Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 10:8 - Sindhi Bible

8 بيمارن کي شفا ڏجو، مئلن کي جيئارجو، ڪوڙهين کي ڇُٽائي صاف ڪجو، ڀوت ڪڍجو، مفت مليو اٿوَ، مفت ڏجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

8 بيمارن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪجو ۽ مئلن کي جيوت ڪجو، ڪوڙهہ جهڙي مرض وارن کي ڇٽائي پوِتر ڪجو ۽ ماڻهن مان ڀوت ڪڍجو. آءٌ هي اوهان کي مفت ۾ ڏيان ٿو، تنهنڪري اوهين بہ مفت ۾ ڏجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 بيمارن کي شفا ڏجو ۽ مئلن کي جيارجو، ڪوڙهہ جهڙي مرض وارن کي ڇٽائي پاڪ صاف ڪجو ۽ ماڻهن مان ڀوت ڪڍجو. آءٌ هي اوهان کي مفت ۾ ڏيان ٿو، تنهنڪري اوهين بہ مفت ۾ ڏجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

8 بيمارن کي شفا ڏجو ۽ مئلن کي جيارجو، ڪوڙھہ جھڙي مرض وارن کي پاڪ صاف ڪجو ۽ ماڻھن مان ڀوت ڪڍجو. اوھان کي مفت ۾ مليو آھي تنھنڪري اوھين بہ مفت ۾ ڏجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 10:8
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اوهين سڀ جي اُڃيا آهيو سي پاڻيءَ تي اچو، ۽ اهو بہ، جنهن وٽ پئسو ڪونهي؛ اچو خريد ڪري کائو؛ هائو، اچو؛ شراب ۽ کير اڻ مُلهو ۽ بنا پئسي خريد ڪريو.


پر تون ۽ تو سان گڏ تنهنجا پٽ، قربانگاهہ ۽ پردي جي اندر جي سڀ ڪم ڪار لاءِ، پنهنجي ڪهانت قائم رکجو، ۽ خدمت ڪجو: آءٌ ڪهانت جي خدمت اوهان کي بخشش طور ٿو ڏيان، ۽ جيڪو ڌاريو ماڻهو ويجهو ايندو سو ماريو ويندو.


۽ هن پنهنجي ٻارهن شاگردن کي پاڻ وٽ سڏي کين هيءَ اختياري ڏني، تہ ڀوتن کي ڪڍن، ۽ سڀ ڪنهن قسم جي مرض ۽ بيماريءَ کان شفا ڏين.


۽ ويندي ويندي اها منادي ڪريو، تہ آسمان جي بادشاهت ويجهي آئي آهي.


پنهنجي ٻٽوئن ۾ سون يا رپو يا ٽامو نہ کڻجو؛


۽ نانگ کڻندا، ۽ جيڪڏهن زهر پيئندا تہ انهي مان هنن کي ڪنهن بہ طرح جو جوکو نہ رسندو؛ اُهي بيمارن تي هٿ رکندا ۽ هو چڱا ڀلا ٿي پوندا.


۽ جيڪي اتي بيمار هجن تن کي چڱو ڀلو ڪجو، ۽ انهن کي چئجو تہ خدا جي بادشاهت اچي ويجهي پهتي اٿوَ.


پر پطرس چيس تہ رپو ۽ سون تہ مون وٽ ڪونهي؛ پر جيڪي اٿم سو توکي ڏيان ٿو. يسوع مسيح ناصريءَ جي نالي اُٿي گهُم ڦر.


۽ جڏهن تون شفا ڏيڻ لاءِ پنهنجو هٿ ڊگهيرين، تڏهن تنهنجي پاڪ بندي يسوع جي نالي معجزا ۽ ڪرامتون ٿين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ