Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 1:16 - Sindhi Bible

16 ۽ يعقوب مان يوسف پيدا ٿيو، جو مريم جو مڙس هو؛ جنهن جي پيٽان يسوع پيدا ٿيو، جو مسيح سڏبو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

16 يعقوب مان يوسف پيدا ٿيو جيڪو مريم جو پتي هو ۽ انهيءَ مريم جي پيٽان يسوع پيدا ٿيو جيڪو مسيح سڏيو وڃي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 يعقوب مان يوسف پيدا ٿيو جيڪو مريم جو مڙس هو ۽ انهيءَ مريم جي پيٽان عيسيٰ پيدا ٿيو جيڪو مسيح سڏيو وڃي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

16 يعقوب مان يوسف پيدا ٿيو جيڪو مريم جو مڙس ھو ۽ انھيءَ مريم جي پيٽان عيسيٰ پيدا ٿيو جيڪو مسيح سڏيو وڃي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 1:16
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اليئود مان اليعاذار پيدا ٿيو: ۽ اليعاذار مان متان پيدا ٿيو: ۽ متان مان يعقوب پيدا ٿيو.


۽ شمعون پطرس ورندي ڏيئي چيو تہ تون مسيح، زندہ خدا جو فرزند آهين.


تڏهن هن شاگردن کي تاڪيد ڪري چيو تہ اوهين ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي متان چئو تہ هي مسيح آهي.


هاڻي جڏهن هو روانا ٿيا، تڏهن ڏسو، خدا جي هڪڙي ملائڪ يوسف کي خواب ۾ ڏيکاري ڏيئي چيو تہ اُٿ ۽ هن ننڍي ٻار ۽ سندس ماءُ کي وٺي مصر ملڪ ۾ ڀڄي وڃ ۽ اُتي ئي رهجانءِ، جيسين ڪ آئون توکي چوان: ڇالاءِ جو هيروديس انهي ننڍي ٻار کي ماري کپائڻ لاءِ اُن جي ڳولا ڪندو.


تنهنڪري جڏهن هو اچي گڏ ٿيا، تڏهن پلاطس چين تہ اوهان جي ڪهڙي مرضي آهي، تہ اوهان جي خاطر ڪنهن کي ڇڏي ڏيان؟ برابا کي يا يسوع کي، جو مسيح ٿو سڏجي؟


پلاطس چين تہ تڏهن آئون يسوع کي ڇا ڪريان، جنهن کي مسيح ٿا چون؟ سڀني چيو تہ صليب تي چاڙهيوس.


هي اُهو واڍو نہ آهي ڇا، جو مريم جو پٽ، ۽ يعقوب، ۽ يوسيس، ۽ يهوداہ، ۽ شمعون جو ڀاءُ آهي؟ ۽ هن جون ڀينرون هتي اسان وٽ ڪينهن ڇا؟ سو هنن کيس قبول نہ ڪيو.


جا دائود جي گهراڻي جي هڪ يوسف نالي شخص سان مڱيل هئي؛ ۽ انهيءَ ڪنواريءَ جو نالو مريم هو.


۽ جڏهن هنن کيس ڏٺو، تڏهن عجب وٺي وين، ۽ ماڻس چيس، تہ پٽ، تو اسان سان هيئن ڇو ڪيو؟ ڏس، تنهنجي پيءُ ۽ مون ڏاڍي ڏک ۾ توکي پئي ڳوليو آهي.


۽ انهيءَ پنهنجو پهريتو پٽ ڄڻيو، تنهن کي ٻاروتن ۾ ويڙهي آهر ۾ کڻي رکيائين، ڇوتہ اُنهن لاءِ سراءِ ۾ جاءِ ڪانہ هئي.


۽ جڏهن يسوع پاڻ بہ تعليم ڏيڻ لڳو، تڏهن اٽڪل ٽيهن ورهين جي عمر هيس، (۽ ماڻهن جي ليکي) يوسف جو پٽ هو، ۽ يوسف عيليءَ جو.


۽ سڀني سندس لاءِ شاهدي ڀري، ۽ جيڪي فضل ڀريون ڳالهيون سندس واتان نڪتيون، سي ٻڌي عجب کاڌائون ۽ چوڻ لڳا تہ هي يوسف جو پٽ نہ آهي ڇا؟


زال چيس، تہ مون کي خبر آهي تہ مسيح اچڻو آهي (جنهن کي ڪرستس ڪري ٿا چون)، جڏهن اُهو ايندو، تڏهن اسان کي سڀ ڳالهيون ٻُڌائيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ