Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 10:3 - Sindhi Bible

3 فلپس، ۽ برتلمئي، توما، ۽ متي محصولي ٺيڪيدار؛ حلفيءَ جو پٽ يعقوب، ۽ ٿدئي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

3 فلپس ۽ برتُلمئي، توما ۽ متي ٽيڪس اُڳاڙيندڙ، حلفيءَ جو پٽ يعقوب ۽ تدئي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 فلپس ۽ برتُلمئي، توما ۽ متي ٽيڪس اُڳاڙيندڙ، حلفيءَ جو پٽ يعقوب ۽ تدئي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

3 فلپس ۽ برٿلمئي، توما ۽ متي محصول اڳاڙيندڙ، حلفيءَ جو پٽ يعقوب ۽ ٿدئي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 10:3
30 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جي هو انهن جي بہ نہ مڃي، تہ ڪليسيا کي چئو، ۽ جي هو ڪليسيا جي بہ نہ مڃي، تہ پوءِ هن کي غير قوم ۽ محصولي ٺيڪيدار ڪري ڄاڻ.


انهن ۾ مريم مگدليني ۽ يعقوب ۽ يوسيس جي ماءُ مريم، ۽ زبديءَ جي پٽن جي ماءُ هيون.


۽ جڏهن يسوع اُتان اڳتي هليو، تڏهن متي نالي هڪڙو ماڻهو اڪٽ تي ويٺل ڏٺائين: ۽ هن کي چيائين تہ منهنجي پٺيان اچ؛ ۽ هو اُٿي سندس پٺيان هليو.


۽ اُتي زالون بہ هيون جن پري کان بيٺي ڏٺو، انهن ۾ مريم مگدليني، ننڍي يعقوب ۽ يوسيس جي ماءُ مريم، ۽ سلومي هيون؛


۽ واٽ ويندي هن حلفيءَ جي پٽ ليويءَ کي اڪٽ تي ويٺل ڏٺو، ۽ انهي کي چيائين تہ منهنجي پٺيان اچ، ۽ هو اُٿي سندس پٺيان هليو.


۽ اندرياس، ۽ فلپس، ۽ برتلمئي، ۽ متي، ۽ توما، ۽ حلفيءَ جو پٽ يعقوب، ۽ ٿدي، ۽ شمعون ڪنعاني،


تہ ٻہ ڄڻا هيڪل ۾ دعا گهرڻ ويا، هڪڙو فريسي هو ۽ ٻيو محصولي ٺيڪيدار.


فريسي بيهي پنهنجي دل ۾ هيئن دعا گهرڻ لڳو، تہ اي خداوند، آئون تنهنجا شڪرانا ٿو ڪريان تہ آئون ٻين ماڻهن جهڙو ڦورو، يا بي انصاف، يا زناڪار ڪين آهيان، نڪي وري هن محصولي ٺيڪيدار جهڙو آهيان.


پر هن ٺيڪيدار پري بيهي مٿي آسمان ڏانهن اکيون بہ نہ کنيون، پر ڇاتي ڪُٽي چوڻ لڳو، تہ اي خدا، مون گنهگار تي رحم ڪر.


تہ ڏسو، زڪيءَ نالي هڪڙو ماڻهو هو جو محصولي ٺيڪيدارن جو وڏو هو، ۽ شاهوڪار بہ هو:


۽ هنن ڳالهين کانپوءِ هو ٻاهر هليو ويو، تہ ليويءَ نالي هڪڙي محصولي ٺيڪيدار کي اڪٽ تي ويٺل ڏٺائين، ۽ انهي کي چيائين، تہ منهنجي پٺيان اچ.


نتن ايل کيس چيو تہ تون مون کي ڪيئن ٿو سڃاڻين؟ يسوع هن کي جواب ڏيئي چيو تہ جڏهن تون انجير جي وڻ هيٺان هُئين ۽ فلپس توکي ڪوٺيو، تنهن کان اڳي مون توکي ڏٺو.


تڏهن توما، جنهن کي جاڙو بہ چوندا هئا، تنهن پنهنجن سنگتين کي چيو تہ هلو تہ پاڻ بہ هلي ساڻس گڏ مرون.


يهوداهہ (نہ اسڪريوتي) چيس، تہ اي خداوند، ڇا ٿيو آهي جو تون اسان کي پنهنجو پاڻ پڌرو ڪري ڏيکاريندين، ۽ دنيا کي نہ؟


توما چيس، تہ اي خداوند، اسان کي ايتري بہ خبر ڪانهي تہ تون ڪيڏانهن ٿو وڃين، سو وري واٽ جي خبر ڪيئن هونديسون؟


يسوع چيس، تہ اي فلپس، آئون هيترو وقت اوهان سان رهيو آهيان ۽ توهان مون کي سڃاتو ئي ڪين آهي؟ جنهن مون کي ڏٺو آهي، تنهن پيءُ کي ڏٺو آهي، پوءِ ڪيئن ٿو چئين تہ اسان کي پيءُ ڏيکار؟


شمعون پطرس ۽ توما، جنهن کي جاڙو چوندا هئا، ۽ نتن ايل گليل جي قانا شهر وارو، ۽ زبديءَ جا پٽ، ۽ ٻيا بہ سندس شاگرد پاڻ ۾ ويٺا هئا.


۽ جڏهن اتي پهتا، تڏهن اُنهيءَ ماڙيءَ تي چڙهي ويا، جتي پطرس، ۽ يوحنا، ۽ يعقوب، ۽ اندرياس، ۽ فلپس، ۽ توما، ۽ برتلمئي، ۽ متي، ۽ حلفي جو پٽ يعقوب، ۽ شمعون زلوتيس، ۽ يعقوب جو پٽ يهودا، اهي سڀيئي رهندا هئا.


پر هن هٿ سان اشارو ڏيئي چين تہ ماٺ ڪريو، پوءِ ٻُڌايائين تہ ڪيئن خداوند کيس قيدخاني مان ڇڏايو. ۽ چيائين تہ هن ڳالهہ جي يعقوب ۽ ٻين ڀائرن کي خبر ڏجو. پوءِ پاڻ نڪري ٻئي هنڌ هليو ويو.


۽ جڏهن هنن بس ڪئي، تڏهن يعقوب ورندي ڏيئي چيو، تہ اي ڀائرو، منهنجي ڳالهہ ٻُڌو؛


۽ ٻئي ڏينهن پولس اسان سان گڏجي يعقوب وٽ هليو ۽ سڀ بزرگ بہ اُتي ويٺا هئا.


پر خداوند جي ڀاءُ يعقوب کانسواءِ ٻئي ڪنهن رسول کي مون ڪونہ ڏٺو.


۽ جيڪو فضل مون کي ڏنو ويو سو جڏهن هنن کي معلوم ٿيو تڏهن، يعقوب ۽ ڪيفاس ۽ يوحنا، جي ڪليسيا جا ارڪان ليکبا هئا، تن مون کي ۽ برناباس کي پنهنجو ساڄو هٿ ڏيئي، شراڪت ۾ قبول ڪيو، انهي لاءِ تہ اسين غير قومن ڏانهن وڃون، ۽ هو مختونن وٽ وڃن.


خدا ۽ خداوند يسوع مسيح جي بندي يعقوب جي طرفان اُنهن ٻارهن قبيلن کي سلام رسن، جي جدا جدا ملڪن ۾ ٿا رهن.


يهوداهہ، جو يسوع مسيح جو غلام ۽ يعقوب جو ڀاءُ آهي، تنهن جي طرفان انهن ڏانهن جيڪي سڏيل، ۽ خدا پيءُ جا پيارا، ۽ يسوع مسيح لاءِ حفاظت ۾ رکيل آهن،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ