمراهہ نٿو ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

6 سڀاڳو آهي اهو جنهن کي مون بابت ڪوبہ شڪ نہ آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 سڀاڳو آهي اهو جنهن کي مون بابت ڪوبہ شڪ نہ آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

6 سڀاڳو آھي اُھو جنھن کي مون بابت ڪوبہ شڪ نہ آھي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 11:6
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مبارڪ آهن اهي جي سنئين واٽ ٿا وٺن، ۽ خداوند جي شريعت تي عمل ٿا ڪن.


تڏهن بہ هن منجهہ اڃا پاڙ نہ لڳي آهي، تنهنڪري ٿوري وقت تائين اُهو جٽاءُ ڪري ٿو؛ ۽ جڏهن اُنهي ڪلام جي سبب سختي يا ستائڻ شروع ٿو ٿئي، تڏهن يڪدم هو ڀلجيو وڃي.


گمراهيءَ ڪري دنيا تي افسوس آهي! ڇالاءِ جو گمراهي تہ ضرور ٿيندي: پر افسوس اُنهي ماڻهو تي جو گمراهہ ٿو ڪري!


تڏهن گهڻا ئي گمراهہ ٿيندا، ۽ هڪ ٻئي کي جهلائيندا، ۽ هڪ ٻئي سان عداوت رکندا.


پوءِ يسوع هنن کي چيو تہ اوهين سڀ اڄ رات منهنجي سبب ڪري ٺوڪر کائيندا: ڇالاءِ جو لکيل آهي تہ ”آئون ريڍار کي ماريندس ۽ ڌڻ جون رڍون رلي ڇلي وينديون.“


۽ جيڪڏهن تنهنجي ساڄي اک توکي ڀُلائي تہ اُها پٽي ڪڍي پاڻ وٽان اُڇلائي ڇڏ: ڇالاءِ جو تنهنجي لاءِ اهو بهتر آهي تہ تنهنجن عضون مان هڪڙو هليو وڃي، پر تنهنجو سڄو بُت جهنم ۾ نہ پوي.


هي اُهو واڍو نہ آهي ڇا، جو مريم جو پٽ، ۽ يعقوب، ۽ يوسيس، ۽ يهوداہ، ۽ شمعون جو ڀاءُ آهي؟ ۽ هن جون ڀينرون هتي اسان وٽ ڪينهن ڇا؟ سو هنن کيس قبول نہ ڪيو.


۽ شمعون کين برڪت ڏني، ۽ سندس ماءُ مريم کي چيائين تہ ڏس، هي ٻار اسرائيل ۾ گهڻن جي ڪِرڻ ۽ وري اُٿڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي، ۽ هڪڙي نشان لاءِ آهي، جنهن جي مخالفت ٿيندي:


۽ مبارڪ اهو آهي جو منهنجي ڪري گمراهہ نٿو ٿئي.


اهي ڳالهيون مون اوهان کي انهيءَ لاءِ چيون آهن، تہ اوهين گمراهہ نہ ٿيو.


تنهن تي سندس گهڻا شاگرد پٺتي موٽي هليا ويا، ۽ وري ساڻس ڪڏهن گهُمڻ جي نہ ڪيائون.


هاڻي جسماني ماڻهو خدا جي روح جون ڳالهيون قبول نٿو ڪري، ڇالاءِ جو اُهي هن جي لاءِ بيوَقوفي آهن، ۽ اهي هو سمجهي بہ نہ ٿو سگهي، ڇالاءِ جو اهي روحاني طرح جاچي سگهبيون آهن.


پر اي ڀائرو، جيڪڏهن آئون اڃا تائين ختني جي منادي ٿو ڪريان تہ پوءِ ڇو ٿو ستائجان؟ پوءِ صليب ٺوڪر جو باعث نہ رهيو.


۽ ”ٿاٻڙجڻ جو پهڻ ۽ ٺوڪر کائڻ جي ڇپ“: ڇالاءِ جو هو نافرمان ٿي ڪلام کان گمراهہ ٿا ٿين: ۽ انهي جي لاءِ هو مقرر بہ ڪيا ويا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ