Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 1:12 - Sindhi Bible

12 ۽ بابل ڏي گرفتار ٿي وڃڻ کان پوءِ يڪنياهہ مان شئلتي ايل پيدا ٿيو: ۽ شئلتي ايل مان زربابل پيدا ٿيو:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

12 انهن ماڻهن جي بابل ڏانهن جلاوطن ٿي وڃڻ کان پوءِ يهوياڪين مان سيالتي‌ايل پيدا ٿيو ۽ سيالتي‌ايل مان زربابل پيدا ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 انهن ماڻهن جي بابل ڏانهن جلاوطن ٿي وڃڻ کان پوءِ يهوياڪين مان سيالتي‌ايل پيدا ٿيو ۽ سيالتي‌ايل مان زربابل پيدا ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

12 انھن ماڻھن جي بابل ڏانھن گرفتار ٿي وڃڻ کان پوءِ يڪنياہ مان شئلتي⁠ايل پيدا ٿيو ۽ شئلتي⁠ايل مان زربابل پيدا ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 1:12
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هو ساري يروشلم کي، ۽ سڀني شهزادن کي، ۽ سڀني همت وارن پهلوانن کي، جي ڏهہ هزار قيدي هئا، ۽ سڀني ڪاريگرن ۽ هنر وارن ماڻهن کي وٺي ويو؛ ملڪ جي تمام غريب ماڻهن کان سواءِ ٻيو ڪوبہ باقي ڪونہ رهيو.


۽ يهوداہ جي بادشاهہ يهوياڪين جي قيد ٿيڻ جي ستٽيهين ورهيہ جي ٻارهين مهيني جي ستاويهين تاريخ هيئن ٿيو تہ اِويل مرودڪ، بابل جي بادشاهہ، پنهنجي بادشاهيءَ جي شروع ڪرڻ واري سال ۾ يهوداہ جي بادشاهہ يهوياڪين کي قيد مان ڪڍي سرفراز ڪيو؛


۽ يڪونياہ قيديءَ جا پٽ؛ ان جو پٽ سيالتي ايل،


تڏهن يشوع بن يوصدق ۽ سندس ڀائر جي ڪاهن هئا ۽ زربابل بن سالتي ايل ۽ سندس ڀائر اُٿي بيٺا، ۽ اسرائيل جي خدا جي قربانگاهہ جوڙيائون، انهيءَ لاءِ تہ اُنهيءَ تي سوختني قربانيون چاڙهين، جيئن ڪ خدا جي ٻانهي موسيٰ جي شريعت ۾ لکيل آهي.


تڏهن زربابل بن سالتي ايل، ۽ يشوع بن يوصدق اُٿيا، ۽ خدا جو گهر، جو يروشلم ۾ آهي، سو جوڙڻ لڳا؛ ۽ انهن سان خدا جا نبي شامل هئا، جن انهن کي مدد ڏني.


هاڻي جيڪي ڪاهن ۽ لاوي، زربابل بن سالتي ايل، ۽ يشوع سان گڏ موٽي آيا، سي هي آهن، سراياہ، يرمياہ، عزرا؛


خداوند ٿو فرمائي، تہ مون کي پنهنجيءَ حياتيءَ جو قسم آهي تہ جيتوڻيڪ يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم جو پٽ ڪونياہ منهنجي ساڄي هٿ جي منڊي وانگي هجي، تہ بہ آءٌ جيڪر توکي اتان پٽي ڪڍي ڇڏيان؛


اهو ماڻهو ڪونياہ نفرت جهڙو ڀڳل ٿانو آهي ڇا؟ هو اهڙو ٿانو آهي ڇا جو پسند ڪرڻ جهڙو ناهي؟ ڇالاءِ هو ۽ ان جو اولاد ٻاهر ڪڍيا ويا آهن ۽ انهي ملڪ ۾ ڦٽا ڪيا ويا آهن، جن جي هنن کي خبر ئي ڪانهي؟


خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهين هن ماڻهوءَ کي بي اولاد ڪري لکو، اهڙو ماڻهو جو پنهنجي حياتيءَ جي ڏينهن ۾ سکيو نہ رهندو: ڇالاءِ جو ڪوبہ ماڻهو سندس نسل مان اهڙو اقبال وارو نہ ٿيندو جو دائود جي تخت تي ويهي، ۽ وري اڳتي يهوداہ ۾ بادشاهي ڪري.


جي بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر تڏهن کڻي نہ ويو جڏهن هو يهوداہ جي بادشاهہ يڪونياہ بن يهويقيم کي، ۽ يهوداہ، ۽ يروشلم جي سڀني اميرن کي يروشلم مان بابل ڏي قيد ڪري ويو:


دارا بادشاهہ جي ٻئي سال ۾، ڇهين مهيني جي پهرين تاريخ، خداوند جو ڪلام حجيءَ نبيءَ جي معرفت، يهوداہ جي والي زروبابل بن سيالتي ايل، ۽ ڪاهنن جي سردار يشوع بن يهوصدق تي نازل ٿيو،


تڏهن زروبابل بن سيالتي ايل، ۽ يشوع بن يهوصدق، سردار ڪاهن، قوم جي سڀني باقي رهيلن سميت، خداوند پنهنجي خدا جو حق مڃيو، ۽ حجي نبيءَ جون ڳالهيون بہ مڃيون، جنهن کي خداوند سندن خدا موڪليو هو؛ ۽ سڀ خداوند جي حضور ۾ خوف ڪرڻ لڳا.


۽ خداوند يهوداہ جي والي زروبابل بن سيالتي ايل جي روح کي، ۽ سردار ڪاهن يشوع بن يهوصدق جي روح کي، ۽ قوم جي سڀني باقي رهيلن جي روح کي سجاڳ ڪيو، ۽ هو، لشڪرن جي خداوند، يعني پنهنجي خدا جي گهر ۾ ڪم ڪرڻ لڳا.


يهوداہ جي والي زروبابل بن سيالتي ايل، ۽ سردار ڪاهن يشوع بن يهوصدق کي، ۽ قوم جي باقي رهيلن کي مخاطب ٿي چئُہ، تہ


لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي تہ انهي ڏينهن، اي منهنجا ٻانها زروبابل، سيالتي ايل جا پٽ، آءٌ توکي وٺندس، ۽ خداوند ٿو فرمائي تہ آءٌ توکي نگينہ منڊيءَ وانگي ڪندس: ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ مون توکي چونڊيو آهي.


۽ جن ڏينهن ۾ هو گرفتار ٿي بابل ڏي ويا، تن ڏينهن ۾ يوشياہ مان يڪنياهہ ۽ سندس ڀائر پيدا ٿيا.


۽ زربابل مان ابيئود پيدا ٿيو: ۽ ابيئود مان الياقيم پيدا ٿيو: ۽ الياقيم مان عازور پيدا ٿيو:


انهي طرح ابراهيم کان وٺي دائود تائين مڙيئي چوڏهن پيڙهيون ٿيون؛ ۽ دائود کان وٺي بابل ڏي گرفتار ٿي وڃڻ تائين چوڏهن پيڙهيون؛ ۽ بابل ڏي گرفتار ٿي وڃڻ کان وٺي مسيح تائين چوڏهن پيڙهيون.


۽ اُهو يوحنا جو، ۽ اُهو ريسا جو، ۽ اُهو زروبابل جو، ۽ اُهو شئلتي ايل جو، اُهو نيريءَ جو،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ