ملاڪيءَ 3:7 - Sindhi Bible7 اوهين پنهنجن ابن ڏاڏن جي زماني کان وٺي منهنجن حڪمن کان ڦري ويا آهيو، ۽ انهن جي تعميل نہ پئي ڪئي اٿوَ. لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهين مون وٽ موٽي اچو، ۽ آءٌ اوهان وٽ موٽندس. پر اوهين چئو ٿا تہ اسين ڪهڙي ڳالهہ ۾ موٽون؟ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible7 اوهين پنهنجي ابن ڏاڏن جي زماني کان وٺي منهنجي شريعت جي اصولن کي نہ مڃيندي انهن جي ڀڃڪڙي ڪندا آيا آهيو. اوهين مون آڏو توبهہتائب ٿيو تہ آءٌ بہ وري اوهان تي مهربان ٿيان. پر اوهين چئو ٿا تہ ’اسين ڪهڙيءَ ڳالهہ لاءِ توبهہتائب ٿيون؟‘ အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
ڇالاءِ جو جڏهن مون هنن کي انهي زمين ۾ آندو هو جنهن جي کين ڏيڻ لاءِ مون قسم کنيو، تڏهن هنن سڀ ڪنهن مٿانهين ٽڪريءَ ۽ سڀ ڪنهن ٿلهي وڻ ڏانهن نگاهہ ڪئي، ۽ اُتي پنهنجون قربانيون چاڙهيائون، ۽ اُتي پنهنجو ڪاوڙ ڏيارڻ جهڙو نذرانو پيش ڪيائون؛ ۽ اُتي پنهنجون خوشبودار شيون رکيائون ۽ پيئڻ واريون قربانيون بہ اوتيائون.