Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 1:2 - Sindhi Bible

2 ابراهيم مان اسحاق پيدا ٿيو؛ ۽ اسحاق مان يعقوب پيدا ٿيو؛ ۽ يعقوب مان يهوداهہ ۽ سندس ڀائر پيدا ٿيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

2 ابرهام مان اضحاق پيدا ٿيو، اضحاق مان يعقوب پيدا ٿيو ۽ يعقوب مان يهوداہ ۽ سندس ڀائر پيدا ٿيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 ابراهيم مان اسحاق پيدا ٿيو، اسحاق مان يعقوب پيدا ٿيو ۽ يعقوب مان يهوداہ ۽ سندس ڀائر پيدا ٿيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

2 ابراھيم مان اسحاق پيدا ٿيو، اسحاق مان يعقوب پيدا ٿيو ۽ يعقوب مان يھوداہ ۽ سندس ڀائر پيدا ٿيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 1:2
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻي ابرهام جي پٽ اسحاق جو نسب نامو هن ريت آهي: ابرهام مان اسحاق پيدا ٿيو.


تنهن کان پوءِ سندس ڀاءُ پنهنجي هٿ ۾ عيسو جي کڙي جهلي نڪتو، ۽ انهي جو نالو يعقوب رکيائون: جڏهن اسحاق کي هي ٻار ڄاوا، تڏهن هو سٺ ورهين جو هو.


ابرهام جا پٽ؛ اسحاق ۽ اسماعيل.


۽ ابرهام مان اسحاق ڄائو؛ اسحاق جا پٽ؛ عيسو ۽ اسرائيل.


پر اي منهنجا بندا اسرائيل! اي منهنجا چونڊيل يعقوب! تون منهنجي دوست ابرهام جي نسل مان آهين.


پنهنجي پيءُ ابرهام، ۽ تنهنجي ماءُ سارہ ڏانهن نهاريو: ڇالاءِ جو جڏهن مون هن کي سڏيو تڏهن هو اڪيلو هو، پر مون هن کي برڪت ڏني ۽ منجهانئس گهڻا ڪيم.


۽ يهوداهہ جي نسل مان سڀيئي مرد، جن جي عمر ويهہ ورهيہ يا انهيءَ کان مٿي هئي، ۽ جنگ ۾ وڃڻ جي لائق هئا، تن جو سندن پيڙهين، ۽ سندن خاندانن، ۽ سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب، سندن نالا وٺي شمار ڪيو ويو؛


يسوع مسيح دائود جي فرزند، ابراهيم جي فرزند جو نسب نامو.


۽ يهوداهہ مان تمر جي پيٽان فارص ۽ زرح پيدا ٿيا: ۽ فارص مان حصرون پيدا ٿيو: ۽ حصرون مان رامہ پيدا ٿيو:


۽ ساڻس ختني جو عهد ڪيائين. پوءِ ابراهيم کي اسحاق ڄائو، ۽ هن اٺين ڏينهن هن جو ختنو ڪيو؛ ۽ اسحاق مان يعقوب، ۽ يعقوب مان ٻارهن قبيلن جا بزرگ پيدا ٿيا.


ايمان ئي جي ڪري سارہ پاڻ بہ ٻڍاپي ۾ حاملہ ٿيڻ جي طاقت حاصل ڪئي، سو هن ڪري جو هن واعدي ڪرڻ واري کي سچو سمجهيو:


ڇالاءِ جو اها ڳالهہ ظاهر آهي، تہ اسان جو خداوند يهوداهہ جي قبيلي مان آهي، جنهن قبيلي بابت موسيٰ ڪاهنن جي نسبت ۾ ڪي ڪين چيو.


يهوداہ جي قبيلي مان ٻارهن هزارن تي مهر لڳي: روبين جي قبيلي مان ٻارهن هزارن تي: گاد جي قبيلي مان ٻارهن هزارن تي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ