Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ملاڪيءَ 4:1 - Sindhi Bible

1 ڇالاءِ جو ڏس اُهو ڏينهن اچي ٿو جو کوري وانگر ٻرندڙ آهي؛ تڏهن سڀ هٺيلا، ۽ سڀ بڇڙائي ڪندڙ بهہ وانگي ٿيندا: ۽ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ اُهو ڏينهن هنن کي اهڙو ساڙيندو جو نڪي ٽاري نڪي پاڙ بچندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”جڏهن اهو ڏينهن ايندو تڏهن سڀ مغرور ۽ برا ڪم ڪندڙ بُهہ وانگر ساڙيا ويندا. اهو ڏينهن کوري وانگر ساڙيندڙ هوندو ۽ کين ساڙي رک ڪري ڇڏيندو. اهو سندن پاڙن ۽ ٽارين کي بہ ساڙي ڇڏيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ملاڪيءَ 4:1
37 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن جون پاڙون هن جي هيٺيان سڪي وينديون، ۽ مٿي هن جي ٽاري وڍي ويندي.


تو زمين جي سڀني بدڪارن کي مَٺ وانگي ڪڍي ڦٽو ڪيو آهي: تنهن ڪري آءٌ تنهنجين شاهدين کي پيار ٿو ڪريان.


ڇالاءِ جو بدڪار تباهہ ٿي ويندا: پر جيڪي خداوند جا منتظر آهن سي زمين جا وارث ٿيندا.


جيڪي تنهنجي برخلاف اُٿن ٿا، تن کي تون پنهنجيءَ عظمت جي بزرگيءَ سان ڪيرائي ٿو ڇڏين؛ تون پنهنجو غضب موڪلين ٿو، ۽ اهو انهن کي بوسي جي ٻورن وانگي ساڙي چٽ ڪري ٿو ڇڏي.


هائو، اهي ٿڏن وانگي نہ لڳايا ويا آهن؛ هائو، اهي نہ پوکيا ويا آهن؛ هائو، هنن جي ٿُڙ زمين ۾ پاڙ نہ هنئي آهي: تنهن کان سواءِ هو انهن تي ڦوڪي ٿو ۽ اهي ڪومائجي وڃن ٿا، ۽ واچوڙو انهن کي بهہ وانگي کڻي ٿو وڃي.


ڪنهن اُڀرندي کان هڪڙي کي کڙو ڪيو آهي، جنهن کي هن راستبازيءَ سان پنهنجن قدمن ۾ سڏيو آهي؟ هو قومن کي هن جي حوالي ٿو ڪري، ۽ هن کي بادشاهن جي مٿان حاڪم ٿو ڪري: هو انهن کي مٽيءَ وانگي هن جي ترار جي، ۽ بهہ وانگي هن جي ڪمان جي حوالي ٿو ڪري.


ڏس، اهي بُهہ جهڙا ٿيندا؛ باهہ انهن کي ساڙي ڇڏيندي؛ اهي باهہ جي زور کان پاڻ کي ڇڏائي نہ سگهندا: اهي اهڙا ٽانڊا نہ هوندا، جن تي پاڻ کي سيڪجي، نڪي اهڙي باهہ هوندين جنهن جي اڳيان ويهجي.


تنهن ڪري جيئن باهہ جو شعلو بت کي کائي وڃي ٿو، ۽ جيئن سڪل گاهہ شعلي ۾ ڳيسجي وڃي ٿو، تيئن هنن جي پاڙ سڙي ڪِني ٿي ويندي، ۽ انهن جو ٻُور مٽيءَ وانگر اُڏامي ويندو: ڇالاءِ جو هنن لشڪرن جي خداوند جي شريعت رد ڪئي آهي، ۽ اسرائيل جي پاڪ وجود جو ڪلام ڌڪاريو آهي.


ڇالاءِ جو شرارت باهہ وانگي ساڙي ٿي، اها ڪانڊيرا ۽ ڪنڊا کايو وڃي؛ هائو اها ٻيلي جي گهاٽن ٻوڙن کي ڀڙڪائي ٿي، ۽ اهي دونهين جي گهاٽن ڪڪرن ۾ ڦرندا مٿي چڙهي وڃن ٿا.


لشڪرن جي خداوند جي ڪاوڙ ڪري زمين سڙي وئي آهي: ماڻهو بہ باهہ جي ڪاٺين وانگر آهن؛ ڪوبہ ماڻهو پنهنجي ڀاءُ جي رعايت نٿو رکي.


۽ آءٌ اوهان منجهان جيڪي باغي آهن ۽ منهنجي برخلاف گناهہ ٿا ڪن، سي ڪڍي ڇڏيندس؛ جنهن زمين ۾ هو رهن ٿا اُتان هنن کي ٻاهر ڪڍندس، پر هو اسرائيل جي زمين ۾ داخل نہ ٿيندا؛ ۽ اوهين ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان.


تون باهہ لاءِ ڪاٺين جي بجاءِ ٿيندين؛ تنهنجو رت اُنهي زمين جي وچ ۾ وهندو؛ تون وري اڳتي ياد ڪيو نہ ويندين: ڇالاءِ جو مون خداوند ائين فرمايو آهي.


پوءِ انهي کي خالي ڪري ٽانڊن تي رکي ڇڏيو تہ اُها گرم رهي، ۽ ان جو پتل سڙي، ۽ ان جي گندگي ان ۾ پگهري وڃي، ۽ ڪٽ سڙي کپي وڃي.


باقي اي منهنجا ڌڻ، اوهان جي بابت خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو، آءٌ جانور ۽ جانور جي وچ ۾، توڙي گهٽن ۽ ٻڪرن جي وچ ۾ انصاف ٿو ڪريان.


ڏس، اُهو ڏينهن اچي ٿو: تنهنجي سزا نڪتي آهي؛ لٺ ٻور جهليو آهي؛ مغروريءَ مُکڙيون ڪڍيون آهن.


اوهين صيون ۾ قرناءِ وڄايو، ۽ منهنجي پاڪ جبل تي خوف جي خبر ڏيو؛ ڀلي تہ ملڪ جا سڀ رهاڪو ڏڪي وڃن: ڇالاءِ جو خداوند جو ڏينهن اچي ٿو، اهو تمام ويجهو آهي؛


سج ڦري اونداهي ٿي ويندو، ۽ چنڊ بدلجي رت ٿي پوندو: اهو سڀ خداوند جي وڏي ۽ خوفناڪ ڏينهن جي اچڻ کان اڳي ٿيندو.


مون سندن آڏو انهيءَ اموريءَ کي ناس ڪيو جنهن جو قد ديودار جي قد جيڏو هو، ۽ جو شاهہ بلوطن جهڙو مضبوط هو، انهي هوندي بہ مون مٿان سندس ميوو ۽ هيٺان سندس پاڙون ناس ڪيون.


۽ يعقوب جو گهراڻو هڪڙي باهہ ٿيندو ۽ يوسف جو گهراڻو شعلي وانگر ٿيندو، ۽ عيسو جو گهراڻو بهہ ٿيندو، ۽ اُهي هنن جي وچ ۾ ٻرندا ۽ هنن کي ساڙي ڇڏيندا: ۽ عيسو جي گهراڻي مان هڪڙو بہ نہ بچندو؛ ڇالاءِ جو خداوند ائين فرمايو آهي.


جيتوڻيڪ هو ڳتيل ڪنڊن وانگر آهن، ۽ ڄڻ تہ شراب ۾ پُسيل آهن، تہ بہ سُڪل بهہ وانگي سڙي چٽ ٿي ويندا.


خداوند جو وڏو ڏينهن ويجهو آهي، اُهو ويجهو آهي، ۽ تمام جلد ايندو، بلڪ خداوند جي ڏينهن جو آواز ٿو اچي؛ زور وارو ماڻهو اُتي زار زار روئي ٿو.


خداوند جي غضب جي ڏينهن هنن جو سون يا روپو هنن کي ڇڏائي نہ سگهندو؛ پر سڄي زمين کي هن جي غيرت جي باهہ ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندي: ڇالاءِ جو هو انهي ملڪ جي سڀني رهاڪن جي پڄاڻي، بلڪ خوفناڪ پڄاڻي ڪندو.


ڏس، خداوند جو ڏينهن اچي ٿو، جڏهن تنهنجو مال ڦرجي تنهنجي وچ ۾ ورهايو ويندو.


۽ هاڻي اسين مغرور ماڻهوءَ کي خوشنود ٿا چئون؛ هائو، اُهي جي شرارت جا ڪم ٿا ڪن، سي آباد آهن؛ هائو، اُهي خداوند کي آزمائين ٿا ۽ ڇُٽي وڃن ٿا.


تڏهن اوهين موٽندا، ۽ شرير ۽ سچار جي وچ ۾، ۽ خداوند جي عبادت ڪندڙ ۽ بي دين جي وچ ۾ امتياز ڪندا.


پر هن جي آمد جو ڏينهن ڪير سهي سگهندو؟ ۽ جڏهن هو ظاهر ٿيندو، تڏهن ڪير بيهي سگهندو؟ ڇالاءِ جو هو سوناري جي باهہ ۽ ڌوٻيءَ جي صابڻ وانگي آهي:


۽ هو سوناري وانگر ويهي بني لاويءَ کي سون ۽ چانديءَ وانگي پاڪ صاف ڪندو؛ تہ هو سچائيءَ سان خداوند جي حضور نذرانا آڻين.


ڏسو، خداوند جي عظيم ۽ خوفناڪ ڏينهن جي اچڻ کان اڳي آءٌ ايلياہ نبيءَ کي اوهان وٽ موڪليندس.


جنهن کي پنهنجو ڇڄ هٿ ۾ آهي، ۽ اُهو پنهنجي ڳاهہ جي پڙ کي چڱيءَ طرح صفا ڪندو، ۽ پنهنجي ڪڻڪ ڀانڊي ۾ گڏ ڪري رکندو؛ پر بهہ کي اهڙيءَ باهہ ۾ ساڙيندو جا وسامڻ جي ئي ڪانهي.


ڇوتہ اُهي ڏينهن توتي اچي ڪڙڪندا، جڏهن تنهنجا دشمن تنهنجي چوڌاري مورچو ٻَڌي توکي ويڙهي ويندا، ۽ چوطرف اچي توکي سوڙهو گهٽيندا!


پر جڏهن اوهين ڏسو تہ يروشلم کي لشڪر گهيري ويا آهن، تڏهن ڄاڻجو تہ سندس ويران ٿيڻ جو وقت ويجهو آهي.


انهي ڏينهن اوهين سرها ٿجو، ۽ خوشيءَ وچان ٽپا ڏجو: جو ڏسو تہ آسمان ۾ اوهان جو اجر وڏو آهي: ڇو تہ هنن جا ابا ڏاڏا بہ نبين سان اهڙا ئي ساڳيا پار هليا هئا.


۽ جيڪي خدا کي نٿا سڃاڻن ۽ جيڪي اسان جي خداوند يسوع جي خوشخبري نٿا مڃين، تن کان بدلو وٺندو.


۽ آسمان ۽ زمين جي موجود آهن، سي انهي ساڳئي ڪلام جي وسيلي هن لاءِ رکيا ويا آهن، تہ ساڙيا وڃن، ۽ اُهي عدالت جي ڏينهن ۽ بي دين ماڻهن جي برباديءَ تائين موجود رهندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ