Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ملاڪيءَ 3:8 - Sindhi Bible

8 ڪو ماڻهو خدا جي چوري ڪندو ڇا؟ تہ بہ اوهين منهنجي چوري ٿا ڪريو، ۽ چئو ٿا تہ ڪهڙي ڳالهہ ۾ اسان تنهنجي چوري ڪئي آهي؟ ڏهاڪيءَ ۽ نذرانن ۾.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 ڀلا ڪو انسان مون خدا سان بہ ٺڳي ڪندو؟ پر اوهين مون سان ٺڳي ٿا ڪريو ۽ وري پڇو بہ ٿا تہ ’ڪهڙيءَ ڳالهہ ۾ اسين تو سان ٺڳي ٿا ڪريون؟‘ اوهين ڪمائيءَ جي ڏهين حصي ۽ نذرانن ڏيڻ ۾ مون سان ٺڳي ٿا ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ملاڪيءَ 3:8
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند جي اهڙي تعريف ڪريو جا سندس نالي جي لائق آهي؛ پاڪيزگيءَ جي جمال سان خداوند جي عبادت ڪريو.


ڪو اهڙو آهي جو گهڻو خرچي ٿو تہ بہ وڃي ترقي ڪندو؛ ۽ ڪو اهڙو آهي جو مناسب حد کان وڌيڪ ڪنجوسائي ڪري ٿو تہ بہ وڃي ڪنگال ٿيندو.


تو پنهنجين سوختني قربانين لاءِ ننڍو چوپايو مال منهنجي حضور ۾ نہ آندو آهي؛ نڪي پنهنجين قربانين سان مون کي عزت ڏني اٿيئي. مون توکي نذرانن آڻڻ لاءِ لاچار ڪونہ ڪيو، نڪي لوبان ساڙڻ لاءِ توکي ٿڪايم.


۽ پنجين ورهيہ اوهين ڀلي اُنهي جو ميوو کائجو تہ اوهان جي لاءِ انهن جو ڦل وڌيڪ ٿئي: آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.


تڏهن هن مون کي چيو تہ هيءَ اُها لعنت آهي جا سڄي ملڪ تي نازل ٿيندي: ۽ انهيءَ موجب سڀڪو چور، ۽ ڪوڙي قسم کائڻ وارو هتان وڍيو ويندو.


۽ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهين ائين بہ ٿا چئو تہ ڏس هيءَ ڪهڙي بيزار ڪندڙ شيءِ آهي! ۽ اوهان اُنهيءَ تي نڪ موڙيو آهي؛ اوهان لُٽ جو مال، منڊو ۽ بيمار نذرانو ڪري آندو آهي: ۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ اهو آءٌ اوهان جي هٿان وٺندس ڇا؟


لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ جڏهن اوهين انڌن جي قرباني ٿا چاڙهيو، تہ اُها ڪا بڇڙائي ناهي! يا جڏهن منڊي يا بيمار جي قرباني ٿا چاڙهيو، تہ انهي ۾ ڪا برائي ڪانهي! هاڻي اهي قربانيون کڻي پنهنجي حاڪم کي ڏي، تہ هو تو مان راضي ٿيندو ڇا؟ يا توکي قبول ڪندو ڇا؟


هنن چيس تہ قيصر جا آهن؛ تڏهن چيائين تہ چڱو جيڪي قيصر جو آهي سو قيصر کي ڏيو، ۽ جيڪي خدا جو آهي، سو خدا کي.


تنهن تي يسوع چين، تہ جيڪي قيصر جو آهي سو قيصر کي، ۽ جيڪي خدا جو آهي سو خدا کي ڏيو. ۽ هنن کي مٿس ڏاڍو عجب لڳو.


تنهن تي هن چين، تہ تنهنڪري جيڪي قيصر جو آهي سو قيصر کي ڏيو، ۽ جيڪي خدا جو آهي سو خدا کي.


سڀني جو حق ادا ڪريو: جنهن کي ڍل ڏيڻي هجي، تنهن کي ڍل ڏيو؛ جنهن کي محصول ڏيڻو هجي، تنهن کي محصول ڏيو؛ جنهن کان ڊڄڻ گهرجي، تنهن کان ڊڄو، جنهن جي عزت ڪرڻ گهرجي، تنهن جي عزت ڪريو.


تون جو چوين ٿو، تہ زنا نہ ڪر، سو پاڻ زنا ٿو ڪرين ڇا؟ تون جو بُتن کان نفرت ٿو ڪرين، سو مندرن کي ڦرين ٿو ڇا؟


اسرائيل گناهہ ڪيو آهي؛ ۽ جيڪو عهد اقرار مون هنن سان ڪيو هو سو بہ ڀڳو اٿن: ڇالاءِ جو هنن لعنت ڪيل شين مان بہ ڪا کنئي آهي، ۽ چوري، ٺڳي بہ ڪئي اٿن: ۽ اُها شيءِ کڻي پنهنجي سامان ۾ رکي اٿن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ