Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 10:6 - Sindhi Bible

6 بلڪ اسرائيل جي گهراڻي جون رڍون جيڪي گمراهہ ٿي ويون آهن، تن وٽ وڃو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

6 پر بني اسرائيل، جيڪي ڀَٽڪيل رڍن وانگر آهن تن وٽ وڃجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 پر بني اسرائيل، جيڪي ڀٽڪيل رڍن وانگر آهن تن وٽ وڃجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

6 پر بني اسرائيل جي گھراڻي جون جيڪي رڍون گمراھہ ٿي ويون آھن تن وٽ وڃجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 10:6
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ گم ٿيل رڍ وانگي گمراهہ ٿي ويو آهيان؛ تون پنهنجي بندي کي ڳولي لهہ؛ ڇو جو آءٌ تنهنجن حڪمن کي نٿو وساريان.


اسين سڀ رڍن وانگي گمراهہ ٿي ويا آهيون؛ اسان مان هرڪو پنهنجي پنهنجي رستي ڏانهن ڦري ويو آهي؛ پر خداوند اسان سڀني جو گناهہ هن جي مٿان رکيو آهي.


اسرائيل رلي ويل رڍ آهي؛ شينهن انهي کي ڀڄائي ڪڍيو آهي: پهرين اشور جو بادشاهہ انهي کي کائي ويو؛ ۽ پڇاڙيءَ ۾ هن بابل جي بادشاهہ نبوڪدرضر ان جا هڏ ڀڃي ڇڏيا آهن.


منهنجي قوم رلي ويل رڍن وانگي ٿي پئي آهي: انهن جي ڌنارن انهن کي گمراهہ ڪري ڇڏيو آهي، هنن انهن کي جبلن تي هڪالي ڇڏيو آهي: اهي جبل کان ٽڪريءَ ڏي ويا آهن، ۽ پنهنجي آرام جي جاءِ وساري ڇڏي اٿن.


جيڪا گم ٿي ويئي هوندي تنهن کي ڳولي لهندس، ۽ جيڪا ڪاهجي ويئي هوندي تنهن کي ورائيندس، ۽ جنهن جو ڪو عضوو ڀڄي پيو هوندو تنهن جو اُهو عضوو ٻڌندس، ۽ جيڪا بيمار هوندي تنهن کي زور وٺائيندس: ۽ ٿلهن ۽ زور وارن کي آءٌ ناس ڪري ڇڏيندس؛ انهن کي آءٌ عدالت جي رستي چاريندس.


ضعيفن کي اوهان زور نہ ڏياريو، نڪي بيمارن کي اوهان ڇُٽائي چڱو ڀلو ڪيو آهي؛ نڪي ڀڳلن کي اوهان ٻڌي سڄو ڪيو، نڪي جيڪا ڪاهجي ويئي تنهن کي اوهان موٽائي آندو، نڪي جيڪا گم ٿي ويئي تنهن کي اوهان ڳولي لڌو؛ پر زور ۽ زبردستيءَ سان اوهان هنن تي حڪم هلايو آهي.


منهنجون رڍون سڀني جبلن تي، ۽ سڀ ڪنهن مٿانهين ٽڪريءَ تي رلنديون رهيون: هائو، منهنجون رڍون سڄي زمين تي پکڙجي ويون؛ ۽ اهڙو ڪوبہ ڪونہ هو جو انهن کي ڳولي يا پٺيان پئي هٿ ڪري.


خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ مون کي پنهنجي حياتيءَ جو قسم آهي، تہ جڏهن منهنجون رڍون شڪار ٿي ويون ۽ منهنجون رڍون جهنگ جي سڀني جانورن جو قوت ٿي ويون، جو ڌنار ڪونہ هو، نڪي منجهن ڌنارن پنهنجون رڍون ڳوليون، پر انهن ڌنارن پنهنجو پيٽ ڀريو، ۽ منهنجين رڍن کي نہ چاريائون؛


ڏسو متان هن ننڍڙن مان ڪنهن کي حقير ڪري ڄاڻو.


(ڇالاءِ جو آئون اوهان کي چوان ٿو تہ منهنجو پيءُ جو آسمان ۾ آهي، تنهن جو منهن هنن جا ملائڪ آسمان ۾ هميشہ پيا ڏسن).


۽ يروشلم کان وٺي سڀني قومن ۾ سندس نالي توبهہ ۽ گناهن جي معافيءَ جي منادي ڪئي وڃي.


سو پولس ۽ برناباس همت جهلي ڳالهائڻ لڳا ۽ چيائون تہ ضرور هو تہ خدا جو ڪلام پهريائين اوهان کي ٻُڌائجي: پر جيئن تہ اوهان اهو ريٽي ڇڏيو آهي، ۽ هميشہ جي زندگيءَ جو پاڻ کي لائق ئي نٿا سمجهو، تنهنڪري ڏسو، اسين ڦري غير قومن ڏانهن ٿا وڃون.


۽ جڏهن اُهي سندس سامهون ٿيڻ ۽ ڪفر بڪڻ لڳا، تڏهن هن پنهنجا ڪپڙا ڇنڊي کين چيو، تہ اوهان جو خون اوهان ئي جي سر تي هجي؛ آئون ڇُٽل آهيان. اڄ کانپوءِ آئون غير قومن ڏانهن ويندس.


پهريائين دمشق جي ماڻهن کي، ۽ پوءِ يروشلم ۾، ۽ يهوديہ جي ساري ملڪ ۾، ۽ غير قومن کي بہ چوندو رهيس تہ اُهي توبهہ ڪري خدا ڏانهن ڦرن؛ ۽ اهڙا ڪم ڪن جي توبهہ ڪندڙن جي لائق هجن.


سو پهريائين خدا پنهنجو بندو کڙو ڪري اوهان ڏانهن موڪليو، تہ اوهان مان هر ڪنهن کي سندس براين کان ڦيري برڪت ڏئي.


ڇالاءِ جو پهرين اوهين رڍن وانگر رُلي ويا هئا؛ پر هاڻي پنهنجن روحن جي ڌنار ۽ نگهبان (بشپ) وٽ موٽي آيا آهيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ