Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 10:5 - Sindhi Bible

5 انهن ٻارهن کي يسوع روانو ڪيو، ۽ تاڪيد ڪري چيائين، تہ غير قومن جي راهہ ۾ متان وڃو، ۽ سامرين جي ڪنهن بہ شهر ۾ متان گهڙو:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

5 انهن ٻارهن سنتن کي يسوع روانو ڪندي هي تاڪيد ڪيو تہ ”اوهين غير يهودين جي ڪنهن بہ علائقي ڏانهن يا سامرين جي ڪنهن بہ شهر ۾ نہ وڃجو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 انهن ٻارهن رسولن کي عيسيٰ روانو ڪندي هي تاڪيد ڪيو تہ ”اوهين غير يهودين جي ڪنهن بہ علائقي ڏانهن يا سامرين جي ڪنهن بہ شهر ۾ نہ وڃجو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

5 انھن ٻارھن رسولن کي عيسيٰ ھيٺين ھدايتن سان روانو ڪيو تہ ”ڪنھن بہ غير قوم جي علائقي ڏانھن يا سامرين جي شھرن ۾ نہ وڃجو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 10:5
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ پنهنجا نوڪر موڪليائين تہ جن کي شاديءَ جي مجلس جي دعوت مليل آهي، تن کي سڏي اچو. پر انهن اچڻ جي نہ ڪئي.


”زبولون جو علائقو ۽ نفتاليءَ جو علائقو، جو يردن جي پار سمنڊ واري پاسي، غير قومن وارو گليل آهي،


۽ هن انهن ٻارهن ڄڻن کي پاڻ وٽ سڏيو، ۽ انهن کي ٻہ ٻہ ڪري روانو ڪيائين؛ ۽ کين ڀوتن تي اختياري ڏنائين؛


هاڻي انهي کانپوءِ خداوند ٻيا ستر ڄڻا مقرر ڪيا، ۽ اُنهن کي پاڻ کان اڳ ۾ سڀ ڪنهن شهر ۽ هنڌ، جتي پاڻ وڃڻو هو، اُتي ٻہ ٻہ ڪري موڪليائين.


پر هڪڙو سامري مسافري ڪندي اچي اُتان نڪتو: اُن جڏهن کيس ڏٺو تڏهن ڪهل آيس،


۽ هن جي پيرين پئي سندس شڪرانا بجا آندائين: ۽ هو سامري هو.


۽ هن پنهنجن ٻارهن شاگردن کي سڏي کين طاقت بخشي تہ هو سڀني ڀوتن تي اختياري رکن ۽ بيمارن کي شفا ڏين.


۽ کين موڪليائين تہ وڃي خدا جي بادشاهت جي منادي ڪريو، ۽ بيمارن کي چڱو ڀلو ڪريو.


جيئن تو مون کي دنيا ۾ موڪليو آهي، تيئن مون بہ کين دنيا ۾ موڪليو آهي.


تڏهن يسوع وري چين تہ السلام عليڪم: جيئن پيءُ مون کي موڪليو آهي، تيئن آئون بہ اوهان کي ٿو موڪليان.


اسان جا وڏا هن جبل تي عبادت ڪندا هئا؛ ۽ اوهين چئو ٿا تہ اها جاءِ جتي عبادت ڪرڻ گهرجي سا يروشلم ۾ آهي.


پوءِ هو سامريہ جي هڪڙي سوخار نالي شهر وٽ، انهيءَ ٻنيءَ جي ڀر ۾ آيو، جا يعقوب پنهنجي پٽ يوسف کي ڏني هئي:


تڏهن انهيءَ سامري زال چيس تہ تون يهودي ٿي مون سامري زال کان پاڻي ڪيئن ٿو گهُرين؟ (ڇالاءِ جو يهودين جو سامرين سان ڪو رشتو ڪونهي).


تڏهن يهودي پاڻ ۾ چوڻ لڳا تہ هيءُ ڪيڏانهن وڃڻو آهي، جو اسين لهي ڪين سگهنداسونس؟ يونان منجهہ جي ڇڙوڇڙ ٿي ويا آهن، تن وٽ وڃي يونانين کي تعليم ڏيندو ڇا؟


يهودين جواب ڏيئي چيس تہ اسان پوري ڳالهہ ڪين ڪئي آهي، تہ تون سامري آهين، ۽ تو ۾ ڀوت آهي؟


پر جڏهن پاڪ روح اوهان تي نازل ٿيندو، تڏهن اوهان کي طاقت ملندي: ۽ اوهين يروشلم ۾ توڙي سڄي يهوديہ ۽ سامريہ، بلڪ زمين جي حدن تائين منهنجا شاهد ٿيندا.


۽ جيڪي مختون ايمان وارا پطرس سان گڏجي آيا هئا، سي سڀيئي حيران ٿي ويا تہ روح جي بخشش غير قومن کي بہ ملي.


۽ شائول هن جي قتل ڪرڻ تي راضي هو. ۽ انهن ڏينهن ۾ جيڪا ڪليسيا يروشلم ۾ هئي، تنهن تي ڏاڍو ظلم ٿيڻ لڳو؛ ۽ رسولن کانسواءِ باقي ٻيا سڀ يهوديہ ۽ سامريہ جي ملڪن ۾ هيڏانهن هوڏانهن ٽڙي پکڙي ويا.


۽ اسان کي منع ٿا ڪن تہ غير قومن کي سندن نجات جي لاءِ ڪلام نہ ٻُڌايون؛ تہ ڀلي تہ هنن جي گناهن جا گهڙا هميشہ ڀرپور ٿيندا وڃن: پر انهن تي نهايت گهڻو غضب اچي ڪڙڪيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ